آخوند عبدالقادر بيدل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آخوند عبدالقادر ”بيدل“ ولد محمد پناهه ڀٽو، پنهنجي وقت جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1837ء ۾ ٿيو، هن شڪارپور جي مشهور عالم خليفي عبدالله کان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شمس الدين ”بلبل“ جي ديوان تي سندس لکيل قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجو خانگي مدرسو هلائيندو هو. بيدل صاحب خليفي قاسم جي دور کان وٺي ميان محمد علي قادري صاحب جي دؤر تائين زنده رهيو، سندس شاعرن سان سٺا ناتا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن ’بزم مشاعره‘ ۾ شريڪ ٿيندو هو. 1921ء ۾ پهرين ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي ۾ به شريڪ ٿيو هو. سندس وصال 7 فيبروري 1932ء تي ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]