آفتاب شاهه جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند پير آفتاب حسين شاھ جيلاني، 15 نومبر 1946ع تي ميرپورخاص ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول ميرپورخاص ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان ڪيائين. بي. ايس سي (آنرس) ۽ ايم. ايس سي (آنرس) زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم دوران ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. ڪرڪيٽ جو فرسٽ ڪلاس رانديگر رهيو. سنڌ جي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو آهي. 1972ع کان 1977ع تائين سنڌ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ قائداعظم ٽرافي، ايوب ٽرافي ۽ پينٽگيولر ٽرافي حاصل ڪري چڪو آهي. 1974ع ۾ سريلنڪا ۽ سنڌ درميان ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر رهيو. 1995ع ۾ ڀارت ۾ سارڪ ملڪن طرفان کيڏجندڙ سيف گيمز (SAF Games) ۾ پاڪستاني ٽيم جو چيف ڊي مشن (Chief d. Mission) يعني رانديگرن جي ٽيم جي اڳواڻ طور شرڪت ڪيائين. 1996ع ۾ ڪلڪتي (ڀارت) ۾ ورلڊ ڪپ جي شروعات (opening) ۾ وفد جي ميمبر جي صورت ۾ شريڪ ٿيو. کيس زرعي يونيورسٽيءَ مان راندين جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي اعزازي طور شيلڊ به ڏني وئي.
پير آفتاب حسين شاهه جيلاني سنڌ اندر شفاف سياست ڪندڙ سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو. ابتدا کان وٺي سياست ۾ پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل رهيو. 1977ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ۽ تعليم ۽ ٻيلي کاتي جو وزير رهيو. 1993ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1996ع ۾ به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۾ حڪومت سنڌ ۾ صنعتن جو وزير ۽ 1990ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وفاقي وزير رهيو.
پير آفتاب شاهه جيلاني، 1986ع کان 1993ع تائين وارو عرصو نئشنل پيپلزپارٽيءَ ۾ نامور سياستدان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ سان گڏ رهيو. 1993ع کان 1996ع تائين ڪلچر، اسپورٽس ۽ ٽوئرزم جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين؛ 1996ع تائين خوراڪ ۽ زراعت جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ۽ 1993ع کان 1999ع تائين ڪشمير بابت خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. پيرصاحب جا پنهنجي والد بزرگوار وانگر سنڌ جي اهم خاندانن: پيرصاحب پاڳاري، هالن جي مخدوم صاحبن، ڄاموٽ خاندان، راشدي برادران سان لاڳاپا رهيا آهن ۽ خاص ڪري سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽي خاندان سان سندس تمام گهاٽي ويجهڙائي رهي آهي. ذاتي طرح ماڻهن جي سماجي ڪمن ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ سندس سنڌ جي پروگريسو زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پيرصاحب سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. سنڌ شگر ڪين ائسوسيئيشن جو ميمبر به رهيو آهي. 1974ع ۾ آمريڪا ۾ زرعي دوري تي ويو. پارليامينٽ جي ميمبر طور 1993ع کان 1998ع تائين روس، انگلنڊ، پولئنڊ، جاپان، ميڪسيڪو، ڪينيا ۽ چين وغيره ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور نمائندگي ڪيائين. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور شرڪت ڪيائين. مطلب ته پيرصاحب ملڪ جو هڪ اهم سياستدان آهي، جنهن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن وقت (2009ع) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ راندين واري کاتي جو وزير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]