آسان علاج (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ ۾ طب تي لکيل آسان ڪتاب. هيءُ ڪتاب حڪيم شمس الدين جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مٿي کان وٺي پيرن تائين، هر بيماريءَ جا سبب، ان جي تشخيص، علاج، پرهيز ۽ غذا ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1940ع ۾ پيپلز پرنٽنگ پريس، حيدرآباد ۾ ڇپيو، انهيءَ ڇاپي ۾ 372 صفحا آهن. اهو ڊيمي سائيز ۾ آهي ۽ قيمت ٻه روپيا ڏنل اٿس. 1947ع ۾ طبي ڪمپني، حيدرآباد پاران حڪيم شمس الدين ٻيهر ڇپايو. انهيءَ ڇاپي ۾ 222 صفحا آهن. اهو ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي. هن وقت اهو ڪتاب 500 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اڄ به مقبول آهي. تازو ئي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري طرفان 2004ع ۾ وري شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 160 رپيا ڄاڻايل آهي.[1]