آپريشن بِلو اسٽار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندستان جي رياست پنجاب (Punjab) ۾ سِکن خلاف آپريشن بِلو اسٽار (Operation Blue Star) جي نالي سان هڪ خوني آپريشن ڪيو ويو هو. هاڻوڪي امرتسر (Amritsar) ۾ سِکن جي چوٿين گُرو رام داس (Guru Ram Daas) هڪ تلاءَ جي کوٽائي ڪرائي ۽ ان تلاءَ کي امرت سروور جو نالو ڏنو، ۽ گُرو ارجن ان تلاءَ جي وچ ۾ ”ھرمندر“ جي تعمير ڪئي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ صوفي بزرگ حضرت ميان مير سنڌيءَ (Sufi Saint Hazrat MiyaanMeer Sindhi) کي ان گوردواري جي پيڙھ جو پٿر رکڻ جي گذارش ڪئي. جڏهن هندستاني آئين ۾ سک ازم کي الڳ مذهب مڃڻ بدران هندو ڌرم جو ئي هڪ فرقو سڏيو ويو ته سکن کي اها ڳالھ نه وڻي سنت جرنيل سنگھ ڀنڊروالا (Sant Jarnail Singh Ji Bhindranwala) اڪالي تخت (Akaali Takhut) سنڀاليندي ئي هندستان سان بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ امرتسر واري سونھري گُردواري (Golden Temple) کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ته 1984ع ۾ جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ اندرا گانڌي (Indira Gandhi) جي حڪومت بلو اسٽار نالي آپريشن ڪندي اڪالي تخت ۽ گولڊن ٽيمپل تي ڪاهه ڪري ڇڏي. ان ڏينهن هڪ سک گُروءَ جي ورسي هئي، جنهن ڪري وڏي انگ ۾ مرد عورتون ۽ ٻار سونهري درٻار اندر موجود هئا، گوليون لڳڻ سبب ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺيون. قديم علمي لائبريري ڇار جي ڍير ۾ تبديل ٿي وئي. پوءِ هندستان جي حڪومت پنهنجي خرچ تي گولڊن ٽيمپل جي ٻيھر تعمير ڪرائي، پر سکن ان کي نه قبوليو ۽ ان حڪومتي تعمير کي ڊاهي پٽ ڪري، سڄي دنيا جي سکن وٽان چندا گڏ ڪري سونهري گُنبذ جي ساڳي نموني ۾ اڏاوت ڪئي، جهڙي خوني آپريشن کان اڳ هئي. سِکن پنهنجي پيارن جي خون ۽ عقيدي جي مينارن جي بي عزتيءَ کي برداش نه ڪيو ۽ آخر پنڊت جواهر لعل نهرو (Jawaharlal Nehru) جي ڌيءَ ۽ هندستان جي پرڌان منتري اندرا گانڌي جي ڇاتي ۾ بارود لاھي پنهنجو انتقام ورتو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. آپريشن بِلو اسٽار | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-06-01 
  2. افضل شر