آخري گھڙيون عظيم انسانن جي زندگيءَ جون (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب اصل ۾ برصغير جي نامور عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي تحرير آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس، پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئي ۽ ڊاڪٽر گلزار احمد سومري عبدويءَ ڍڪايو آهي ۽ ’موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو‘ طرفان 2003ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ حضور انور صلي الله عليه وآله وسلم جن سميت 13 خاص مقرب بندن جي زندگيءَ جي آخري گھڙين جو احوال قلمبند ڪيو ويو آهي، ان ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن.

  1. رحلت نبويه ص
  2. وفات حضرت ابوبڪر صديق رض
  3. شهادت حضرت عمر فاروق رض
  4. شهادت حضرت عثمان غني رض
  5. شهادت حضرت علي المرتضيٰ رض
  6. شهادت حضرت حسين ع
  7. حضرت عمرو بن العاص رض
  8. حـجـاج بـن يـوسـف
  9. حضرت امير معاويه بن ابوسفيان رض
  10. حـضـرت حـبـيـب بـن عـدي رض
  11. حـضـرت عـبـدالله ذوالبجادين رض
  12. حضرت عبدالله بن زبير رض
  13. حضرت عمر بن عبدالعزيز رض

ڪتاب جو ترجمو نهايت آسان ۽ با محاورا آهي. 221 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد ڊسٽ ڪور سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.

حوالا[سنواريو]