آسٽريليا جو قومي ترانو
ڏيک
![]() | |
آسٽريليا جو قومي ترانو | |
ٻول | پيٽر ڊاڊس ميڪ ڪورمڪ, نومبر 1878 |
---|---|
ڌن | پيٽر ڊاڊس ميڪ ڪورمڪ, نومبر 1878 |
اختيار ڪيو ويو | 19 اپريل 1984 |
ٻڌو | |
"ايڊوانس آسٽريليا فيئر" (سازن سان) | |
ايڊوانس آسٽريليا فيئر'(انگريزي: Advance Australia Fair) آسٽريليا جو قومي ترانو آهي. اھو اسڪاٽلينڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪمپوزر پيٽر ڊاڊس ميڪ ڪورمڪ جي تخليق آھي. اھو گيت سڀ کان پهرين 1878ع ۾ ڳاتو ويو ۽ پوء آسٽريليا جو حب الوطني وارو گيت بڻجي ويو ۽ اڳتي ھلي 1984ع ۾ ان آسٽريليا جي پراڻي سرڪاري قومي تراني «خدا راڻي کي محفوظ رکي» جي جاء ورتي. قومي تراني جي تبديلي 1977ر ۾ ريفرنڊم ڪرائڻ کان پوء ڪئي وئي.