آباد وارو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ماڳ ڊگهائي ويڪرائي ڦاڪ: 69◦ 10′ 55″اوڀر 27◦ 36′ 0″ اتر ڳوٺ آباد، تعلقي روھڙي ضلعي سکر ۾ واقع آهي. سنڌو تهذيب يا ڌاتو پاھڻي دؤر جو ماڳ آهي. ھيءُ ماڳ دڙي جي صورت ۾ ڳوٺ سھتيجي کان ڏيڍ ڪلو ميٽر اتر ۾ ڳوٺ ھٿريءَ کان 2 ڪلوميٽر اتر اولهہ ۾ ۽ 35 ڪلو ميٽر روھڙيءَ جي اوڀر ۾ آھي. دڙو 590 ميٽر ڊگھو ۽ 150 ميٽر ويڪرو آھي. ٺڪر جي وٿن ۾ ھڪ ٺڪر تي اٺ جي خوبصورت شڪل کان سواءِ ٻين جانورن جي شڪلين جو ٺڪراٺو مليو آھي. پٿر جون وٿون ٽامي ۽ ڪنجھي جي وٿن سان گڏ ملن ٿيون. ان کان سواءِ سرن جا ٽوٽا، چلمن جا ٽڪرا، ڀڳل چوڙيون، ڪنن جون واليون وغيره ملن ٿيون.[1]

‍‌