مواد ڏانھن هلو

موهن جو دڙو

بيھڪ: 27°19′45″N 68°08′20″E / 27.32917°N 68.13889°E / 27.32917; 68.13889
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون قدیم آثار جو ماگ تي آهي. 2016ع جی بالی ووڈ فلم جي لاءِ موهن جو دڙو (فلم) ڏسو.
موئن جو دڙو جا آثار
عالمي ورثو ٺڪاڻو

موئن جو دڙو جا موجودهه آثارسنڌ ، پاڪستان
ملڪ پاڪستان
قسم ثقافتي
شرط ضابطا ii, iii
حوالو 138
علائقو** ايشيا بحر الکاهل
مڪانيت 27°19′45″N 68°08′20″E / 27.32917°N 68.13889°E / 27.32917; 68.13889
تاريخِ شموليت
شموليت 1980  (4th اجلاس)
* عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا
** يونيسڪو جا علائقا

موهن جو دڙو (Mohenjo-daro) یا موئن جو دڙو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ واقع قديم آثارن واري جاء جو نالو آهي جيڪا يونيسڪو طرفان ھڪ عالمي ورثو قرار ڏنل آهي. 2500 قبل مسيح ۾ ٺهيل، اها قديم سنڌو ماٿري جي تهذيب جي سڀ کان وڏي آبادي هئي ۽ دنيا جي قديم ترين وڏن شهرن مان هڪ آهي، جيڪو قديم مصر، ميسوپوٽيميا، مينوئن ڪريٽ ۽ اتر چيڪو جي تهذيبن سان هم عصر هو.[1][2]

گهٽ ۾ گهٽ 40,000 ماڻهن جي آبادي سان، موهن جو دڙو ڪيترن ئي صدين تائين خوشحال رهيو، پر 1700 ق.م تائين، سنڌو ماٿري جي ٻين وڏن شهرن سان گڏ، ڇڏي ويو.[3] سال 1920ع تائين ماڳ ٻيهر دريافت نه ڪيو ويو. شهر جي ماڳ تي اهم کوٽائي ڪئي وئي آهي، جنهن کي 1980ع ۾ يونيسڪو عالمي ورثو سائيٽ نامزد ڪيو ويو، ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون ماڳ جنهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.[4] سائٽ کي هن وقت تباهي (erosion) ۽ غير مناسب بحالي کان خطرو آهي.[5]

موئن جو دڙو انساني تاريخ جي 5 هزار سال پراڻي ثفافتي تهذيب آهي، ڏکڻ ايشيائي ملڪن پاڪستان ۽ هندوستان جي سنڌو ماٿريءَ جي هن تهذيب کي شهري رٿا بندي وارو شهر پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن ۾ آب ۽ نيڪاسي جو جديد نظام رائج هو. مهين جو دڙو جي تهذيب مصر ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن جي هم عصر تهذيب هئڻ جو اعزاز رکي ٿي، جڏهن ته مهين جي دڙي تي گهٽ تحقيق ٿيڻ ڪري کيس مصر جي تهذيب بعد ٻئي نمبر تي وڏي تهذيب ڪوٺيو ويندو آهي.

نالي جو مطلب

[سنواريو]

موهن جو دڙو، ماڳ (سائيٽ) جو جديد نالو، سنڌي ۾ مختلف طرح سان ”مرده ماڻهن جو دڙو“ ۽ ”موهن جو دڙو“ (جتي موهن جو مطلب ڪرشنا آهي) جي تشريح ڪئي وئي آهي.[6][7]


تفصيلي تعارف

[سنواريو]

انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي رهيو هو. جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي زبانن ۾ نوشتا اُڪرايا هئا. هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد بعد سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. ائين اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هيو. جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هي مٿيون سڀ تعميرات ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو (پهريون) جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهي کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌو جي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو.[8] جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا.[9] جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. بس ايئن ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو. برصغير سميت سڄي دنيا جي تاريخ جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان شروع ٿيڻ لڳي.[10][11] سر جان مارشل ظاهر ڪيو آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون هٿ آيون آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان 2750 ورهيه، ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آهن، يعني انهيءَ تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه آهي. ڪي چون ته پنج هزار ورهيه اڳي اها تهذيب ههڙي اعليٰ درجي کي رسيل هئي، تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي انهيءَ تهذيب جو پايو هوندو، جنهنڪري چئبو ته اها تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿي هوندي. تازو آڪٽوبر 1937ع ۾ نامور عالم ريورنڊ فادر ايڇ. ايس هيرس مدراس يونيورسٽيءَ جي سهاري هيٺ هن مضمون تي تقرير ڪندي جيڪي چيو آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن جو لکيتون هو ڪجهه قدر سمجهي سگهيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته ڪيترن مهرن ۾ سورج منڊل تي راسين ۽ لکشترن جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح اشارو آهي، ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آهي ته ” اُن جي رفتار تيز آهي.“ پوءِ جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو اٿس ته مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي ماڻهن کي جوتش وڌيا جي سڌ عيسوي سن کان 5610 ورهيه اڳي هئي، ۽ ميسو پوٽيميا طرف جا ماڻهو اها وديا پوءِ سکيا ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندستان جي ماڻهن وٽان پوءِ پرايو. ميسو پوٽيميا جي ماڻهن پوءِ اهو هنر يورپ طرف ڦهلايو. مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ موجب يورپ جي ماڻهن تي هندستان جي سڀيتا جو آڳاٽي زماني ۾ گهڻو اثر ٿيو هو[11] سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن جي لکتن ۾ ميلوها(Meluha) جو ذڪر ملي ٿو جن لاءِ ماهرن جي بحث منجهان موهن جي دڙي جو نالو معلوم ٿئي ٿو. ميلوها سان سميري ۽ميسوپوٽيميا تهذيبن جا واپاري لاڳاپا هئا. ميلوها لاءِ سميري ۽ ميسوپوٽيميا لکتن ۾ ذڪر آهي ته اهو سنڌ ۾ هو. ان بابت ذڪر ڄڻ موهن جي دڙي جو ذڪر هجي.[12]

دڙي جي کوٽائي

[سنواريو]

موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي. ان کوٽائيءَ جو سمورو احوال سر جان مارشل ٽن ضخيم جلدن ۾ شايع ڪرايو.[13] وري ٻيو دفعو هن کنڊر جي کوٽائي ارنيسٽ مئڪي جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. جنهن پنهنجو ڪم 1927ع کان 1931ع تائين ڪري ختم ڪيو ۽ پنهنجي تحقيقات کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيو.[14] ان کانپوءِ وري ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر 1950ع کان هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي. وري 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جي سربراهه پروفيسر جارج ايف ڊيلز (يونيورسٽي آف پينسلونيا) طرفان وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وئي. اهڙي طرح هن عظيم شهر جي کوٽائيءَ ۾ بئنرجي، سر جان مارشل، جارج ايف ڊيلز، هارگريوز، سروپ وتيس، ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هيءُ 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا نرالا رنگ ۽ ڍنگ ورهين گذرڻ کان پوءِ اسان جي سامهون آيا. موهن جي دڙي جو تباهه ٿيل شهر اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي-ڪوئيٽا ريلوي لائين تي ڏوڪريءَ جي اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي. سنڌوندي هن ماڳ جي اوڀر ۾ وهي ٿي. موهن جي دڙي جو کنڊر 240 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي.[15] لئمبرڪ جي چئي مطابق هيءُ شهر گهيري ۾ ٽن ميلن کان به وڌيڪ ڦهليل آهي ۽ هي تمام گهاٽي آدمشماريءَ وارو شهر هيو.[16]

مهين جو دڙو، دريافت ۽ کوٽائي

[سنواريو]

مهين جي دڙي جي دريافت 1922ع ۾ آر بي بئنرجي ڪئي، جيڪو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو هڪ آفسير هو. رکيل داس بندوپڌيا بئنرجي کي ٻڌ ڌرم ۽ سڪندر اعظم جي آثارن بابت ذميوارون ڏنيون ويون هيون ۽ هو مهين جو دڙو جي اسٽو پا بابت اطلاع ملڻ تي هن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ته اتي هن کي هڪ ٻئي تهذيب جا آثار مليا. آر بي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽس گورنمينٽ جي آرڪيالاجي کاتي کي ڏنو، جنهن بعد 1929ع ۾ برطانوي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل مهين جي دڙي پهتو ۽ هن مهين جو دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾ آرڪيالاجي کاتي جاعملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي سندس سهڪاري هئا. 1945 ۾ احمد حسن داني ۽ مورٽيمر ويلر پڻ کوٽائي ڪئي، جڏهن ته مکيا کوٽائي65- 1964۾ ڊاڪٽر جي ايف ڊيلز جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. 1965 کانپوءِ پاڪستان سرڪار جي ڪجهه عملدارن هڪ سازش تحت مهين جي دڙي جي کوٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ مهين جو دڙو تي صرف ننڍا ننڍا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا، جيڪي ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن.

