آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد انگريز دور حڪومت کان اڳ جو پيل هو. پر آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ ان مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري ان کي باقاعده ۽ منظم بڻايو هو. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه بمطابق 1831ء ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس وفات جو سال 1317هه بمطابق 1899ء چيو وڃي ٿو. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جي والد بزرگوار جو نالو آخوند گاهي هو. ديني تعليم ۽ عربي فارسي زبان سان لڳاءُ کيس خانداني ورثي طور مليل هو. هو ڪيترا سال درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترن شاگردن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ۽ فيضياب ڪيو ۽ پنهنجي وقت جا بهترين معلم مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا.

پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ ترتيبوار عبدالرحمان، الهه بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرور ٿي آخوند جي لقب سان مشهور ٿيا، جهڙوڪ آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند الله بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند محمد دائود ڀٽي. اهي چارئي پنهنجي دور جا عالم، فاضل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نه رڳو ديني علمن ۾ يڪتاءِ روزگار هئا، بلڪ بهترين خوش نويس ۽ خطاط هئا. انهن جا ترڪي ۾ ڇڏيل ڪجهه قلمي نسخا مليا آهن، جيڪي سندن بهترين خوش نويسيءَ ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن. سندن ڪيترا قيمتي ڪتاب ۽ علمي آثار زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا. ان ڪري هن علمي درسگاهه جو هڪ پورو عهد آخوند محمد دائود ڀٽيءَ کانپوءِ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن جي وفات 1973ء ۾ ٿي. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جون ڪيل ديني ۽ علمي خدمتون ۽ سندس اولاد طرفان هڪ صديءَ جي عهد تائين سندس جلايل جوت کي قائم رکڻ واريون ڪوششون تاريخ ۾ يادگار رهنديون. [1]