آئرا
| آئرا | |
|---|---|
| ٻوٽي جي تصوير | |
| ٻوٽي جو ميوو | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | ٻوٽو |
| (unranked): | اينجيوسپرمس |
| (unranked): | ايوڊيڪاٽس |
| (unranked): | روسڊس |
| ترتيب: | مالپيگھيئاليز |
| خاندان: | فلانٿاشياء |
| Tribe: | فلانٿيياء |
| Subtribe: | فلائيگيئن |
| نسل: | فلانٿس |
| جنس: | پي.ايمبليڪا |
| حياتياتي نالو | |
| فلانٿس ايمبليڪا ايل.[1] | |
| هم معنيٰ[2] | |
| |
آنورا(Phylanthus Emblica)، هن کي اردو ۽ هنديءَ ۾ آملا چون ٿا. هي هڪڙو ڊگهن پنن وارو وڻ آهي، جنهن جا گل ڳاڙها ۽ پيلا ٿين ٿا ۽ ڇڳن ۾ بيهن ٿا. ڦر به ٻيرن جهڙو ڪندو آهي. هيءُ وڻ هڪ سؤ فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي. وڻ جو ڦر صوفي ٻير جيڏو ۽ گول ٿيندو آهي، جنهن جا سُڪل داڻا ڪاري رنگ تي ۽ ذائقي ۾ ڪاسارا ٿين ٿا.

هن جو هڪڙو قسم ننڍڙي ٻوڙي وانگي ٿئي ٿو، جنهن کي ڀون آنورا لال آنورا چون ٿا، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڪامون چون ٿا سو به هڪڙو جهنگلي ٻوڙو آهي، اهو به فلانٿس جي نالي هيٺ داخل آهي ۽ جو يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.[3]
اها هڪ قسم جو پسارڪو وکر، جيڪو وارن جي تيل ۾ استعمال ٿيندو آهي. آنوِرَن جو وڻ سنڌ ۾ ڪونه ٿئي، پر گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي. هيءُ وڻ هڪ سؤ فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي. وڻ جو ڦر صوفي ٻير جيڏو ۽ گول ٿيندو آهي، جنهن جا سُڪل داڻا ڪاري رنگ تي ۽ ذائقي ۾ ڪاسارا ٿين ٿا. حڪيمن موجب آنورا طبي لحاظ سان دماغ، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏين ٿا. قلب کي فرحت ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. عام عقيدو آهي ته تازن آنورن جو مربو، بواسير، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. هنديءَ ۾ هن کي ”آملہ“ چوندا آهن.[4]
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Phyllanthus emblica information from NPGS/GRIN", US Department of Agriculture, حاصل ڪيل 06 مارچ 2008۔
- ↑ "The Plant List: A Working List of All Plant Species", حاصل ڪيل 14 July 2014۔
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.