آدم شاهه جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ڪلهوڙا دور جو هي مقبرو، آدم شاھ جي ٽڪري ۽ تعلقي ضلعي سکر ۾ واقع آهي. آدم شاهه ڪلھوڙو، ڪلھوڙن جي سياسي زندگيءَ جو وڏو معتبر نالو آھي. جيڪو ڪافي عرصو مغلن وٽ قيد رھيو ۽ کيس شهيد ڪيو ويو. سندس مڙهه ملتان مان آڻي ھن ٽڪريءَ تي دفنايو ويو، جنهن کي بعد ۾ آدم شاهه جي ٽڪري ڪري سڏيو ويو. مقبرو چوڪنڊو آھي. ٻاھران سندس ماپ 29.8 x 29.8 فوٽ آھي، ۽ اوچائي 42.6 فوٽ آھي. مقبرو ڏکڻ منهن آھي. دروازي جي ماپ 8.5 فوٽ آھي. ڪلھوڙا دور جي ھيءَ اڏاوت ميان غلام شاهه ڪلھوڙي جي ٺھرايل آھي. ملتان جي نواب محمد آقا، ميان صاحب کي 1598ء ۾ شھيد ڪرايو. انگريزن طرفان 1890ء کان 1914ء تائين ھن زيارتگاهه تي بندش پيل ھئي. ھن مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي اچي ٿي. مقبري ۾ اندر ٽي قبرون ٻيون به آھن. آدم شاهه جي قبر جي اڀرندي طرف اڪرم شاهه جي قبر آھي، چون ٿا ته اڪرم شاهه آدم شاهه جو ڀاءُ ھو. ٻي قبر تي ڪتبو ڄام فيروز ٽالپور جي نالي جو لڳل آھي، جنهن تي وفات تاريخ 1214ھ مطابق 1799ء لکيل آھي. ٽين قبر شھباز خان ”گل انداز“ جي آھي، جيڪو اصل حيدرآباد جو ويٺل ھو. هتي آدم شاهه سان گڏ شهيد زنده بن مستي جويي جي قبر موجود آهي.[1]