آچر درويش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي درويش ٺٽي جو ڀوڳڙي (ڀڳڙا ٺاهيندڙ يا وڪڻندڙ) هو. هو ڪاني ڪرامت جو صاحب سمجهيو ٿي ويو. ٺٽي جا ڪيترائي معزز ماڻهو ۽ سيد سندس مريد هئا، ٺٽي جو مشهور عالم سيد علي ثاني شيرازي به سندس مريدن مان هڪ هو. سندس ڪيترائي نقل ۽ واقعا مشهور آهن (ڏسو: تحفة الڪرام). جڏهن ٺٽي جي سيدن مان سندس مريديءَ جو ڳاڻيٽو وڌندو ويو ته انهن کي ان ڳالهه جو خار محسوس ٿيڻ لڳا ته اسان سيدن جو اولاد آچر درويش جو مريد ٿئي، اهڙيءَ طرح انهن هر طرح کيس تنگ ڪيو، ۽ شهر مان بي دخل ڪيو پوءِ هو گجرات هليو ويو. سندس مريد سيد علي ثاني درويش جو ڏس پڇائيندو وڃي کيس مليو .[1]

حوالا[سنواريو]