آسا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ توڙي ھند جي راڳ جي نظام ۾ ھڪ راڳڻي يا راڳ، جيڪو صبح جو ڳايو ويندو آھي، لفظ ”آسا“ (سنسڪرت ”آشا“) جي معنيٰ ئي آھي اميد، آرزو، تمنا، خواھش وغيره، تنھنڪري ھن راڳ کي آس ۽ ارداس جو راڳ به چيو ويو آھي. راڳ جي ڪتابن موجب ھڪڙا راڳ ۽ راڳڻيون، جيڪي فقط ڪنھن ھڪ علائقي ۾ رائج ھوندا آھن، تن کي ديسي راڳن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي، مثال طور سنڌ ۾ مولود، مورا، راڻو، ڪوھياري وغيره ديسي راڳڻين ۾ شمار ٿيندا آھن. ٻيا راڳ ”مارڳ راڳ“ سڏبا آھن، جن مان ڪن راڳن جا نالا ھي آھن:ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سري راڳ، سھڻي، سارنگ، پرڀاتي، آسا، پورب وغيره. ”آسا“ جو سر به ”مارڳ سرن“ ۾ شامل آھي.
آسا راڳڻي، سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان ھلندڙ آھي ۽ ان ۾ عوامي قصا ڳايا ويا آھن، اھا ’نج سنڌي آسا‘، ھندستاني راڳ جي ”آسا“ سان ملندڙ آهي، پر ايتري فرق سان جو ”سنڌي آسا“ جي الڳ صورت ظاھر ٿي آھي. سنڌ جي ’نج سنڌي آسا‘ ۾ بانڪي شاھ بھرام جي ڳالهه کڻندا ھئا. ڪافين ۽ ڪلامن جي موضوعن جي لحاظ سان عام ڳائڻ ۾ به ’آسا‘ کي ’آس ۽ ارداس‘ جي راڳڻي چيو ويو آھي. ان روايت موجب ئي خليفي نبي بخش صاحب پنھنجي رسالي جو ’سر آسا‘ جنھن بيت سان شروع ڪيو آھي، تنھن جي پھرين سٽ آھي:

 
”آسا ڪر الله جي، در در پـِن م دان“

شاھ لطيف جي راڳ ۾ راڳ توڙي موضوع جي لحاظ سان ’سر آسا‘ جيئن ڳائجي ٿو ته اھو ھندستاني راڳ جي ”شڌ آسا“ معلوم ٿئي ٿو. شاھ جو ”سر آسا“ ھڪ وڏو معنوي سر آھي ۽ ان جي بيتن ۾ حقيقت جا ڳوڙھا معنوي اشارا ڏنل آھن. ھن سر ۾ ڪنھن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن ۽ رمزن وارو فڪر سمايل آھي، جنھن ۾ مجاز ۽ حقيقت جي مثالن، صوفياڻي فڪر جي باريڪ اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اھڃاڻ ڏنل آھن. ان کان سواءِ ”مجاز“ جا مختلف پھلو پڻ نروار ڪيل آھن .
ڪامل بصيرت وارن سالڪن کان سواءِ ٻين جي نظر ناقص آھي، جو اھي جزن کي ڏسندي، ان ڏسڻ ۾ رھجي ويا ۽ ”ڪل“ کي ڪين سڃاتائون. ھن ۾ محبت جو راز ۽ ان راز يا لڪ جي ماھيت ڏانھن اشارا آھن. خاص طرح سالڪ جي ’تسليم۽ رضا“ واري منزل ۽ مرتبي جا اھڃاڻ آيل آھن. مطلب ته ”سر آسا“ ڳرو ۽ ڳوڙھو معنوي سر آھي ۽ ھن سر ۾ تصوف جو اعليٰ فڪر سمايل آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن سر جي معنوي اھڃاڻن تي ڀٽائيءَ کان اڳ سنڌ جي عارفن ۽ سالڪن بيت چيا هئا، جن ۾ قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم اچي وڃن ٿا.[1]آسا (سر) ، شاهه جي رسالي جو هڪ سُر ۽ سنگيت وديا ۾ هڪ مٺي راڳڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا اَسر ويلي ڳائبي آهي. شاهه جو ”سُر آسا“ ڪجهه آسا وري ٺاٺ مان ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر آسا جي معنويت ۽ حقيقت بابت لکي ٿو ته: ”سر آسا هڪ وڏو معنوي سر آهي، جنهن ۾ مجاز ۽ حق بابت ڳُوڙها معنوي اشارا ڏنل آهن. سر ۾ ڪنهن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن رمزن وارو فڪر سمايل آهي، جنهن ۾ مجازي حقيقت جي مثالن، صوفياڻي فڪر جي اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اهڃاڻ ڏنل آهن.“ ڪن موسيقيءَ جي ڄاڻن جي راءِ آهي ته: ’آسا‘ هڪ راجڪماري هئي، جيڪا پرڀات جو ڌڻيءَ جي ساراهه ۾ گيت ڳائيندي هئي. [2]


  1. آسا : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي