آنند درٻار (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم ۽ اديب جيٺمل پرسرام جڳ مشهور عالم ڪرشنا مورتيءَ جي ڪتاب The Kingdom Happiness جو ترجمو آنند درٻار جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو بلئو ٽسڪي پريس حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هن ۾ ڪرشنا مورتيءَ جون هالنڊ، اومين ۽ اراڊا جي قلعي ۾ ڏنل تقريرون آهن. هن ڪتاب جو مختصر مهاڳ ناليواري ٿياسافسٽ عورت ائني بسنت لکيو آهي، جنهن جي نالي سان حيدرآباد ۾ بسنت هال پڻ ٺهيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سال:2012ع