آرگون

آرگون
18Ar | |
---|---|
Argon | |
![]() | |
علامت | Ar |
ايٽمي انگ (Z) | 18 |
ايٽمي وزن (A) | 39.948 |
گروپ | 18 (نوبل گئس) |
سيريز | 3 |
بلاڪ | p-block |
اليڪٽران جي ترتيب | Ne + 3s2 3p6 |
اليڪٽران في شيل | 8 ، 8 ، 2 |
ايٽمي ريڊيس | 106±10 پيڪو ميٽر |
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) | پهرين: 1520.6 ٻين: 2665.8 ٽيون: 3931 |
آڪسائيڊيشن نمبر | 0، ڪوبه نه |
گھاٽائي (STP تي) | 1.784 گرام في ليٽر |
حالت (STP تي) | گئس |
وجود | شروع کان |
Government طبيعي خاصيتون | |
• Type | نوبل گئس |
• اُبلڻ جو نقطو | 87.302 K (185.848-) C |
• پگھلڻ جو نقطو | 83.81 K (189.34-) C |
• پگھرائڻ لاء حرارت | 1.18 ڪلو جول في مول |
• ٻاڦ جي حرارت | 6.53 ڪلو جول في مول |
• مولر گرميء گنجائش | 20.85 جول في مول.ڪيلون |
آرگون (Argon) ھڪ ڪيميائي تت آھي جنھن جو نشان "Ar" ۽ ايٽمي نمبر "18" آهي. اها دوري جدول جي گروپ 18 ۾ آهي ۽ هڪ نوبل گئس آهي.[1] آرگن زمين جي فضا ۾ ٽئين سڀ کان وڌيڪ گهڻائي واري گئس (%0.934) ۽ زمين جي ڪرسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گهڻائي واري نوبل گئس آهي، جيڪا زمين جي ڪرسٽ جي %0.00015 تي مشتمل آهي.
زمين جي فضا ۾ تقريبن سڀئي آرگن ريڊيوجينڪ آرگن-40 جي شڪل ۾ آهي، جيڪا زمين جي ڪرسٽ ۾ پوٽاشيم-40 جي زوال مان نڪتل آهي. ڪائنات ۾، آرگن-36 سڀ کان وڌيڪ عام آرگن آئسوٽوپ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سپرنووا ۾ اسٽيلر نيوڪليوسنٿيسس ذريعي سڀ کان وڌيڪ آساني سان پيدا ٿئي ٿو.
"آرگن" نالو يوناني لفظ "ἀργόν" مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي 'غير فعال' جيڪا هن حقيقت جو حوالو آهي ته عنصر تقريبن ڪو به ڪيميائي رد عمل نه ٿو ڪري. ٻاهرين ايٽمي شيل ۾ مڪمل آڪٽيٽ (اٺ اليڪٽران) جي موجودگي آرگن کي مستحڪم ۽ ٻين عنصرن سان ڳنڍڻ لاء مزاحمتي بڻائي ٿو. ان جو ٽرپل پوائنٽ گرمي پد 83.8058 ڪيلون سال 1990ع جي بين الاقوامي گرمي پد جي پيماني تي حوالي جو مقرر ٿيل نقطو آهي.
آرگن کي صنعتي طور تي مائع هوا (Liquid Air ) جي جزوي آسون (fractional distillation) ذريعي ڪڍيو ويندو آهي. اهو گهڻو ڪري ويلڊنگ ۽ ٻين اعلي گرميء پد واري صنعتي عملن ۾ هڪ غير فعال شيلڊنگ گيس جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، جتي عام طور تي غير فعال مادا رد عمل وارا (reactive) بڻجي ويندا آهن؛ مثال طور، گريفائٽ کي ساڙڻ کان روڪڻ لاءِ گريفائٽ برقي ڀٽي ۾ آرگن گئس کي استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو تاپديپت (incandescent) ۽ فلوريسينٽ بتين ۾ روشني لاء ۽ ٻين گئس ڊسچارج ٽيوبن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو هڪ مخصوص نيري-سائي گئس ليزر ٺاهيندو آهي. اهو فلوريسينٽ گلو اسٽارٽرز ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي.

حوالا
[سنواريو]- ↑ In older versions of the periodic table, the noble gases were identified as Group VIIIA or as Group 0. See Group (periodic table).