آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آڏواڻي هندن جي هڪ خاندان جو نالو، ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ موجب انهيءَ نک وارا امرتسر ۽ ملتان ۾ به آهن ۽ اروڙ ونسي سڏجن ٿا. آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان آڏومل ولد کلومل ولد جسومل ڳوٺ ملتان لڳ لوهپور جو ويٺل، ميان نور محمد ڪلهوڙي سان سنڌ ۾ آيو هو. پهرئين گهرواري پنجاب مان پرڻيو هو، جنهن مان ٽي پٽ هئس. چندو مل، ڏتومل ۽ لکو مل. اهي ٽئي پاڻ سان آندا هئائين. پهرين گهر واري گذاري ويس ته ٻئي شادي، ديهه ٺٽ تعلقي نوشهري فيروز مان، سيٺ آڏو مل جي گهران پرڻيو يعني سهرو ۽ ناٺي ٻنهي جو نالو آڏومل. انهيءَ ٻئي گهر مان چار پٽ ڄاوس، بهارومل، سندر داس، وسايومل ۽ ٺارو مل. ٺارو مل ڄائي ڄم کان اکين کان سڄو هو، جنهنڪري سڄي ڄمار ڪنوارو رهيو. سڏيندائي ”ٺارو جَتي“ هئس. سندس سمانڌ اڄ تائين ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه جي اڳوڻي آڏواڻي گهٽيءَ واري گهر ۾ آهي.
ديوان آڏومل، ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ شمشيرزن هو، پاڻ ٻن پٽن سميت مغلن جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. اهي ٻئي پٽ بي اولاد هئا ۽ ٽيون پٽ ٺارومل عمر ڀر ڪنوارو رهيو. باقي چار پٽ ايتري قدر وڌيا ويجهيا، جو آڏواڻين جا سوين گهر ٿي ويا. انهيءَ سبب آڏواڻين جون جدا جدا شاخون به آهن.[1]