آسٽريا جي راڻي سيسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسٽريا جي راڻي سيسي
(جرمن ۾: Elisabeth in Bayern)،(جرمن ۾: Elisabeth Amalie Eugenie, Herzogin in Bayern خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (جرمن ۾: Elisabeth Amalie Eugenie in Bayern خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 24 ڊسمبر 1837[1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ميونخ[13][14]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 10 سيپٽمبر 1898 (61 سال)[1][2][3][4][5][6][7][9][10][11][13][14]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
جنيوا[15][13][14]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت آسٽريائي سلطنت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو بادشاھ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي جرمن ٻولي[16][17]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

ايلزبيٿ سيسي (Elisabeth Sisi) جي 16 ورهين جي ڄمار ۾ فرانس جي بادشاهه سان شادي ٿي. شادي (وهانءَ) کان پهرين سندس تربيت هڪ غير رسمي ماحول ۾ ٿي هئي، پر وهانءَ کان پوءِ شاهي خاندان ۽ بادشاهي محل جي سخت قسم جي ڊسيپلين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، جيڪو کيس بلڪل به نه وڻيو. شادي کان پوءِ سندس پنهنجي سس شهزادي صوفيا سان لاڳاپا خراب ٿي ويا. شروع ۾ کيس رڳو ڌيئرون ڄمڻ لڳيون ته تخت جي وارث جو مسئلو پيدا ٿيڻ لڳو. کيس جيڪو به ٻار پيدا ٿيندو هو، سندس سس ان کي پنهنجي سارسنڀال هيٺ آڻي ڇڏيندي هئي. سس جو چوڻ هو ته سيسي کي ٻار پالڻ نٿا اچن. پوءِ نيٺ تخت جو وارث پُٽ ڄميو ته درٻار ۾ سيسي جي ڪجهه اهميت وڌي. راڻي سيسي محل ۾ سس سان گهرو ڇڪتاڻ واري ماحول مان آجپو حاصل ڪرڻ لاءِ هنگري هلي ويندي هئي. بدقسمتيءَ سان 1889ع ۾ سندس پُٽ ۽ ان جي سارسنڀال ڪندڙ نوڪرياڻي، ٻئي پُراسرار طريقي سان مري ويا. انهن جو موت خودڪشي به لڳي پيو ته قتل به.

پُٽَ جي موت کان پوءِ الزبٿ سيسي وري ٻيهر ان صدمي مان ٻاهر نه نڪري سگهي. هوءَ شاهي زميوارين کان ويڳاڻي ٿي وئي. پَري پَري شهرن ڏانهن سفر ڪرڻ لڳي. گهر جو ڪو فرد گڏ نه رکندي هئي. هاڻي کيس پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ ۽ جوان نظر اچڻ جو ڀوت يا جوش چڙهي چڪو هو. اصل ۾ بادشاهه فرانس جوزف جي ماءُ پنهنجي ڀاڻيجيءَ کي پنهنجي نهنءَ ٺاهڻ چاهيو ٿي. پر هڪ گڏجاڻيءَ ۾ جڏهن بادشاهه جوزف جي نظر سيسيءَ تي پئي ته ان پنهنجي ماءُ سان سيسيءَ سان شادي ڪرڻ جو ضد ائين چئي ڪيو ته جيڪڏهن سندس سيسيءَ سان وهانءُ نه ٿيو ته پوءِ اهو ڪنهن سان به شادي نه ڪندو. نيٺ بادشاهه جي ماءُ پُٽ جي ضد اڳيا مجبور ٿي، سندس شادي سيسي سان ڪرائي ڇڏي. الزبٿ سيسي شرميلي ۽ اندرجهاتي پائيندڙ (introvert) سڀاءُ واري ڇوڪري هئي. سيسيءَ کي درٻار جي سخت گير پروٽوڪول، ادب ۽ آدبن ۾ گُهٽ محسوس ٿيڻ لڳي. ان ڪري کيس صحت جا مسئلا به پيش اچڻ لڳا. کيس کنگهه جا دورا پوڻ لڳا. کيس ڏاڪڻون لهڻ ۾ به ڊپ ٿيندو هو. بادشاهه جي ماءُ يعني سندس سس کيس بيوقوف ماءُ جي لقب سان سڏيندي هئي.

سيسيءُ کي هاڻي محل ۾ رهڻ ڏکيو لڳڻ لڳو. ڇو جو راڻي لاءِ اهو لازمي هو ته تخت لاءِ وارث پيدا ڪري. هنگري ڏانهن هڪ سفر دوران سندس ٻنهي ڌيئن کي ڊائيريا ٿي پئي. جنهن ۾ سندس هڪ ڌيءَ ته بچي وئي پر ٻي ڌي گذاري وئي. نتيجي ۾ سيسي کي ڊپريشن ٿي پئي. هاڻي کيس بچي ويل ڌيءَ ۾ به دلچسپي نه رهي. سيسيءَ کي پنهنجي والدين خاص طور تي پنهنجي ماءُ سان ڏاڍو پيار هو. کيس پنهنجي سڃاڻپ به سمجهه ۾ نه پئي آئي ته اها هڪ بادشاهه جي راڻي آهي يا ٻارن جي ماءُ. سڃاڻپ جي ان بحران ۾ وِساموري يا ڳڻتي يا هنياءُ لٿ يا ڊپريشن ۽ پُورَ يا سوادءُ يا آبسيشن (obsession) سبب کيس اهو ئي لڳندو هو ته اها پنهنجي ظاهري جسماني خوبصورتيءَ کي وڌ کان وڌ اهميت ڏيئي.

