آدم هڱورجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ميان آدم هڱورجو جاتي تعلقي جو ويٺل هو. سندس والد هاري هو، جيڪو پنهنجي پٽ کي تعليم نہ ڏياري سگهيو. ميان آدم فقط ٽي درجا سنڌي ۽ ناظره قرآن تائين پڙهي سگهيو، پر سندس ڪلام تي نظر ٿي وجهجي تہ سندس ڪلام اعليٰ ۽ پختو نظر اچي ٿو. هو ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو. پر سندس ڪلام ۾ پختگي، رواني ۽ ميٺاج آهي. سندس ڪلام ۾ رسالت جي ذڪر سان گڏ زماني جي لاهين چاڙهين بابت ناصحانه ڪلام شامل آهي. سندس ڪلام تي لاڙ جي شاعر مولوي احمد ملاح جو ڪافي اثر آهي.

سندس ڪلام لاڙ جي ماڻهن ۾ گهڻو مقبول آهي، جيڪي گهڻو ڪري مولود چوندا ۽ ٻڌندا آهن. سندس ڪلام سليس سادو، نصيحت آموز ۽ رندي خيالن جو اعليٰ نمونو آهي. پاڻ زمينداري پيشي سان واسطي ۾ هئڻ جي باوجود ادبي تنظيمن سان تعلق ۾ رهندو هو. هو مغلڀين ادبي سوسائٽي جاتيءَ، سجاول ادبي سوسائٽيءَ، ٺٽو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽيءَ، رهبر ادبي سوسائٽيءَ ۽ تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو ميمبر هو. 63 سالن جي عمر ۾ 1989ء ۾ وفات ڪيائين.[1]