آري پير قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي سترهين ارڙهين صدي عيسويءَ جو قبرستان آهي، جيڪو ديهه تپي مول، تعلقي ٿاڻو بولاخان، ضلعي ڄام شوري. اتر ويڪرائي ڦاڪ 25◦ 30′ 46″ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 67◦ 28′ 50″ تي واقع موجود آھي. ھي قبرستان مول ڳوٺ جي اتر ۾ نون ميلن جي فاصلي تي موجود آھي. ويجھا ڳوٺ جان محمد دريش ۽ شير محمد سھنو اٿس. ھتي ڪجهه قبرن تي اڪر جو ڪم ٿيل آھي، جيڪي پٿرايون آھن ۽ ٻيون عام قبرون به آھن. 5 قبرون ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھن، جن تي گل ٻوٽا چٽيل آھن. ھن وقت نيون قبرون ۽ قبا جڙي رھيا آھن. قبرستان اٽڪل چئن ايڪڙن تي پکڙيل آھي.[1]