آليون اکيون اڻڀا وار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آليون اکيون اڻڀا وار عوامي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب آهي، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي. منجهس 144 صفحا آهن ۽ قيمت 5 روپيا ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو پھريون ڇاپو، لاڙ پبليڪيشن، سجاول پاران 1972ع ۾ وفائي پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو هن جا ٻہ ٻيا ڇاپا بہ شايع ٿيا آهن. هن ڪتاب ۾ سرويچ سجاوليءَ جا ڊگها عوامي ۽ قومي نظم شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آليون اکيون اڻڀا وار، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.