آذربائيجان جو آئين
| ھي مضمون هيٺئين ھڪ سلسلو جو حصو آھي سياست ۽ حڪومت آذربائيجان |
|---|
|
جُڊيشري
|
|
انتظامي ڊويزنون
|
| باب آذربائيجان |
آذربائيجان جو آئين (انگريزي: Constitution of Azerbaijan) (آذربائيجاني: Azərbaycan konstitusiyası ) 12 نومبر 1995ع تي نافذ ڪيو ويو. آزدبائيجان جي دستور کي ھڪ رينفرينڊم کانپوءِ منظور ڪيو ويو ھو. ھي آزاد آذربائيجان جو پھريون دستور ھو. جمھوريہ آذربائيجان جو قيام 1918ع ۾ عمل ۾ آيو ھو ۽ 23 مھينن بعد 1920ع ميں ٿي ويو ھو. ان سڄي دورانيي ۾ اتي ڪوئي دستور منظور نہ ٿي سگھيو. آذربائيجان ۾ دستور سازي جو ڪم ان وقت شروع ٿيو جڏھن ھو سوويت اتحاد جو حصہ ھو. آذربائيجان سوويت گڏيل جمھوريہ جو پھريون دستور 1921ع م منظور ٿيو ۽ ھي آئين سوويت اتحاد تي ٻڌل ھو. آذربائيجان سوويت گڏيل جمھوريہ جو آخري دستور 21 اپريل 1978ع تي منظور ٿيو ۽ ھي سوويت اتحاد جي دستور سان گھڻي حد تائين ملندڙ ھو بلڪہ ان جو ئي ھڪ حصو ھو. آزاد آذربائيجان جي پھرين دستور ۾ 5 ۽ 147 دفعا آھن. ان ۾ 24 آگسٽ 2002ع ۾ ترميم ٿي. آذربائيجان جي آئين ۾ ٻين ترميم 18 مارچ 2009ع تي ٿي. آذربائيجان جي آئين جي دفعي 147 کي آذربائيجان ۾ سڀ کان وڌيڪ قانوني طاقت حاصل آھي.[1] آذربائيجان جي آئين ۾ ٻين ھاڻوڪي ترميم 26 سيپٽمبر 2016ع تي ٿي ھئي ۽ آئيني ريفرينڊم جي ذريعي ان ترميم کي منظور ڪيو ويو.[2] 2002ع ۾ آذربائيجان جي آئين جي 22 دفعن ۾ 31 ترميمن کي منظور ڪيو ويو ۽ 2009ع ۾ 29 دفعن ۾ 41 ترميمن کي منظوري ملي. پوءِ 2016ع ۾ 6 نون دفعن کي شامل ڪيو ويو 23 دفعن ۾ ترميم ڪئي وئي.
12 نومبر تي آذربائيجان ۾ يوم دستور ملھايو ويندو آھي ۽ ھي قومي موڪل جو ڏينھن آھي.[3]
ديباچو
[سنواريو]آذربائيجان جو دستور “تمام شھرين ۽ سماج کي خوشحالي ۽ فلاح ۽ بھبود جو يقين ڏياري ٿو“، ھيت ڏنل نڪتن ۾ ان کي واضع ڪيو ويو آھي.[1]
1- قومي آزادي ۽ قومي سالميت جو تحفظ
2- آئيني جمھوريت
3- شھري معاشري جو قيام
4- شھرين جي معياري زندگي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشي ۽ سماجي نظام
5- عالمي انساني قدرن ۽ امن ۽ بين الاقوامي تعاون جو تحفظ.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "The Constitution of the Republic of Azerbaijan", United Nations in Azerbaijan, 24 اگست 2002, اصل کان 28 ستمبر 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 8 اکتوبر 2007۔
- ↑ "Referendum on changes to the Constitution of Azerbaijan – EEAS – European External Action Service – European Commission", EEAS – European External Action Service (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 03 جولاءِ 2017۔
- ↑ Gadimova, Nazrin (12 نومبر 2013). "Azerbaijan celebrates Constitution Day". Azernews. https://www.azernews.az/nation/61514.html.