آوران
ڏيک
آواران [lower-alpha 1] بلوچستان جي ڏکڻ ۾ آواران ضلعي ۾ واقع هڪ شهر آهي. شهر جي آبادي 28,780 آهي ۽ اهو سمنڊ جي سطح کان 529 ميٽر جي اوچائيءَ تي واقع آهي. آواران ضلعي ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي ۽ هڪ يونين ڪائونسل پڻ آهي.[2]
سيپٽمبر 2013ع ۾ هڪ طاقتور زلزلي ضلعي کي لوڏي ڇڏيو. زلزلي جي شدت رختر پيماني تي 7.7 هئي ۽ ان جو مرڪز آواران کان لڳ ڀڳ 66 ڪلوميٽرs (41 mi) اتر-اتر اولهه ۾ واقع هو.[2][3] هن آفت سبب گهٽ ۾ گهٽ 386 ماڻهو فوت ٿيا ۽ آواران شهر سميت سڄي ضلعي ۾ 80٪ گهرن کي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Table 1: Area, Population by Sex, Sex Ratio, Population Density, Urban Population, Household Size and Annual Growth Rate, Balochistan" (PDF). pbs.gov.pk (انگريزي ۾). پاڪستان شماريات بيورو، آدمشماري. 2023. 19 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Mengal, Mamoon U R; Mahar, Waqas A. (2018). "Disaster mitigation strategies for adobe houses: A case study of District Awaran, Balochistan, Pakistan" (PDF). orbi.uliege.be (انگريزي ۾). ليئج يونيورسٽي. 19 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan earthquake: Hundreds dead in Balochistan". bbc.com. بي بي سي نيوز. 24 September 2013. 19 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Jajja, Sumaira (3 November 2013). "Special report: The Awaran earthquake – Fear in a handful of dust". dawn.com (انگريزي ۾). ڊان. 19 August 2025 تي حاصل ڪيل.