مواد ڏانھن هلو

آرِيٺو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ٻج، جو گول داڻن جي صورت ۾ سوپاريءَ جيڏو ٿيندو آهي، جنهن کي ڀڃي، ان جون کلون پاڻيءَ ۾ ڇاڇولبيون آهن ته اهي صابڻ وانگر گجي ڪندو آهي. ان گجيءَ ۾ ريشمي ۽ اوني ڪپڙا ڌوپجندا آهن. هي گول داڻا چٽڪمرا، زرديءَ ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل هوندا آهن، جن جي مٿين کل لاهبي ته اندران ٻير جيڏو ڪارو گول داڻو نڪرندو. دوائن ۾ اُها مٿين کل ڪم ايندي آهي ۽ اندريون ڪارو داڻو ڪم نه ايندو آهي.[1]