آسو رام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

صوفي ۽ ويدانتي شاعر صوفي آسو مل پٽ ڏاندو مل عرف صوفي آسو رام هالا پراڻا جو رهاڪو هو. سندس جنم 1824ع ڌاري اتي ئي ٿيو. سندس اصل نالو آسومل هو، پر فقيراڻي ويس ڍڪڻ کانپوءِ کيس ’صوفي آسورام‘ يا ’ساڌو آسو رام‘ سڏيندا هئا. صوفي آسورام جي پاڙي ۾ هڪڙو درويش سيد فقير علي شاهه رهندو هو، جيڪو معذور هوندي به اعليٰ درجي جو نبض شناس ۽ حڪيم هوندو هو.هن ننڍپڻ ۾ سيد فقير علي شاهه وٽ، جيڪو اکين کان وڏو هو، نبض شناسي ۽ حڪمت جي علم جي سکيا ورتي ۽ هن جي ئي صحبت ۾ آسو صوفي بڻيو. آسو رام کي جوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ لڳي، پر مائٽن جلد ئي سندس شادي ڪرائي ڇڏي. آسو مل ان صوفي درويش جي حاضري ڀريندو هو، جنهنڪري تصوف جو اثر سندس شخصيت ۾ نمايان هو، آسو رام تي هڪڙي پاسي ڌرم شاسترن جي مطالعي، ٻئي پاسي آخونداڻي تعليم ٽئين پاسي تصوف بابت پارسي ڪتابن جي مطالعي ۽ چوٿين پاسي فقير علي شاهه جهڙي درويش جي صحبت جي اثر ساڌو آسو رام جي دل کي سچي مذهب ۽ انسانيت جي واٽ تي هلڻ لاءِ بي قرار ڪيو. آسو رام جوان ئي هو ته مجازي عشق جي رمز ۾ رڱجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو مجازي عشق ۾ گمراهه ٿيڻ بدران حقيقت جي واٽ اختيار ڪيائين، اڳتي هلي کيس مصري شاهه امام جي صحبت مان فيض ۽ قرار حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪلام ۾ به ڪيو آهي. ان کانسواءِ صوفي آسو رام جي جهوڪ شريف جي درويشن مان ملاقات ٿي. جنهن صحبت جو مٿس آخر تائين اثر هو ۽ هڪ سچي صوفيءَ واري زندگي گذاريائين. سنڌ جي ان وقت جي صوفي شاعرن جي ڪلام تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به ٻئي صوفي شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسو رام جو ملي ٿو. صوفي آسو رام جي ڪلام جا ٽي وڏا ڪتاب: ’ديوان آسو‘، ’رساله آسو‘ ۽ ’پريم نغمه‘ شايع ٿيل آهن. صوفي آسو رام ’ديوان آسو‘ 1897ع ۾ لکيو هو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپيو، جنهن کي ويڙهي مل کٽڻ مل، پبلشر، بُڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇاپي پڌرو ڪيو. صوفي آسو رام جا هٿ اکرين لکيل ٻه ڪتاب سندس وارثن وٽ موجود رهيا.[1]
آسو رام کي سنڌي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئي. هن حق جي تلاش ۾ ويهن ورهين جي عمر اندر قرآن مجيد ۽ انجيل جو مطالعو ڪيو، انهيءَ دوران هو پرائمري ماستر مقرر ٿيو. نارمل اسڪول حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪري، نصرپور ۾ ماستر مقرر ٿيو، جتي هن کي مصري شاهه جهڙي عظيم هستيءَ جي صحبت نصيب ٿي، جنهن هن ۾ تصوف جو وڌيڪ چاهه پيدا ڪيو ۽ هن کي شاعريءَ جو شوق ڏياريائين. جلد آسورام اتان وري جهوڪ هليو ويو، جتي هن جي من جي مراد پوري ٿي.
صوفي آسورام ’آسو‘ گهڻو ڪلام چيو. محمد صديق ميمڻ ’تاريخ سنڌي ادب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي شاعرن ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ايترو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسورام جو لکيل آهي“. سندس تصنيفن ۾: 1. ديوان آسو، 2. رساله آسو، 3. پريم غنچه شامل آهن. آسو رام ’ديوان آسو‘ 1897ع ۾ لکي پورو ڪيو پر انا کانسواءِ باقي ٻه ڪتاب شايع نه ٿي سگهيا. آسورام هڪ سچو صوفي هو، هن جي من ۾ مذهبي نفاق ۽ اوچ نيچ جو تصور ئي ڪو نه هو. هو حق جو طالب هو ۽ اها طلب سندس سموري ڪلام ۾ موجود آهي. هن جي ڪلام ۾ تصوف جو نظريو تمام گهڻو موجود آهي. هي پهريون هندو سنڌي غزل گو شاعر آهي، جيڪو تصوف ۾ ٻڏل آهي، هن جي غزلن ۾ مزاح آهي ئي ڪو نه، صرف تصوف آهي. هن ويدانيت ۽ تصوف جي خيالن کي ملائي هڪ ڪري پيش ڪيو آهي. آسو رام جي ڪم آندل ٻوليءَ بابت محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي لحاظ کان آسو رام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو اهو ڪلام اٿس، جنهن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانيت سان خاص تعلق رکندڙ اهڙا ڏکيا سنسڪرتي لفظ ڪم آندا اٿس، جن جي معنيٰ ڪو به مسلمان ته سمجهي ڪو نه سگهندو، پر سڀ ڪو هندو به ڪنهن ڪوشش يا ڊڪشنريءَ کانسواءِ سمجهي نه سگهندو. ان کانسواءِ تصوف سان تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ پڻ ڪم آندا اٿس، جن جي معنيٰ ڪو به هندو سمجهي ڪو نه سگهندو، پر سڀ ڪو مسلمان به لغت کانسواءِ پروڙي نه سگهندو“. هن صوفي صفت درويش 1897ع ڌاري وفات ڪئي.[2]