آغا ابراهيم شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا ابراهيم شاهه وڏو حڪيم ٿي گذريو آهي. هي مير فتح علي خان ٽالپر جو خاص معالج هو. هن جو والد بزرگوار سيد عبدالهادي شاهه، نادر شاهه جي دور ۾ اصفهان (ايران) کان مدراس ويو، جتان ڪلهوڙن جي درٻار ۾ پهتو. 1193ھ ۾ سنڌ ۾ ئي وفات ڪيائين. آغا ابراهيم شاهه، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾، سنڌ ۾ اچي پيءُ سان گڏيو. هن خاندان ٽالپر دور ۾ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون، خاص ڪري آغا ابراهيم شاهه حڪمت جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. آغا ابراهيم شاهه کان پوءِ به هن خاندان ۾ ناميارا حڪيم پيدا ٿيا. آغا ابراهيم شاهه جي پٽ آغا شاهه اسماعيل کي اٺ پٽ ٿيا، جن مان آغا زين العابدين شاهه، آغا تقي شاهه، آغا ڪاظم شاهه وغيره شڪارپور جا گورنر پڻ ٿيا.[1]