آهت
ڏيک
آھت، ڪڙمي، ڪاسبي يا ڪنهن ٻئي مُهاڙيءَ کي ساليانو، فصل لهڻ تي سندس خدمتن عيوض آهت ڏنو ويندو آهي. سنڌ ۾ اڳي فصل لهڻ تي بٽئيءَ وقت ڪمين ڪاسبين ۽ ٻين مُهاڙين کي ساليانو ٻنڌاڻ يا لاڳ فصل مان وچان ڪڍي ڏبو هو: جيئن مسجد لاءِ هڪ ٽويو، مُلان لاءِ هڪ ٽويو، ڪنڀار لاءِ اڌ ٽويو، حجم لاءِ اڌ ٽويو، لوهار لاءِ اڌ ٽويو، واڍي لاءِ اڌ ٽويو، سيد لاءِ ٻہ ٽويا. جيڪڏهن ڪو فقير فقراه اچي نڪتو تہ ان کي بہ لَپ کَن اَنَ جي اُنهيءَ وقت ڏيندا هئا. ننڍڙن ٻارن کي وري پاٽي يا چوٿائي مفت ۾ ڏبي آهي، جنهن کي رُونگ چئبو آهي. سنڌ ۾ آھت پنهنجي سرندي مطابق ڏيندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آھت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويبسائيٽ)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.