کوٽائيءَ ۾ ڊگھا کوھ ظاهر ٿيا جنھن مان خبر پئي تہ ھي شھر ھر ٻوڏ بعد بار بار تعمير ٿيو جنھن سان ان جي گھٽين جي بلندي مٿي تائين اچي وئي اھڙي طرح کوھ مٿي ٿي ويا [17]

دڙي جي کوٽائي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ هن قسم جون کوجنائون رڳو الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ٿورن هنڌن ٿيون هيون، جو تن ڏينهن ۾ اهي هنڌ نهايت آڳاٽا ليکبا هئا. سن 1910ع ۾ ميرپورخاص نزديڪ ڪاهوءَ جي دڙي جي کوٽائي، مسٽر هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ ڪرائي، ته اتان ٻڌ ڌرم واري زماني جون ڪي حقيقتون معلوم ٿيون. مهن جي دڙي جي سڌ جيتوڻيڪ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن، توڙي لاڙڪاڻي ضلع جي روينيو عملدارن کي اڳي ئي هئي، پر ڪنهن نهاريس به ڪونه ٿي. هتي پوءِ سن 1922ع ۾ کوٽائي ٿي ۽ ان لاءِ هڪ اتفاقي سبب اچي بڻيو. سن 1918ع کان وٺي مسٽر رکلداس بئنرجي. ايم. اي آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽنڊنٽ، پنجاب طرف، بياس نديءَ جا سڪل پيٽ پئي جاچيا. سندس مکيه مراد هيءَ هئي، ته عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي. بياس نديءَ جي ڪناري وٽ، سڪندر اعظم جيڪي ٻارهن ٺل ٺهرائي، مٿن يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اُڪرايا هئا، تن جو پتو ڳولي ڪڍجي. اٽڪل چار ورهيه پنجاب جي ڏاکڻي ڀاڱي، بيڪانير ۽ بهاولپور رياست جا گشت ڪندو، مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل ٻيٽ جاچيندو، سنڌ ۾ آيو. واٽ تي بهاولپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سنڌونديءَ جا ارڙهن سڪل ٻيٽ نظر آيس! انهن کانسواءِ ٻڌ ڌرم واري زماني جي ستاويهن وڏن ۽ ٽيونجاهه ننڍن شهرن جا ويرانا سرحد سنڌ. سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ڏٺائين. اهي سڀ هنڌ اک مان ڪڍندو، سن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي طرف مهن جي دڙي وٽ اچي بيٺو. ان وقت هڪ اوچي دڙي تي ڊٺل ٺل ۽ ٻڌ ڌرم وارن جو هڪ مٺ (مندر) هو، جنهن جون ڀتيون سنڌونديءَ جي سپاٽ (سطح) کان ڇائيتاليهه فوٽ اتاهيون هيون. مندر جي چوڌاري ڀيڪشن (ٻڌ ڌرم جي ساڌن) جي رهڻ جي لاءِ ڪوٺيون هيون ۽ انهن ڪوٺين جي وچ ۾ مندر واري عمارت هئي. اتان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ هئي ۽ پٺيان ٻئي طرف کان هيٺ لهڻ لاءِ به ڏاڪڻ هئي، اتي هڪ وڏو ٿلهو هو، جنهن تي ٺل بيٺل هو. ان جي پاسي وارين ڀتين جي مٿان ٻه سوڙهيون ڏاڪڻيون هيون، جن مان هڪڙي اُتر ته ٻي ڏکڻ طرف ٿي ويئي. اتي هڪ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ گوتم ٻڌ جو پتلو رکيل هو. چون ٿا ته انهيءَ پتلي تي اڳي سوني پني چڙهيل هئي، ڀر وارا ڳوٺاڻا ڀانئيندا هئا ته هتي ڪو ڌن پوريل آهي، سي هتي اچي، وقت بوقت زمين کوٽيندا هئا. سرون کَپنديون هين، ته اهي هتان ڪڍي کڻي ويندا هئا. مسٽر بئنرجيءَ هتي اچي، پير سان ٻهر اُٿلايو، ته ٺڪر جي ٿانون ٿپن جا ٺڪر ٽوٽا ڏٺائين، جن تي نهايت عمدو ۽ عجيب ڪم ٿيل هو. ڪي پٿر جون ٺهيل ڇريون به هٿ آيس، جي نئين پٿر واري زماني جون هيون. هي سڄاڻ انهن ٿورين شين لهڻ شرط سمجهيو ته هي هنڌ کوٽائڻ جي لائق آهي. خود کيس اوڏيءَ مهل اها ڳالهه من نڪا چت هئي، ته هتان اهڙي سڀيتا جو پتو پوندو، جا اڳ ڪنهن به ڳولي نه لڌي آهي، پر هتي جي زمين، جا پنج هزارن ورهين جي جهوني سڀيتا پنهنجي پيٽ ۾ پائي ويٺي هئي، سا ڪوڏر جي پهرئين ئي لپي سان پڌري ڪرڻ لڳي، جنهنڪري مسٽر بئنرجيءَ جي هيڪاري دل وري آرڪيالاجيڪل کاتي وارا کوٽائيءَ جو ڪم ڪرائيندا ئي سياري ۾ آهن. مسٽر بئنجريءَ سن 22-1923ع وارو سيارو اُتي کوٽائي ڪرائي، پر ٻئي سياري ۾ به اتي اچي، زمين وڌيڪ کوٽايائين ۽ سندس لايا سجايا ٿيا.[18] مسٽر بئنرجيءَ مهن جي دڙي بابت جيڪي رپورٽون ٻنهي سالن ۾ سرڪار کي موڪليون، آرڪيالاجيڪل کاتن جي ساليانين رپورٽن ۾ ڇپيل آهن. انهن ۾ ڄاڻايو اٿس، ته دڙي کوٽيندي معلوم ٿيو، ته ان ۾ چئن جدا جدا زمانن جون عمارتون آهن. انهن عمارتن اندران جدا جدا زمانن جا سڪا، چقمق جا ٽڪر، ڪچ جون ڪنگڻيون، راند ڪرڻ لاءِ ڍارا، اڇي سنگ مرمر جون ڌوپ ڇٽيون ۽ پتلا لڌا آهن. هڪ چٽسالي ٿيل مورتي لڌي آهي، جا ڪنهن ڏاڙهيءَ سان مڙس جي سسي آهي ۽ مٿي تي کوپڙيءَ جي شڪل جهڙي ٽوپي اٿس. دڙي جي اندر مردا به پوريل هئا، ۽ مردن دفن ڪرڻ جا نمونا به نرالا هئا. مسٽر بئنرجيءَ هتي جي عمارتن مان جيڪي شيون لڌيون، تن ۾ تنت مال پٿر، عاج ۽ ڄؤ جون ٺهيل مهرون آهن، جن تي قسمين قسمين جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن تي ڪي اکر به اڪريل آهن، جيڪي هاڻوڪيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ سان ملي نٿا اچن. اهي اکر اڄ تائين ڪو پوريءَ ريت پڙهي ڪونه سگهيو آهي؛ پر انهن اکرن سمجهڻ جي ڪوشش گهڻي ئي عالم ڪن پيا. مسٽر بئنرجي اهي مهرون ڏسي گد گد ٿيو، جو سمجهيائين ته ڪا شيءِ لڌي اٿم ائين سمجهڻ لاءِ سبب هئس.[18] ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هرپا ۽ مهن جي دڙي مان لڌل سڀ شيون گهرائي، پاڻ تپاسيائين. هو صاحب يڪدم سمجهي ويو، ته ههڙي کوجنا پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڳي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. مهرن تي جيڪي اکر اڪريل هئا، سي جيتوڻيڪ پاڻ به پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، ته به ايترو سمجهيائين ته انهن مهرن تي جيڪي اکر اُڪريل آهن۽ شڪليون نڪتل آهن، سي ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن جي قديم سڀيتا سان ڪجهه قدر ملي ٿيون اچن. پوءِ ته ڇا ڪيائين جو مهن جي دڙي مان لڌل عمارتن ۽ شين، ۽ سڀني مهرن جا فوٽا، ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين، ته من ڪو عالم هنن نين شين تي ڪا روشني وجهي سگهي. سندس اهو ليک فوٽن (تصويرون) سميت ”السٽريٽيڊ نيوز“ جي 20 سيپٽمبر 1924ع واري پرچي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته ٺڪ ٻئي هفتي ساڳي مخزن ۾ پروفيسر اي. ايڇ. سئس ظاهر ڪيو ته انهيءَ ساڳي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسو پوٽيميا طرف به مليا آهن. مهرون به ساڳيون ته عمارتن جي اڏاوت جو نمونو به ساڳيو! سگهوئي پوءِ ايران طرف به انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جون ثابتيون مليون. جنهنڪري آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي، عراق ۽ ميسو پوٽيميا تائين ڪنهن قديم زماني ۾ هڪڙي ئي تهذيب هئي. هن نئينءَ کوجنا ڪيترن ئي هنڌن جي عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. هندستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي به اخبارون ۽ مخزنون ڇپجن ٿيون، تن سڀني ۾ مهن جي دڙي بابت ليکن پٺيان ليک ڇپيا، جنهنڪري مهن جو دڙو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو .هينئر هيڪاري ضرور ٿيو ته مهن جو دڙو اڃان وڌيڪ کوٽائجي ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي؛ پر هن ڪم لاءِ ججهو ناڻو گهرجي. سگهوئي هند ليجسليٽو اسيمبليءَ جي بجيٽ جي ميٽنگ ۾ رٿ پيش ٿي، ته هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي کي هند سرڪار هڪ فنڊ پنجاهه لک رپين جو منظور ڪري ڏئي، جنهن مان آئيندي اهڙا دڙا کوٽائجن. انهيءَ رٿ پيش ڪندي سيڪريٽريءَ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته پنجاب ۽ سنڌ مان هينئر جنهن سڀيتا جو پتو پيو آهي، تنهن تي سڄي هندستان کي فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي، ۽ اهو فنڊ ضرور قبول ٿيڻ گهرجي. اسيمبليءَ ايترو پئسو ڏيڻ نه قبوليو، ته هندستان ۾ ناراضپو پيدا ٿيو. انهيءَ هوندي به اسيمبليءَ کي جس آهي، جو اڍائي لک روپيا ساليانو قبوليائين. سر جان مارشل پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ مهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻ اُتي وڃي رهيو. ڏوڪري اسٽيشن کان وٺي مهن جي دڙي تائين رستو ٺهرايائين، عملي لاءِ جايون جوڙايائين ۽ اٽڪل هڪ هزار مزدور دڙي کوٽائڻ لاءِ رکيائين، جن مان ڪيترا بروهي هئا، جي پنهنجيون ڀونگيون اَڏي اتي رهيا؛ مهن جي دڙي وٽ هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو. سرجان مارشل پنهنجي سر مزدورن کي سمجهائيندو هو ته کوٽائي ڪيئن ڪجي. مزدورن جي لاءِ هيءُ نئون ڪم هو، پر اهڙو ته هري ويا جو اَن جو داڻو به لهندا هئا، ته اهو به آڻي ڏيندا هئس. ائين دڙي مان گهڻي ئي شيون لڌيون. جيئن جيئن نيون شيون پئي لڌيون تيئن تيئن انهن جو مختصر ذڪر اخبارن ۾ پئي ڇپيو. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن عالمن پڇ پڇ لاتي ته اسان کي چٽيءَ ريت کولي ٻڌايو، ته اتان ڇا ڇا لڌو اَٿَو! سر جان مارشل سندين اُڻ تڻ لاهڻ لاءِ پنهنجيءَ صحيح سان ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ليک لکيا. آخر هڪ سهڻو ڪتاب، ٻن جلدن ۾، باتصوير، مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت ڇپايائين جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سوَ روپيا، اڃان به وڌيڪ) آهي. سن 1922ع کان وٺي 1927ع تائين جيڪا کوٽائي ٿي تنهن جو سربستو ذڪر ان ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ کانپوءِ به دڙو کوٽايو اٿن. مسٽر بئنرجي جنهن پهريائين اهو دڙو کوٽايو هو، تنهن مهن جي دڙي بابت ڌار ڪتاب لکيو. مسٽر دڪشٽ ۽ مسٽر مئڪي به ڪيترو وقت پنهنجي نظرداري هيٺ دڙو کوٽايو هو. مسٽر مئڪي به ڌار ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ ريت مهن جي دڙي بابت ٻين به ڪتاب لکيا آهن.[18]

