آزادي اعلان اسان جو (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب شهيد غلام رسول مستاني جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مستانو هڪ پورهيت ۽ اڻ پڙهيل هو ۽ في البديهه شعر چوڻ ۾ ڪمال رکندو هو. هن جي سڄي شاعريءَ ۾ هارين، پورهيتن ۽ قومي آجپي وارو فڪر سمايل آهي. هي ڪتاب ”سنڌي ٻولي سٿ“ حيدرآباد، سنڌ طرفان 1988ع ۾ ڇپايو ويو. هي ڪتاب پڪي جلد، رنگين ٽائيٽل سان 84 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 10 روپيا آهي. ڪتاب جو مهاڳ عبدالحفيظ قريشيءَ لکيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]