آرٿر ليپ ورٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آرٿر ليپ ورٿ(انگريزي: Arthur Lapworth ) ايف آر ايس اسڪاٽش ڪيمسٽ ھيو جيڪو 10 آڪٽوبر 1872 ۾ اسڪاٽ لينڊ جي شھر گيليشيلس ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 اپريل 1941 ۾ وفات ڪيائين.

ميسن سائنس ڪاليج، برمنگھم موجوده يونيورسٽي آف برمنگھم جتي آرٿر ليپ ورٿ پڙھيو

ھن جو پيءُ چارلس ليپ ورٿ جيولاجسٽ ھيو. ھن سينٽ اينڊريو اسڪول ۽ ڪنگ ايڊورڊ اسڪول، برمنگھم ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ميسن سائنس ڪاليج، برمنگھم مان ڪيمسٽري ۾ گريجوئيشن ڪئي. 1893 کان 1895 تائين ھن سٽي اينڊ گائيڊز آف لنڊن انسٽيٽيوٽ ۾ اسڪالرشپ تي ڪافور جي ڪيمسٽري ۽ ان جي خوشبو جي نعم البدلن جي ٽن ميڪينيڪي اصولن تي ڪم ڪيو.[1] ھن جي پھرين مقرري 1895 ۾ بلومسبري ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي اسڪول آف فارميسي ۾ ڊمانسٽريٽر جي حيثيت ۾ ٿي، ۽ اتان پوءِ گولڊ سمٿ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪيمسٽري جي شعبي جي سربراھ طور مقرري ٿي، جتان پوءِ 1909 ۾ ھي يونيورسٽي آف مانچسٽر ۾ غير نامياتي ۽ طبعي ڪيمسٽري جو سينيئر ليڪچرار ٿيو. 1913 ۾ ھي نامياتي ڪيمسٽري جو پروفيسر مقرر ٿيو. ھي طبعي نامياتي ڪيمسٽري جي بنياد وجهندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھن جي بينزوئن کي پاڻياٺ يا ٺوس حالت ۾ تبديل ڪرڻ لاء ردعمل واري ميڪانيڪي اصول جي رٿ نامياتي ڪيمسٽري کي اڄوڪي دؤر ۾ سمجھڻ لاء بنياد آھي [2][3][4] مئي 1910 ۾ ھي فيلو آف رايل سوسائٽي ۾ چونڊيو ويو ۽ کيس 1931 ۾ ان سوسائٽي جو ڊيوي ميڊل مليو.[5] 1935 ۾ رٽائر ٿي ويو ۽ مانچسٽر ۾ وفات ڪيائين.

شادي[سنواريو]

ھن جي 1900 ۾ ڪئٿلين ھالينڊ سان شادي ٿي جنھن کي ٻہ ڀينر ھيون جيڪي بہ ٻن سائنسدانن، فريڊرڪ اسٽينلي ڪپنگ ۽ وليم ھينري پرڪن جونيئر، جون زالون ھيون

حوالا[سنواريو]

  1. Robinson, R. (1947). "Arthur Lapworth. 1872-1941". Obituary Notices of Fellows of the Royal Society 5 (15): 554. doi:10.1098/rsbm.1947.0018. 
  2. Saltzman, M. (1972). "Arthur Lapworth. The genesis of reaction mechanism". Journal of Chemical Education 49 (11): 750. doi:10.1021/ed049p750. 
  3. Lapworth, A. (1903). "XCVI.—Reactions involving the addition of hydrogen cyanide to carbon compounds". Journal of the Chemical Society, Transactions 83: 995. doi:10.1039/CT9038300995. 
  4. Lapworth, A. (1904). "CXXII.—Reactions involving the addition of hydrogen cyanide to carbon compounds. Part II. Cyanohydrins regarded as complex acids". Journal of the Chemical Society, Transactions 85: 1206–1214. doi:10.1039/CT9048501206. 
  5. "Library and Archive Catalogue". Royal Society. حاصل ڪيل 7 November 2010.