مهين جي دڙي جو پس منظر

[سنواريو]

مهين جو دڙو سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته 5 هزار سال اڳ سنڌو درياءُ مهين جو دڙو جي کاٻي پاسي کان وهندو هو، پر قدرتي طور تي ٿيندڙ موسمي تبديلين سبب ساڄي طرف کان وهڪرو ڪري رهيو آهي.

مهين جي دڙي جو اسٽوپا

[سنواريو]

مهين جو دڙو تي موجود ٻڌ ڌرم اسٽوپا يا عبادت گاه مهين جو دڙو جي تهذيب سان ڪوبه واسطو نه ٿي رکي. هي اسپوٽا ٻڌ ڌرم سان واسطو رکي ٿي، جيڪا 18 سئو سال اڳ وجود ۾ آئي. اسٽوپا گولائي ۾ سرڪل جيان ڪچي سرن سان ٺهيل هئي ۽ سون جي ڳولها ڪندڙ چورن ان جي اڌ کان وڌيڪ حصي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. اسٽوپا بابت ماهرن جي راءِ آهي ته ٻڌ ڌرم جي باني گوتم ٻڌ جي وفات بعد سندس سماڌي کي 7 حصن ۾ ورهايو ويو ۽ ان مان هڪ حصي کي هن اسٽوپا ۾ دفن ڪيو ويو هئو.

مهين جي دڙي جا آثار

[سنواريو]

موهين جي دڙي جي آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد قوم انتهائي ذهين، هوشيار ۽ محنت ڪش هئي، جيڪا انساني رشتن کي اهميت جي نظر سان ڏسندي هئي. آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻهو طبقن ۾ رهندا هئا يعنى امير، واپاري ۽ غريب طبقن ۾ ورهايل هئي ۽ سندن گهر ڪشادا ۽ پڪين سرن سان تعمير ٿيل آهن.گهرن ۾ کوهه پڻ تعمير ٿيل آهن، جنهن ذريعي پيئڻ توڙي استعمال جو پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو ۽ هر گهر کي ليٽرن ۽ باٿ روم سميت ڊرينيج سسٽم پڻ هو جنهن ذريعي گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو هو، جڏهن ته نالين کي پڻ پٿرن ذريعي ڍڪيو ويون هو. گهرن ٻاهران روشني لاءِ ڏيئا ٻارڻ لاءِ جڳهه پڻ تعمير ٿيل آهن.ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ تعمير ڪيا ويا هئا ته جيئن ٻار بهتر تعليم پرائي سگهن.آثارن جي کوٽائي مان هڪ سوئمنگ پول پڻ هٿ آيو آهي، جيڪو جديد دور جي علامت آهي.

