مواد ڏانھن هلو

آسورن جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي دڙو قبل از تاريخ/ سنڌو تهذيب سان تعلق رکي ٿو. بدين شھر کان 5 ميل اتر اولهه. ديهه پنو، تپو پنو، لڳ ڳوٺ حاجي لکاني ساريي وٽ واقع آهي. ھي ماڳ آسورن جي نالي پويان آھي، ھي اصلي دراوڙ ھئا ۽ آرين سان مھاڏو اٽڪايو ھئائون. رگويد ۾ ھنن لاءِ آرين برا لفظ ڪتب آندا آھن. ھي دڙو زمين کان چار فوٽ مٿي ۽ ايڪڙ کن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھن. ھي شھر ريڻ دريا جي ڪناري تي آباد ھو. مٿاڇري تان سرن جا اڌڙ، ٺڪراٺو، ٽامي جا ڪٽيل سڪا ۽ اڱر جھجھي تعداد ۾ مليا آھن. ھي بستي ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ ڦٽي. اڱرن جو گھڻو تعداد ٻڌائي ٿو ته ھن شھر کي باهه ڏنل آھي.[1]

حوالا

[سنواريو]