آچاريا شنڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آچاريا شنڪر (780ء-820ء) هندو مذهب جو زبردست عالم ۽ مبلغ، جنهن ويدانيت ۽ لادوئيءَ جي تعليم ڏني. مالابار ۾ جنم وٺندڙ شنڪر آچاريا کي ٻڌمت خلاف زبردست مهم هلائڻ جي ڪري مقبوليت حاصل ٿي. هن ٻڌمت جي عالمن سان ڪيترائي مناظرا ۽ بحث ڪيا ۽ کين مات ڏني. هن هندو مذهب جي پرچار لاءِ درسگاهون به قائم ڪيون. هن ديوتائن ۾ ”برهما“ کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني. هن برهما جي تقدس ۽ ويدن جي تشريح ڪئي آهي. سندس خيال موجب دنيا پنهنجو پاڻ ئي وجود ۾ نه آئي بلڪه برهما جي آتما سان پيدا ٿي. آچاريا شنڪر جي وفات ڪشمير جي ڪيدار ناٿ شهر ۾ ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]