مهين جي دڙي جي ٻولي

[سنواريو]

مهين جو دڙو مان هٿ آيل مهرن تي اڪريل عبارتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻهو ڳالهائيندڙ ٻولي لکي ۽ پڙهي سگهندا هئا، جنهن لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ ان موقف کي سگهارو ڪن ٿا ته هتي آباد قوم تمام گهڻي سڌريل قوم هئي. بدقسمتي سان مهين جو دڙو جي ٻولي کي اڄ تائين پڙهجي نه سگهي نه آهي، جنهن ڪجهه محققن اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ۽ ڪجهه مهرن کي پڙهڻ جون دعوائون ڪيون آهن پر تن تي ڪنهن به صورت ۾ يقين نه ٿو ڪري سگهجي. هي هڪ اهڙو راز آهي، جيڪو تباهه ٿيندڙ قوم جي سيني ۾ ئي رهجي ويو ۽ ان کي ظاهر ڪرڻ قطعي طور ناممڪن آهي پر پوءِ به ڪوشش ٿي رهي آهي.

نالي جو مطلب

[سنواريو]

موهن جي دڙي جي صحيح نالي جي پڪي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي، سرڪاري طور تي هن تاريخي ماڳ کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير) چيو وڃي ٿو، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙو (موهن هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو (منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُمهِيا هڪ قوم آهي) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي موهن جو دڙو آهي، مقامي آبادي هن ماڳ کي موهن جو دڙو سڏي ٿي.[19] لاڙڪاڻي ضلعي جي لبدريا تعلقي ۾، لاڙڪاڻي جي شهر کان پنجويهه ميل پري، ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانو آهي، جو عام طرح ”مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي معنيٰ ڄاڻائي آهي 'Mound of the Dead' هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“، ۽ رڳو چُڪ کان ”مئن بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو، ته پڪ ٿيندس ته صحيح اُچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معنيٰ آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. قديم زماني ۾ سنڌوندي مُهن جي دڙي وٽان وهندي هئي، اُتي جو اصلوڪو شهر سنڌونديءَ ۽ الهندي ڪناري جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو. سرزمين جانچڻ سان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته اتي اصل پنج ٻيٽ هئا، جي پوءِ نديءَ جي اتان رخ ڦيرائڻ ۽ مٿان واريءَ وري وڃڻ سبب گڏجي ويا ۽ هاڻي ٻيٽن جو گويا هڪ ڇڳو ٿي پيا آهن. هينئر اتي دڙا ئي دڙا لڳا پيا آهن، جي اٽڪل اڍائي سؤ ايڪڙ زمين جا والاري بيٺا آهن. ڪي دڙا ويهه ته ڪي ٽيهه فوٽ اوچا آهن. انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو دڙو اٽڪل ستر فوٽ اوچو آهي، تنهن تي هڪ مندر اڏيل هو، جو ڪيترن ورهين کان ڊٺو پيو هو؛ پر هاڻ چڱي مشهوري ملي اٿس.[18]

مهين جي دڙي جو صحيح نالو

[سنواريو]

مهين جو دڙو جو صحيح نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، سرڪاري طور تي هن تاريخي آثار کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير)ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙو (موهن هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو(منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُمهِيا هڪ قوم آهي) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي مهين جو دڙو آهي، مقامي آبادي هن آثار کي مهين جو دڙو ڪوٺيندي آهي.

