آرسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آرسي آئينو انگريزي ٻولي Mirror اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ پنھنجو عڪس يا منھن چٽيءَ ريت ڏسي سگھجي ٿو. عڪس ڏسڻ لاءِ سڀ کان پھرين بيٺل شفاف پاڻيءَ مان تصور مليو ۽ پوءِ مختلف ڌاتن کي ڇلائي ۽ گسائي چلڪندڙ بنائي، انھن کي چورس، گول يا مستطيل شڪل ڏئي، انھن مان منھن ڏسڻ جو ڪم ورتو ويو. پاري جي استعمال کان پوءِ شيشي جي ھڪ پاسي پارو لڳائي، ٻئي پاسي عڪس ڏسڻ جو رواج پيو. آرسي کي ”آئينو“ يا ”ٽِڪ“ به چوندا آھن. آئينو“ انھيءَ ڪري چون ٿا، جو اوائل ۾ لوھ کي چلڪائي صاف ڪري، منھن ڏسڻ جو ڪم وٺندا ھئا. آئينو، يعني آھن يا لوھ مان ٺھيل. سنڌ جيئن ته تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان آڳاٽي ليکجي ٿي، انھيءَ ڪري موھن جي دڙي ۽ آمريءَ جي آثارن مان پڻ آرسيءَ جي استعمال جا اھڃاڻ چٽا ملن ٿا.[1]

آئينو

آرسي نه رڳو منھن ڏسڻ، پر گھرن، مسجدن، مندرن، امام بارگاھن، منارن ۽ محرابن جي سونھن ۽ سينگار ۾ به گھڻي استعمال ٿيندي آھي. عمارت سازيءَ ۾ سونھن ۽ سينگار لاءِ آرسيءَ جو استعمال عام جام نظر ايندو آھي. شاهه ڀٽائيءَ جي روضي اندر ۽ مخدوم بلاول جي روضي ۾ آرسين جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. آرسي زيورن جي جڙاءَ ۾ پڻ ڪم ايندي آھي. ڀرت ۽ گج ۾ پڻ آرسيءَ يا ٽڪ جو استعمال ٿئي ٿو. ٽوپين ۾ ٽِڪن جو جڙاءُ نرالو ھوندو آھي.[1]

شاديءَ جي رسمن ۾ آرسي لازمي طور ڏني وڃي ٿي. سنڌ جون مڙيئي ذاتيون، ھندو توڙي مسلمان، بلوچ توڙي سماٽ، ٿري توڙي لاڙي، جابلو توڙي اترادي، سڀ ڏيج ۾ آرسي به ڏين ٿا. ڪن ۾ ڪنواريتن جي ڏيج ۾ آرسي اچي ته ڪن ۾ گھوٽيتن وٽان. وھانءَ واري ڏينھن ڇني ۾ لائون لھڻ کان پوءِ گھوٽ سرمو پائي آرسيءَ ۾ منھن ڏسندو ۽ پوءِ ڪنوار جي جھوليءَ ۾ آرسي رکبي ۽ گھوٽ ان ۾ ڪنوار جو منھن ڏسندو. اھا رسم نه رڳو سنڌ ۾، پر ننڍي کنڊ جي ٻين قومن ۾ پڻ آھي.[1]

سنڌ ۾ قديم دور جا ڪي وسوسا ۽ وهم موجود آهن جن مان ڪي هي آهن: بيماريءَ ۾ آرسي ڏسڻ کان روڪيو ويندو آھي، پر اڌ رنگ جي مرض ۾ ورتل بيمار لاءِ ڌاتوءَ جي آرسي علاج چئي وڃي ٿي. ”آرسيءَ جي ٽٽڻ“ کي بدشگوني يا نڀاڳ ڀانيو ويندو آھي. آرسيءَ کي اُس جي سامھون ڪرڻ سان اولڙو پيدا ٿيندو آھي. گھر ۾ ننڍو ٻار ھوندو آھي ته آرسيءَ جو اولڙو ٻار تي نه پوڻ ڏيندا آھن، ڇو ته اولڙي کي ڪنهن وڏي بيماريءَ جو سبب ليکين ٿا آرسيءَ جي ميري يا گدلي ٿيڻ کي گھر جون وڏڙيون گھر لاءِ نڀاڳ ڀائينديون آھن ۽ آرسيءَ کي چلڪائي صاف ڪري ڪنھن مٿانھين جاءِ تي يا ڀت تي رکڻ جي صلاح ڏينديون آھن. لوڪ گيتن ۾ پڻ آرسيءَ جو ذڪر ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ تشبيهه طور پڻ آرسي جي لفظ جو استعمال عام جام آھي. پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ پڻ آرسي جو ذڪر ملي ٿو.[1]

پهاڪا[سنواريو]

  1. اڀ کي آرسي ڏيکارڻ.
  2. ھٿ ڪنگڻ کي آرسي جو ڪھڙو ضرور.

حوالو[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 آئينو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع