آلجبرا (ڪتاب 1)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الجبرا ڪتاب (ڪتاب پھريون) سنڌي ۾ ڇپجندڙ الجبرا جي مضمون تي شروعاتي ڪتابن مان ھڪ آھي. ھن ڪتاب جو مترجم اڌنمل سترامداس آهي[1]. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 515 صفحا آهن. ناشر ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. پهريون ڇاپو، ڪمشنر پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1893ع ۾ ڇپيو[1]. هن موضوع تي ٻيا هيٺيان ڪتاب به ڇپيل آهن: -آلجبرا- بابت ڪمشنر سنڌ جي محرر خاص وشوناٿ نارائڻ منڊ ليڪ کان سنڌيءَ ۾ پروفيسر ينگ صاحب جي انگريزيءَ الجبرا جو ڪتاب ننديرام -ٿڌي- مل ميراڻيءَ جي پٽ -تعليم- کاتي جي منشي جي مدد سان ترجمو ڪيو ۽ سن 1859ع ۾ پهريون ڇاپو سرڪاري ڇاپخاني مان ڇپيو هو[1].

حوالا[سنواريو]