شھر جو نظام

[سنواريو]
موئن جي دڙي جو بچيل نمونو

هي کنڊر هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”مٿيون شهر“ جتان شهر پناهه جا آثار مليا آهن. جيڪا ٻين جڳهن کان ڪجهه مٿڀري سطح تي جڙيل آهي. ان مٿين سطح تي جوڙيل اڏاوتن ۾ ميونسپل هال ۽ شهري کاتن جي انتظاميه جون سرڪاري آفيسون ۽ بنگلا، پاڻيءَ جو تلاءُ، ٿنڀن وارو اسيمبلي هال ۽ هڪ وڏو ان جو ڀانڊو مليو آهي. جيڪي مٿين سطح تي ان خيال کان ٺاهيا ويا ته جيئن سنڌو درياهه جي ٻوڏن کان انهن جي حفاظت ٿي سگهي ۽ هيٺئين شهر جا ماڻهو به مٿئين شهر جي قلعي ۾ ٻوڏن وقت پناهه حاصل ڪري سگهن.[20] شروعات ۾ دڙو هڪ ئي هئو، پر پوءِ شايد سنڌو ندي جي ڪنهن اوائلي ليٽ هن جي اسٽوپا ايراضي واري حصي کي هيٺين ايراضي کان جدا ڪري ڇڏيو.[21][22][23][24] هڙپا وانگي، موئن يا موهن جو دڙو پڻ سکر سنڌ کان 80 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ واقع سنڌو تهذيبَ جو شهر ھو. اھو يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. اهو هڙپا کان ڪي قدر بهتر سانڍيو سنڀاليو ويو آهي، تنهنڪري اهو پنهنجي تهذيب جي بهتر عڪاسي ڪري ٿو. هڙپا کان موئن جو دڙو 400 ميل پري آھي. اھو چار ھزار کان پنج هزار سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 1700 ق م ڌاري غير آباد ٿي ويو، جنهن جو سبب شايد سنڌو درياءَ جو رخ مٽائڻ آهي، جيڪو ان تهذيب لاءِ جياپي جو ذريعو هو. ونگڀياسدانن ان کي 1920ع واري ڏهاڪي ۾ دريافت ڪيو. قدامت جي لحاظ کان موئن جو دڙو قابل ذڪر غير معمولي شهر آهي. ان جو نقشو رٿابنديل آهي، جنهن ۾ گھٽين جو تاڃيپيٽو آهي ۽ مٽيءَ جي پڪل ۽ اس تي سڪايل سِرُن ۽ سڙيل ڪاٺ سان اڏاوت ٿيل آهي. پنهنجي عروج وقت، شهر جي آبادي 35 کان 40 هزار هئي. ان کي تنهن دور جو جديد ترين نڪاسي سرشتو هو، ٻه ۽ ٽه ماڙ متفرق عمارتون هيون ۽ هڪ قابل ديد سنانگاهه هئي، جنهن جي تر ۾ قدرتي ڏامر جو تهه چاڙهيو ويو هو ته جيئن پاڻي سيمو نه ڪري. هڪ زرعي شهر هئڻ جي ڪري، ان ۾ هڪ وڏو کوهه، اناج جو گودام ۽ هڪ ڪاروباري مرڪز پڻ هو. غالباً، اڃا به وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته موئن جي دڙي ۾ هڪ اهڙي عمارت به هئي جنهن جي هيٺان زمين دوز بٺي هئي، جنهن جو مقصد شايد گرم حمام ميسر ڪرڻ هو. موئن جو دڙو ست ڀيرا تباهه ٿيو هو. هر ڀيري ان کي پراڻي مدفن کنڊر مٿان اڏيو ويو. انهن تباهين جو سبب سنڌو درياهه مان ايندڙ ٻوڏن کي سمجھيو وڃي ٿو. شهر جا ٻه حصا هئا، هڪڙو ڪوٽ، ۽ ٻيو هيٺالو شهر. هيٺالي شهر جو اڪثر حصو اڃا ڍڪيل آهي، پر ڪوٽ جي گھڻي حصي جي کوٽائي ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ وڏي سنانگاهه آهي، 5000 شهرين لاءِ هڪ وڏو رهائشي علائقو آهي ۽ ٻه وڏيون اجتماع گاهون هيون. موئن جو دڙو، سکر کان 80 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ اولهه ۾ آهي. اهو سنڌو تهذيب 2600 ق م - 1700 ق م جو مرڪز هو. جيالاجي جو ماهر جان روچ نيشنل جاگرافڪ ميگزين ۾ لکي ٿو ته موهن جي دڙي ۾ ڪنهن عاليشان محل، مندر يا يادگار قسم جي منارن جي غير موجودگي ثابت ڪري ٿي ته هتي بادشاھ يا راڻي جو تخت تاج ڪونه هو. وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي آمريڪا جي پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر موجب موهن جي دڙي جي آثارن ۾ راڻي يا راجا جي غير موجودگي مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي کي هڪ شهري رياست طور مختلف محلن مان چونڊيل ماڻهن وسيلي هلايو ويندو هوندو. جان روچ ۽ پروفيسر جوناٿن مارڪ جي اها تحقيق ٻڌائي ٿي ته چونڊيل جمهوري طرز حڪومت جي خالق به سنڌ ئي آهي. چونڊيل جمهوري طرز واري حڪومت جا خالق به سنڌو سڀيتا جا وارث هئا ۽ دنيا جي پهرين سماجوادي رياست سنڌو ماٿر جا ماڻهو ترقيءَ جي بلندين تي هئا.[23][25] مهن جي دڙي جي اٽڪل تيرهن ايڪڙ زمين هيلتائين کوٽائي اٿن. هتان ست شهر هڪ ٻئي جي مٿان لڌا آهن. آبڪلانيءَ ۾ سنڌوندي جي اُٿل ۽ چوماسي ۾ جبلن تان پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب هيءُ شهر هڪ ڀيرو زبون ٿيو ٿي، ته پاڻيءَ جي ڇينهري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن وري انهيءَ ويراني مٿان ٻيو نئون شهر ٻڌو ٿي. ائين شهر مٿان شهر ٿي ٻڌائون، جن مان ستن شهرن جو پتو پيو آهي. ڀائنجي ٿو ته هيءُ شهر واپار يا ٻين سببن ڪري مکيه هو، جنهنڪري ماڻهن وري وري اهو ساڳيو شهر وسايو ٿي ائين ست گهمرا ساڳيو هنڌ وسايائون. انهن ويرانن جي هيٺان پاڻي نڪتو آهي، جنهنڪري چئبو ته اٺون شهر ڪونه هو. شهر جو ڊؤل: مهن جي دڙي مان جيڪي شهر هينئر ظاهر ٿيا آهن تن مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج هزار کن ورهيه اڳي به ماڻهو ائين محلا ۽ پاڙا جوڙي رهندا هئا، جيئن اڄ اسين رهون ٿا. مطلب ته شهر ٻڌڻ جو ڊؤل جيڪو هينئر آهي سو جڳن جو آهي. هتي جا رستا ڪشادا ۽ سنوان آهن، جي سڌا اُتر کان ڏکڻ ڏي وڃن ٿا. انهن رستن مان گهٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڦٽن ٿيون، جنهنڪري هڪ هڪ محلو ڌار بيٺو آهي .هرهڪ شهر ۾ جيڪي عمارتون آهن. تن مان ڪنهن به عمارت کي ڇت ڪانهي. ڀائنجي ٿو ته ڇتين جون ڪامون ۽ لڙهيون يا پٽيون ججهي عرصي گذرڻ ڪري سڙي ڀڄي ڀري ويون آهن، يا باهه لڳڻ ڪري جلي ڀسم ٿي وييون آهن. سڀ عمارتون پڪسريون آهن ۽ ڏسڻ ۾ اهڙيون تازيون پيون اچن، جو ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻيءَ هي شهر ٻڌا هئا. سرون نهايت عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ تاريخ واري زماني ۾ هندستان ۾ جيڪي سرون اينديون هيون، تن کان بنهه علحدي نموني آهن. جيڪي عمارتون لڌيون آهن، تن مان ڪيتريون ماڻهن جي رهڻ جون جايون آهن. سڀ جايون ڪشاديون ۽ هوادار آهن. ڪن گهرن جي اڱڻ ۾ ڏاڪڻ آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته جاين جي مٿان ماڙيون به اڏيل هيون، هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه ۽ سنان جي ڪوٺي آهي. سنان جي ڪوٺين کي سرن جو فرش ٻڌل آهي! ڪوٺيءَ ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ وٽان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ موري آهي، جنهن مان پاڻي وهي، گهٽين جي ڪسين ۾ وڃي پوندو هو. گهٽين جون ڪسيون ڍڪيل آهن، جن مان اندران ئي اندران پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو! ڪن سنانن جي جاين ۾ سرون ڪٽي، اُهو ڪٽو چن سان ملائي تنهن سان نهانيءَ (سنان جي ڪوٺي) جو تر لتو اٿن، ته ڌرتي پاڻي چهي نه وڃي! ڀتين تي پلستر ٽي انچ ٿلهو چڙهيل آهي. سرن جي جيڪا چوڙائي ٿيل آهي، تنهن ۾ ڪيترن هنڌ گارو ڪتب آيل آهي، پر ڪن ڪن هنڌ چيرولي (Gypsum) ڪم آيل آهي، جا نئن گاج ۾ اڄ به ججهي انداز ۾، پيدا ٿئي ٿي. عمارتن تي نقش جو ڪم ڪونه ٿيل آهي، ته به سرجان مارشل چوي ٿو ته هندستان ۾ ههڙي عمدي آڏپ مهن جي دڙي واري زماني کانپوءِ به ڪٿي ڪانه ٿيندي هئي.[26] ههڙيون عمديون پڪسريون جايون گهڻو خرچ ٿيون پڇن، تنهنڪري مسٽر مئڪي جو اهو قياس پورو آهي ته هتي جا ماڻهو وڏيءَ هوندا وارا هئا.[27] ڪي عمارتون شايد مُٺ يا مندر ٿي ڪم اينديون هيون. اهڙين جاين جي بنا (Plinth) ٻين جاين کان مٿي آهي. انهن ۾ ڪوٺيون ننڍيون آهن، پر ڀتيون بلڪل مائيدار آهن. ڪن ڀتين جي ٿولهه ڏهه فوٽ به آهي! انهيءَ مان سر جان مارشل اهو انومان ڪڍيو آهي ته انهن جي مٿان شايد گهڻيون ماڙيون جڙيل هيون، جنهنڪري هيٺيون ڀتيون اهڙيون ٿلهيون رکيون اٿن. ڪن عمارتن مان ظاهر آهي ته اهي دڪان ٿي ڪم اينديون هيون. اهڙيءَ هڪ عمارت مان نيروٽيءَ جي ڪن لڌي آهي، ۽ نير جا چٽا به ڏسڻ ۾ آيا آهن.[18] مُهن جي دڙي جي هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه آهي. ڪي کوهيون آهن. ڪيترين گهٽين مان ۽ رستن تان وڏا کوهه لڌا آهن، جي يڪسرا ۽ گولائيءَ تي آهن – هڪ ٻه کوهه بيضوي شڪل جو به آهي. ٻن کوهن وٽ پڪسرون بئنچ ٺهيل آهي – اهو شايد انهيءَ لاءِ هو ته جيستائين ڪنهن کي پاڻيءَ ڀرڻ جو وارو ملي، تيستائين انهيءَ بئنچ تي ويھندا ھئا.سڄي شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي ترتيب نهايت سهڻي نموني جي آهي. مسٽر بريلسفورڊ چوي ٿو ته يورپ ۾ اهڙي عمدي ترتيب عيسوي اوڻويهين صديءَ تائين به ڪانه هئي. مسٽر آينگر چوي ٿو ته مئلي ۽ مورين جو بندوبست جيتوڻيڪ منجهيل گنڊيل آهي، ته به اهڙو پورڻ ۽ مڪمل آهي، جو ڪوبه هاڻوڪو شهر سچ پچ جيڪر فخر سان اهو اختيار ڪري. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪسين جي هيتري ساک سڀني عالمن حق تي ڪئي آهي. سرجان مارشل پاڻ به لکيو آهي ته پاڻيءَ جي نيڪال جو طريقو غير معمولي طرح سڌريل نموني جو آهي. هرهڪ رستي، گهٽي ۽ لنگهه کي پنهنجي پنهنجي ڍڪيل نالي يا ڪسي آهي، ۽ انهن جون سرون اهڙي عمديءَ طرح گهڙيل ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جو انهيءَ کان وڌيڪ عمديءَ ريت ڪم ڪرڻ جي واٽ ڪو ڏسي ڪونه سگهندو[28] شهر جي رونق منجهان ئي ائين پيو سمجهڻ ۾ اچي ته هن شهر جي ميونسپالٽي ڪا سڄاڻ هئي. جنهن کي شهر جي حفظ صحت جو گهڻو اونو هو. شهر ڪهڙي ڊؤل تي ٻڌجي، ۽ صفائي سٺائي ڪيئن رکجي، تن ڳالهين جي جيتري ان وقت جي ماڻهن کي سڌ هئي، تيتري اسان جن چئن پنجن پيڙهين وارن ابن ڏاڏن کي به ڪانه هئي. هر هڪ گهر هڪ ٻئي کان ايتري قدر پري آهي، جو ڪنهن به گهر کي هوا ۽ روشني ملڻ ۾ ڪنهن به اٽڪ ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. ماڻهن کي انجنيري ڪم جي به ڄاڻ هئي، جو درياهه جي اٿل کان شهر جي بچاءَ جو خاطر خواهه بندوبست ڪري سگهيا ٿي، ۽ گندگي پاڻيءَ توڙي برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ۽ ڪسيون نهايت عمديءَ ريت جوڙي سگهيا ٿي. ڪسين ۽ مورين جي وقت بوقت صفائي ڪرڻ لاءِ منجهن ”مئن هول“ (Man-hole) به رکيائون ٿي، جيئن اڄ ڪالهه ميونسپالٽيون ڪن ٿيون. گهر جي گند ڪچري جي نيڪال لاءِ ڀتين ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا، ته ڪچرو اتان وهي وڃي گهٽيءَ ۾ پوي. گهٽين ۾ ڪچري ڪٺي ٿيڻ لاءِ کڏون هيون جي پوءِ ڀنگي صفا ڪندا هئا. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جون ڄاڻايل هي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته پنج هزار کن ورهيه اڳي جڏهن ٻين ڪيترين قومن کي اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تڏهن اسان جا سنڌي، نهايت سڌريل ماڻهن وانگر پنهنجو جيوت ڪاٽيندا هئا.[11]

شھر جو مرڪزي حمام

[سنواريو]
شاھي تلاء

سڀني عمارتن ۾ هڪ اڏاوت، جا گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، سا اُها آهي، جنهن مان هڪ وڏو تلاءُ لڌو آهي. ان جون ڀتيون ٿولهه ۾ ست اَٺ فوٽ آهن. تلاءَ جي ٻن پاسن کان پؤڙيون ٺهيل آهن، جنهنڪري ڀلي ته ڪو هڪڙي پاسي کان پؤڙين تان لهي هيٺ وڃي، ۽ ٻئي پاسي وارين پؤڙين تان چڙهي مٿي اچي. اهو تلاءُ اڻيتاليهه فوٽ ڊگهو، ٽيويهه فوٽ ويڪرو اَٺ فوٽ اونهو آهي! تلاءَ جي ٻاهرئين پاسي، ڀر وارين ڪوٺين مان هڪ ۾ هڪ اونهو کوهه آهي، جنهن جو پاڻي اڄ ڏينهن تائين ڪم آڻڻ جهڙو آهي. شايد انهي کوهه جي پاڻيءَ سان تلاءَ ڀريندا هئا. انهيءَ تلاءَ جي هڪ ڇيڙي وٽ هڪ شاهي ڪسي آهي، جنهن مان شايد پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو. اها ڪسي نهايت عمديءَ ريت جڙيل آهي ۽ ايترو اونهي آهي، جو ڀلي ته ڇهه فوٽ لنبو مڙس منجهس بيٺو هجي! سڄي ڪسي ڍڪيل آهي؛ پر مٿان ڇت وٽان ٿورو ٽڪر کليل (Man-hole) اٿس، جنهن مان ڀلي ته ڪو ماڻهو اندر لنگهي وڃي، سڄي ڪسي صفا ڪري، پاڻيءَ جي سيمي کي روڪڻ لاءِ رومي ڏامر (Bitumen or Asphalt) دورانديشي ڪري هڻي ڇڏيو اٿن. هن مان ظاهر آهي ته وادي (ماٿر) سنڌ جا رهاڪو پنج هزار ورهيه اڳي نه فقط قابل معمار هئا، پر هاڻوڪي زماني جي سرويرن ۽ انجنيئرن وانگر پوري ڳڻ ڳوت به ڪري سگهندا هئا.[18]

شاھي تلاء جو منظر جنھن ۾ شھري نقشو بہ ظاھر ٿئي ٿو

پنچائتي هال

[سنواريو]

ڪي عمارتون ٿنڀن سان آهن، جن مان هڪ هال اٽڪل اسي فوٽ آهي، اتي شايد پنچائتون ڪٺيون ٿينديون هيون، يا ڪن موقعن تي ماڻهو اچي مڙندا هئا[18]

موهن جي دڙي مان مليل مورتيون

[سنواريو]
نچڻي واري مورتي جيڪا برونز (پتل)جي ٺھيل آھي ۽ ھن وقت نئين دھلي جي عجائب گهر ۾ رکيل آهي

موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران جيڪي پٿر جا بُت ۽ مورتيون مليون آهن، انهن جو انگ 16 آهي. اليگزيندرا آر ڊيلينو پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته سنڌو تهذيب جون مورتيون پنهنجي فن ۾ ڪمال ۽ لاجواب آهن. خاص طور تي ڪنگ پريسٽ وارو بت ۽ ڍڳي ڳاڏين جون ٻيون جيڪي ننڍيون وڏيون مورتيون مليون آهن، انهن کي ڏسي لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جو سماج ”سنگهار سماج“ (جانورن کي پالڻ وارو ۽ انهن تي رحم ڪرڻ وارو سماج) هو.[29]

شاھي پروھت وارو پٿر جو بت ڪراچي واري قومي عجائب گهر ۾ رکيل آهي

موئن جي دڙي مان مليل مھرون

[سنواريو]
شوا پشوپتي واري مھر

مهن جي دڙي مان جملي 558 مهرون علحدن علحدن ڊؤلن ۽ قدن جون لڌيون آهن – ڪي ويلڻ جي شڪل جهڙيون ته ڪي چورس، ڪي ٻيڙي وانگر ته ڪي گونيءَ ڪنڊ واريون، ڪي ننڍڙيون ۽ نفيس ته ڪي وڏيون ۽ وڌيڪ چٽيون. ڪي عاج جون ٺهيل ته ڪي صابوني پٿر جون ٿوريون مهرون ٺڪر جون آهن. ڪن مهرن کي سوراخ آهي جنهن مان ڌاڳو لنگهائي سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته مهن جي دڙي جا ماڻهو اهي مهرون ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا، يا ڪرائيءَ ۽ ٻانهن تي تائٿ وانگر ٻڌندا هئا. انهن مهرن تي شڪليون نڪتل آهن، جن مان ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو. انهن مهرن تي اُٿيل چٽ آهن، تن مان سمجهجي ٿو ته سيل مهر ڪرڻ مهل به اهي مهرون ڪم آڻيندا هئا. قديم زماني ۾ دستور هو، ته ماڻهو ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا، ته دروازن جي ٻاهران مهرون هڻندا هئا. هر هڪ مهر تي ديوتا جي شڪل نڪتل هوندي هئي. اهو ديوتا ڄڻ ته گهر جي نگاه ڪندو هو، ۽ سندس ملڪيت کي ڪوبه هٿ ڪونه لائيندو هو. مهن جي دڙي جي ماهن وٽ به شايد اهو ئي دستور هو[11]

يونيڪارن واري مشھور مھر انڊيا جي ھڪ عجائب گهر ۾ رکيل آهي
ھاٿي واري مھر، انڊيا جي ھڪ عجائب گهر ۾ رکيل
برٽش ميوزيم ۾ رکيل موئن جي دڙي جون مھرون
زيبو ڳئون انڊيا جي شھر پوني ۾
زيبو ڍڳي ، ھاٿي ۽ ھندوستاني گينڊي واريون سنڌو ماٿري جون مھرون جيڪي 2500 ق م کان 1900 ق م تائين پراڻيون آهن.

