آلان ڪردي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فائل:Alan Kurdi lifeless body.jpg
ٽن سالن جو آلان ڪردي ساحل تي مرده حالت ۾، تصوير ٺاهڻ وارو Nilüfer Demir ترڪي صحافتي ادارو، ڊي ايڇ اي
تاريخ سيپٽمبر 2, 2015 (2015-09-02)
سبب پاڻي ۾ ٻڏڻ
فلمايا Nilüfer Demir
شريڪ شامي پناه گزين
تدفين Kobanî، شام
ملزم 4 شامي
الزام اسمگلنگ تارڪين وطن
شعوري طور تي لاپرواهي وڌيڪ موتن جو سبب


آلان ڪردي (جيڪو ذرائع ابلاغ ۾ ايلان جي نالي سان معروف آهي) هڪ ٽن سالن جو ڪرد شامي ٻار آهي۔آلان جي هڪ تصوير دنيا ڀر جي اخبارن ۾ ڇپي آهي جنهن ۾ هي ننڍو ٻار ترڪي جي جڪ ساحل تي مرده حالت ۾ پيو آهي۔ آلان جي والد عبدالله ڪردي پنهنجي خاندان سميت شام ۾ جاري دهشت گردي جي خدشن جي سبب شام ڇڏي ڪري ڪينيڊا وڃي رهيا هئا۔ان جو تعلق شام جي شهر ڪوباني سان آهي۔رات جي وقت ٻن ٻيڙين جي ڪلٽي ٿيٻ جي سبب ڪل 12 فردَ هلاڪ ٿي ويا، ان هلاڪ ٿيڻ واري فردن ۾ آلان جو چار سالن جو ڀاءُ غالب ۽ ان جي والده ريحانه به شامل آهن۔ اخبارن جي مطابق جنگ زده علائقي مان تعلق رکڻ وارو هي خاندان امن جي تلاش ۽ بهتري زندگي جي اميد سان گڏ ڪينيڊا وڃڻ جي ڪوشش ۾ هيو۔ www آلان جي والد عبدالله ڪرُدي جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ اٿڻ واري وڏين موجُن جي سبب ڪشتي جو ڪپتان افراتفري جو شڪار ٿي ويو ۽ ان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي راه فرار اختيار ڪري ڇڏي۔ جنهن کان پوء ان ڪشتي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن سان ڀريل رٻڙ جي ڪشتي الٽي پوڻ جي فوراﹰ بعد ئي عبدالله سمجهي ويو هيو ته ان جا ٻار ۽ ان جي زال ٻڏي ويا آهن۔[1]

متعلق مضمون[سنواريو]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]