آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخوند الله بخش ولد آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي، ڳوٺ سيتا (تعلقي دادو) ۾ سن 1279ھ 1862ع ۾ جنم ورتو ۽ 1356ھ 1937ع ۾ رحلت ڪيائين. پنهنجي دور جو وڏو عالم، مدرس ۽ خطاط هو. ديني علوم جي مڪمل تحصيل ۽ دستاربندي پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند مولانا عبدالرحمان ڀٽيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ ان جي رحلت کانپوءِ ان ئي مدرسي کي اوج تي پهچايائين. آخوند الله بخش ڀٽي فقيراڻو مزاج رکندڙ، شهرت کان ڀڄندڙ ۽ گوشه نشين عالم هو. درس ۽ تدريس کانپوءِ سندس باقي وقت عبادت ۽ مطالعي ۾ گذرندو هو. کيس ڪتابن سان بيحد محبت هئي. جن ۾ عربي صرف نحو، منطق، حڪمت، اصول فقه، تفسير ۽ حديث جا ڪتاب اچي وڃن ٿا. کيس ڪليات جامي ۽ شرح جاميءَ سان گهڻو لڳاءُ هو. فارسي شعر ۽ ادب سان کيس خاص دلچسپي هئي، جنهن سبب هڪ فارسي ديوان ابو طالب ڪليم پنهنجي هٿ اکرن سان لکي پورو ڪيائين. جيڪو سندس مواد مان مليو آهي. سندس طرز تحرير جو ڪيترو ذخيرو زماني جي دستبرد کان بچي نه سگھيو، پوءِ به سندس هٿن سان لکيل اهو ديوان سندس املهه يادگار آهي. سندس رحلت کانپوءِ سندس علمي ورثي جو وارث آخوند محمد صالح ڀٽي بڻيو، جنهن پنهنجي والد کانسواءِ پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن يعني آخوند عبدالرحمان ڀٽي ۽ آخوند الله بخش ڀٽيءَ کان علم حاصل ڪيو ۽ همايون شريف وڃي مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ وٽ به پڙهيو هو ۽ آخر ۾ درٻيلي جي درسگاهه مان دستاربندي حاصل ڪيائين. آخوند مولانا الله بخش ڀٽي پنهنجي عمر جو آخري حصو نهايت گوشه نشينيءَ ۾ گذاريو.[1]