آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي پاڪستان جي اخبارن ۽ رسالن جي ملڪ گير تنظيم (APNS) جو بنياد 1958ع ڌاري پيو. هيءَ تنظيم هڪ طرف تہ اخبارن جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪندي آهي تہ ٻئي طرف صحافين سان دوستاڻا تعلقات قائم رکڻ کان سواءِ اشتھاري ايجنسين سان ڪاروباري تعلق قائم ڪندي آهي. ان کان سواءِ هيءَ تنظيم مختلف موضوعن تي صحافتي اوارڊ ۽ اشتھاري ايجنسين کي تشھيري اوارڊ بہ ڏيندي آهي. هن تنظيم سان لاڳاپيل روزاني اخبارن، هفتيوار مئگزينن، ماهوار رسالن ۽ ڊائجسٽن جو تعداد 185 کان وڌيڪ آهي. تنظيم پاران منظور ڪيل اشتھاري ايجنسيون 68 آهن. هن تنظيم جو پھريون چونڊيل صدر ”ڊان“ (DAWN) اخبار جو اي. جي مرزا هو. ان کان پوءِ ساليانين چونڊن ۾ ٿيندڙ صدرن ۾ مير خليل الرحمان، محمود هارون، يوسف هارون، عزيز احمد، قاضي محمد اڪبر، مجيد نظامي، حميد هارون، فصيح اقبال، فرهاد زيدي، مصطفيٰ صادق، مير شڪيل الرحمان، قاضي اسد عابد ۽ ٻيا شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]