آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور صوفي، اديب ۽ ليکڪ ڄيٺمل پرسرام جو لکيل آهي، جيڪو ”برهم وديا مالا“ جي سلسلي جو چوڏهون نمبر ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ لکي، هڪ هنڌ گڏي ڏنو ويو آهي. پهريون ڀاڱو ”آتم ويچار“ ۽ ٻيو ڀاڱو ”اوم جي آکاڻيءَ“ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي تعليم ڏنل آهي، جنهن مطابق خارجي نجات، اندر جي نجات کان سواءِ ناممڪن آهي. 39 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت اُن زماني موجب اَٺ آنا رکيل آهي ۽ بُنڌو آشرم حيدرآباد پاران، بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان ڇپيل آهي.[1]