دريافت ٿيل ٻيون شيون

[سنواريو]
ٻارن جو رانديڪي وارو گاڏو

مهن جي دڙي مان هڪ پتلو لڌو آهي، جنهن تي گيڙوءَ يا داءُ سان چٽسالي نڪتل آهي. سنڌ ۾ گيڙو يا داءُ ٿئي ئي ڪونه. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو هنڌ، جتان گيڙو ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، سو لکپت جو شهر آهي. وچ هندستان مان به ڪيترن هنڌان گيڙو ملي سگهي ٿو، پر آڳاٽي وقت کان وٺي ايراني نار طرفان سنڌ ۽ ٻين پاسن ڏي گيڙو ججهي انداز ۾ پئي آيو آهي، جو انهيءَ پاسي جو گيڙو، رنگ جو وڌيڪ تکو آهي. قديم سنڌ جو واپار مغربي ملڪن سان گهڻو هلندو ئي ايراني نار جي رستي هو. حاصل مطلب ته مهن جي دڙي مان لڌل شين مان رڳو انهن ٿورڙين شين تي ويچار ڪجي ٿو ته ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ جيتوڻيڪ آگ گاڏيون ڪين هيون، ته به سنڌ جو وڻج واپار هيڏانهن ڪشمير ۽ قنڌار، هوڏانهن وچ هندستان توڙي ڏکڻ هندستان طرف هلندو هو. اسان جي پرڳڻي کي قدر پنهنجي قدرت سان سمنڊ توڙي خشڪيءَ جي رستي ايران سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ طرف وارن سان آڳاٽن سنڌين جي لهه وچڙهه انهن ئي واٽن کان ٿيندي هئي. جانورن جون شڪليون نڪتل آهن. تن مان ڪاريگرن جي نه رڳو ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو، پر خاص ڪري ڍڳي جو ناتو شو ڀڳوان جي پوڄا سان سمجهڻ ۾ اچي ٿو، جو سو جا لنگ به هتان لڌا آهن. وڻن ۽ پاڻيءَ جي پوڄا جا اهڃاڻ به هتان ملن ٿا. ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ جو هنر هو. سندن ڪمائيءَ جو مکيه رستو پوک ۽ ڌنڌو ڌاڙي هو. ڦيٿن سان گاڏيون به شايد هين جو اهڙا رانديڪا هٿ آيا آهن. انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جا اهڃاڻ ايران ۽ ميسوپوٽيميا مان مليا آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته انهن پاسن سان خشڪيءَ توڙي سمنڊ جي رستي وڻج واپار سانگي لهه وچڙ ۾ گهڻو ايندا هئا.[11]

شھرين بابت تفصيل

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان جيڪي پتلا هٿ آيا آهن، تن مان قديم سنڌين جي شڪل ۽ مهانڊن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هو قد جا بندرا ۽ بت ۾ سٽروٽرا هئا. چپ ڀريل ۽ اکيون سوڙهيون هين. اهي مهانڊا فقط مهن جي دڙي جي رهاڪن جا هئا، يا عام طرح سڀني سنڌين جا هئا، تنهن بابت ڪابه ڪافي ثابتي ڪانهي. سڀني پتلن ۾ ڏسجي ٿو ته ماڻهن جو ڪنڌ ٿلهو ۽ ڀرڀريو آهي، ۽ ڳٽن جا هڏا چپٿڙا اٿن. پتلن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر ته مرد ننڍيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. مڇون ڪن جون ڪوڙيل ته ڪن جون رکيل هونديون هيون. مٿي جا وار پيشاني وٽان ورائي، پٺيان ويڙهي، منجهن ڪنگو اٽڪائي ڇڏيندا هئا. جنهن ڪري انهن کي ويڙهڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو هو. زناني شڪل وارن پتلن مان ڏسجي ٿو ته ڪي زالون پنهنجا وار ڳچيءَ وٽان ورائي، پوئتان کليل ڇڏينديون هيون. ۽ ڪي چوٽي ويڙهي سڱ وانگر چهنبدار ڪنديون هيون. مردن جي پوشاڪ ڌوتي ۽ چادر هئي، جنهن جو پلئه ساڄي بغل هيٺان لنگهائي، ڏائي ڪلهي تي اڇلي وجهندا هئا. ڪن پتلن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌوتيءَ بدران هڪ اهڙي گهگهري پيل اٿن، جهڙي هن وقت لنگها (دهلاري) پهرين ٿا. ڪي مورتون بنهه اگهاڙيون آهن، ۽ ڪن ۾ ماڻهن کي لنگوٽ چڙهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو[11] .

زيور

[سنواريو]

مهن جي دڙي واري زماني ۾ زالون توڙي مرد زيور عام طرح پائيندا هئا: ڪنٺي يا هسي، تائٿ ۽ منڊيون، مرد به پائيندا هئا. انهن کان سواءِ زالون ڳن يا پنڙا، داڻن جا هار، چانديءَ يا سون جون ڪنگڻيون ۽ نورا پائينديون هيون. ڪن پتلن ۾ زالن کي بت تي ٻانهين ڪلهي تائين پيل ڏسجي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي، ته انهيءَ زماني ۾ چوڙيگر به هوندا هئا، ڪن زيورن تي جڙت جڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري چئبو ته جڙوئا به هئا. ڪن گهرن مان، زمين جي هيٺان پوريل، ڪي ٽامي جا باسڻ برتڻ آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر دڪشت لڌا، جن سان گڏ هڪ مڙيل ڪارائي به هئي. هڪ ٿانءَ ۾ قيمتي زيور پيل هئا. جن تي جڙت جڙيل هئي. سر جان مارشل انهن زيورن لڀڻ کان سگهوئي پوءِ ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ لکيو ته ”سونا زيور اهڙيءَ عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر (پالش) اهڙي اُچي اٿن، جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ (سونارن جي گهٽي) مان هينئر گهڙجي آيا آهن ۽ پنجن هزارن ورهين جا جهونا ڀانئجن ئي ڪين ٿا.[30]

قيمتي پٿر

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان جيڪا زيورات هٿ آئي آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو، ته قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني (Agate)، نيلم، پيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر، هار جي داڻن توڙي زيورن لاءِ جڙت طور ڪم آڻيندا هئا. هرپا توڙي مهن جي دڙي مان شيشو ڪونه لڌو آهي، پر انهيءَ زماني ۾ ڪاريگر هڪ اهڙو ليپ ٺاهيندا هئا. جو سڪڻ کانپوءِ شيشي وانگر بکندو هو. انهيءَ مان داڻا ٺاهيندا هئا، جي قيمتي پٿرن بدران ڪم آڻيندا هئا. سن 24-1925ع ۾ هڪ سهڻو هار لڌو، جو خود ساک پيو ڀري ته ڪنهن قابل ڪاريگر جو جوڙيل آهي. مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين پهريائين کوٽايو هو، سو ته وينجهارن جي ساراهه مان ڍاپي ئي نٿو، چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن کي به اهڙو هنر ڪونه هو جهڙو مهن جي دڙي جي ڪاريگرن کي هو. سر جان مارشل به انهيءَ هار جي گهڻي ساک ڪئي آهي.[31]

کيتي ۽ هنر

[سنواريو]

