آزاد (اخبار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي روزاني اخبار هئي، 1940ع ڌاري حاجي الله بخش سومري جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندي هئي، گوبند مالهي ۽ قادر بخش اخبار جا مددگار هئا. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي هو، مولانا دين محمد وفائي ۽ رحيم داد خان مولائي شيدائي به هن اخبار جا ايڊيٽر ٿيا، بعد ۾ هي اخبار هفتيوار اخبار بڻي، گوبند لوڪرام ڀاٽيا به هن اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو.[1]