تنهنڪري اها پنهنجي شڪل ۽ صورت جي ظاهري سُونهنَ ۾ پنهنجي عزت نفس محسوس ڪرڻ لڳي. ٽي ڀيرا روزآنو اسٽيم باٿ وٺندي هئي ۽ ڏينهن ۾ ڪيئن ڀيرا پنهنجو وزن ڪندي هئي. ڪيترا ئي ڪلاڪ اها پاڻ کي سنوارڻ ۾ لڳائيندي هئي. سندس هيئر ڊريسر کي سندس وارَ سنوارڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳندا هئا. بادشاهه فرانس جوزف کي ساڻس محبت هئي، پر سيسيءَ ان حوالي سان مساوات وارو ردعمل نه ڏيکاريو. پُٽ جي موت کان پوءِ بادشاهه جي خواهش هئي ته هڪ ٻيو پُٽ ڄمي ته جيئن تخت جي وارث جي پڪ ٿي وڃي. پر سيسي لاڳيتو جنسي لاڳاپو قائم ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيندي هئي ته سندس طبعيت ٺيڪ ناهي.

پنهنجي پهرئين ٻار جي موت تي سيسيءَ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڳُنڍڻ پاڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ به گهڻن ڏينهن تائين، جلديءَ ۾ اڻپوري ماني کائي اُٿي هلي ويندي هئي. تمام ٿورو کاڌو کائڻ جي ڪري اها ڏاڍي سنهڙي ٿي وئي هئي. مڙس سان جنسي لاڳاپي قائم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکارڻ لڳي. سيسيءَ جي ننڍ گهٽجي وئي. اها پنهنجو گهڻو تڻو وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳي. سندس تاريخ، فلاسافي ۽ لٽريچر ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. پوءِ رومانوي نظمَ لکڻ لڳي. سيسي جذباتي طور تي منجهيل شخصيت جي مالڪ هئي.

سيسيءَ جي ڪوشش هئي ته آسٽريا ۽ هنگري هڪ ئي سلطنت هيٺ گڏ ٿين. ان سلسلي ۾ هن ٽياڪڙي (ثالثي) جو به ڪردار ادا ڪيو.

1898ع ۾ جڏهن سيسي، سوئٽزرلينڊ جي هڪ هوٽل ۾ رهيل هئي ته ڪنهن اها خبر شهر ۾ پڌري ڪري ڇڏي ته آسٽريا جي راڻي هتي رهيل آهي. هڪ پنجويهه ورهين جو اڻالين انارڪسٽ (Anarchist)، جيڪو هڪ شهزاديَ کي قتل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو هو، تنهن دل ئي دل ۾ راڻي سيسيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ چونڊي ورتو ۽ نيٺ راڻي سييءَ کي تيز ڌار واري ڪنهن شئي سان قتل ڪري ڇڏيو. قتل ٿيڻ وقت راڻي سيسيءَ جي ڄمار 60 ورهيه هئي ۽ اها 44 راڻي رهي. راڻي سيسيءَ جي حياتيءَ تي ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽي وي ڊراما ٺهي چڪا آهن. ويانا ۾ سيسيءَ جو ميوزيم محل سدائين سياحن جي ڌيان جو مرڪز رهي ٿو.[18]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w67h2qd0 — subject named as: Empress Elisabeth of Austria — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. 3.0 3.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/7176 — subject named as: Elisabeth of Austria — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 Collective Biographies of Women ID: http://cbw.iath.virginia.edu/women_display.php?id=19489 — subject named as: Elisabeth of Austria — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Collective Biographies of Women
  5. 5.0 5.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Elizabeth-empress-consort-of-Austria — subject named as: Elizabeth empress consort of Austria — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  6. 6.0 6.1 The Peerage person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4638&url_prefix=https://www.thepeerage.com/&id=p10184.htm#i101839 — subject named as: Elisabeth Amalie Eugenie Herzogin in Bayern — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  7. 7.0 7.1 https://brockhaus.de/ecs/julex/article/elisabeth-amalie-eugenie — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  8. https://brockhaus.de/ecs/julex/article/elisabeth-amalie-eugenie — عنوان : Habsburg, Elisabeth Amalia Eugenia — جلد: 6 — صفحہ: 173 — شائع شدہ از: Biographisches Lexikon des Kaiserthums Oesterreich
  9. 9.0 9.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0023822.xml — subject named as: Elisabet de Baviera — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  10. 10.0 10.1 GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=vonwittelsbache — subject named as: Sissi
  11. 11.0 11.1 Salzburgwiki ID: https://www.sn.at/wiki/index.php?curid=9447 — subject named as: Elisabeth von Österreich
  12. Hrvatska enciklopedija ID: https://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=17730 — subject named as: Elizabeta (1837-1898) — مصنف: Dalibor Brozović۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute — ISBN 978-953-6036-31-8
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 Archivio Storico Ricordi person ID: https://www.digitalarchivioricordi.com/it/people/display/16136 — اخذ شدہ بتاریخ: 3 ڊسمبر 2020
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 full work available at URL: https://www.bmeia.gv.at/fileadmin/user_upload/Zentrale/Kultur/Publikationen/KALLIOPE_Austria-Frauen_in_Gesellschaft__Kultur_und_Wissenschaft.pdf — مصنف: Anna Gadzinski — عنوان : KALLIOPE Austria — صفحہ: 29 — ناشر: Federal Ministry for European and International Affairs — ISBN 978-3-9503655-5-9
  15. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  16. Identifiants et Référentiels — اخذ شدہ بتاریخ: 11 مَئي 2020 — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
  17. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/86340195
  18. Empress Elisabeth of Austria - Wikipedia