آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ هالائي مسلم کترين جي ملڪ گير تنظيم آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به هالائي ڪميونٽي پنهنجي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکندي پئي آئي ۽ ان مقصد لاءِ سندن جنرل ڪانفرنسون ٿينديون رهنديون هيون. پهرين جنرل ڪانفرنس، پهرين جولاءِ 1923ع تي جيت پور (ڀارت) ۾؛ ٻي ڪانفرنس ڊسمبر 1923ع ۾ ڄام نگر (ڀارت) ۾؛ ٽين جنرل ڪانفرنس 9 مارچ 1932ع تي؛ چوٿين جنرل ڪانفرنس 3 آڪٽوبر 1933ع تي؛ پنجين جنرل ڪانفرنس 6 جون 1937ع تي، ۽ ڇهين ڪانفرنس 1960ع ۾ ڌوراجيءَ ۾ ٿيون. هالائي مسلم کترين جو مرڪز جيئن ته گجرات ۾ (ڪاٺياواڙ) هو، تنهنڪري اهي سڀئي ڪانفرنسون ڪاٺياواڙ ۾ ٿيون. ستين جنرل ڪانفرنس 8 مئي 1982ع تي جهوناڳڙهه ۾ ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ته هالائي ڪميونٽيءَ جي اڪثريت، هاڻي پاڪستان ۾ آباد آهي، تنهنڪري اُتي هڪ فيڊريشن قائم ڪئي وڃي. مئي 1986ع تي پاڪستان ۾ هيءَ جماعت قائم ٿي، ۽ 27 نومبر 1986ع تي مجلس عامله جون چونڊون ٿيون ۽ فيڊريشن جا مقصد ۽ متا طئي ٿيا. هيستائين هن فيڊريشن جو مقصد شادي مراديءَ جي رسمن ۽ ٻين ريتن رواجن ۾ سادگيءَ کي زور وٺرائڻ تائين محدود رهيو آهي. هاڻي هن جو دائرو وڌايو پيو وڃي. فيڊريشن جي هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ آهي.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. "آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-26.