آزاد صوفي (راڳي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشھور سنڌي گائڪ، سندس اصل نالو پي. بي. درياناڻي آھي. 15 فيبروري 1930ع ۾ خيرپور، سنڌ ۾ ڄائو. مختلف سرن ۾ گيت ڪمپوز ڪري ڳايل اٿس. ھن ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي رڪارڊ ڀريل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيائين ۽ ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان آزاد صوفيءَ جا ڳايل ڪلام اڪثر نشر ٿيندا رھندا آھن. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”صوفين جي سوغات“ ۽ ”شو راتري مھاتم“ ڪتاب شايع ٿيل آھن.[1]