قديم سنڌ جي پوکي راهيءَ بابت گهڻو پتو ڪونه پيو آهي؛ باقي مهن جي دڙي مان ڪڻڪ ۽ جو لڌا آهن. جيتوڻيڪ ترن جو هڪ داڻو به ڪونه لڌو آهي، ته به ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته ترن جي پوک به ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترن ۽ جؤن جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. هن وقت ان پيهڻ لاءِ جيڪي جنڊ ڪم اچن ٿا، سي عيسوي سن کان ٻه صديون کن اڳي چالو ٿيا هئا. اڳي جنڊن جو نمونو ئي ٻيو هوندو هو. اهي اؤر نموني جا جنڊ مهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا آهن. انهيءَ مانمسٽر مئڪي اهو انومان ڪڍيو آهي ته اَن جي پوک گهڻي ٿيندي هئي، جنهنڪري ماڻهن وٽ جنڊ به گهڻا هوندا هئا.[11]

کاڌو

[سنواريو]

ڪڻڪ ۽ جون کان سواءِ ماڻهو کجور به کائيندا هئا. کارڪن جون ککڙيون کوٽائيءَ ڪندي هٿ آيون آهن. ان وقت ماڻهو مڇي ماس، بلڪه ڳائو گوشت به کائيندا هئا. درياهه جي مڇيءَ جا ته خوراڪي هئا؛ پر ڪڇئون ۽ ڪميون به ڪين ڇڏيندا هئا! ڪتڻ۽ اُڻڻ جو هنر: ڪيترا ائٽ ۽ ٽڪ لڌا آهن: ڪي سادا ته ڪي اُچا. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته غريبن توڙي شاهوڪارن جي گهرن ۾ چرخي چورڻ جو رواج هو. دڙي منجهان هڪ چانديءَ جو ٿانءُ، جواهرات ۽ مڻين سان ڀريل لڌو، جو اُچيءَ طرح اُڻيل ڪپڙي سان ويڙهيل هو. ان۾ ديسي ڪپهه ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌ ۾ وؤئڻن جي پوک ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌي ماڻهن وٽ ڪپڙي اُڻڻ لاءِ آڏاڻا به هئا.[11]

ڌاتو

[سنواريو]

قديم زماني جي ماڻهن وانگر، مهن جي دڙي جا رهاڪو، پٿر جا اوزار ۽ ٿانءَ ٿپا ڪم آڻيندا هئا، پر ٽامي جي به سڌ هين، جنهن مان پڻ باسڻ، برتن، اوزار بلڪه ڪي ڳهڻا به جوڙيندا هئا ۽ لوهه جو ذرو به ڪونه لڌو آهي، پر هيءُ زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ ماڻهن کي لوهه مارڻ جو عقل اڃا آيو ئي ڪونه هو. قلعي به ڌار ڪانه لڌي آهي، باقي رڳو ٽامي سان گڏيل هٿ آئي آهي. مهن جي دڙي وارا ٽامو ۽ قلعي گڏي ”برانز“ Bronze)) ٺاهيندا هئا، جنهن مان به ٿانءَ ٿپا ۽ اوزار جوڙيندا هئا. مسٽر محمد ثناءُ الله، هند سرڪار جو آرڪيالاجيڪل ڪيمسٽ چوي ٿو ته ٽامي ۽ قلعي مان ”برانز“ جوڙڻ جي سڌ سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ بلڪه انهيءَ کان به اڳي هئي.[11]

هٿيار

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان ٿوريون پٿر ۽ ٽامي جون ٺهيل گدائون (Maces) ٿورا ڀالا ڪٽاريون، تير ۽ ڪمانيون هٿ آيون آهن. ترار جوڙڻ جو ته رواج ئي گهڻو پوءِ پيو، تنهنڪري ترار ڪانه لڌي آهي. شهر کي عالم پناهه ڪانهي. ڪا زرهه به ڪانه لڌي آهي. جنهنڪري ڀائنجي ٿو ته ملڪ ۾ لڙائي اڪثر ڪانه لڳندي هئي ۽ ماڻهو صلح سانت ۾ گذاريندا هئا.[11]

وٽ ۽ ماپا

[سنواريو]

وٽ ۽ ماپا قسمين قسمين لڌا آهن. اهي اڪثر نازڪ ۽ ننڍڙا آهن. ڪي مخروطي شڪل جا وڏا پٿر لڌا آهن، جن ۾ مٿان سوراخ آهي. انهن سوراخن مان ڏور لنگهائي سگهجي ٿي. اهي پٿر تور مهل وٽ ڪري ڪم آڻيندا هئا. ڪي ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا، پيٽ جي شڪل جهڙا آهن. جي ايلم ۽ ميسوپوٽيميا جي وٽن سان مشابهت رکن ٿا. مسٽر اي. ايس. مئڪي چوي ٿو ته ”مهن جي دڙي جا اهي ۽ ميسو پوٽيميا جي قديم وٽن کان وڌيڪ سوڌا ۽ پورا آهن.[32]

ڪنڀارڪو هنر ۽ ڪاشيءَ جو ڪم

[سنواريو]

مهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ چانديءَ ۽ ٽامي جا ٿانءَ ۽ چمڪيدار ليپ جون ٺهيل گلاباشيون وغيره هونديون هيون؛ پر رواجي ٿانءَ ٿپا اڪثر ٺڪر جا هوندا هئن. سنڌ ۾ نالو کين جوڙڻ جو هنر جڳن کان عام هو؛ پر مهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌي ماڻهو ڪنڀارڪي هنر ۾ اهڙا ته ڀڙ ٿي ويا هئا، جو چٽساليءَ سان ٿانءَ ٿپا جوڙيندا هئا! ڪي ٿانءَ اهڙا ته نفيس جوڙيندا هئا، جو اُهي عام طرح ۡاغذي“ سڏجن ٿا. ڪاشيءَ جي ڪم جا آڳاٽا نمونا به رڳو مهن جي دڙي مان مليا آهن. مسٽر ارنيسٽ مئڪي چوي ٿو ته ”رومن جي وقت کان اڳ مصر ملڪ ۾ انهيءَ هنر جي مصري ماڻهن کي ڪل به ڪانه هئي“، ڪن ٺڪر جي ٿانون تي جانورن جون شڪليون اهڙيون نڪتل آهن، جهڙيون لڌل مهرن تي آهن.[11]

سنگتراشي ۽ اُڪر جو ڪم

[سنواريو]

سنگتراشيءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ مهن جي دڙي جي رهاڪن پنهنجيءَ قابليت جو چڱو ثبوت ڏنو آهي. ڍڳن، گئينڊي ۽ ٻين جانورن جون شڪليون نهايت عمديءَ ريت مهرن تي ڪڍيون اٿن. ڪي شڪليون نوريئڙن جون آهن، جن ۾ نوريئڙا پڇ مٿي ڪيو بيٺا آهن ۽ اڳين چنبن سان ڪا شيءِ وات ڏي ڪيو، چپو چورو پيا ڪن! انهن جي ڊيگهه ٻه انچ مس آهي. هڪ داڻي تي ٽن باندرن جي شڪل آهي، جن جي منهن مان سندس شوخي پيئي ظاهر ٿئي، پر ٻانهون ورائي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن! اهو داڻو ايڏو آهي، جو اکروٽ جي کل ۾ جيڪر سمائجي وڃي، ”مئنچيسٽر گارڊين“ ۾ مسٽر بريلسفورڊ لکيو آهي ته هتان جيڪي ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن جون شڪليون لڌيون آهن، سي ان وقت جي ميسو پوٽيميا طرف جي ڪاريگريءَ کي شهه ڏيئي بيٺيون آهن.[11]

رانديون ۽ رانديڪا

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان سنگ سليماني ۽ ٻين پٿرن جون ٺهيل گوليون، شطرنج ۽ ڍارا لڌا آهن. اهي هاڻوڪن ڍارن وانگر ڊگها نه هئا، پر ڪعب شڪل جا آهن. هن مان ظاهر آهي ته ماڻهن جي واندڪائيءَ جي وندر اهي رانديون هيون. ان وقت جي ماڻهن کي پنهنجي ٻارن جي وندر جو به ججهو اونو هوندو هو، جو ڪيترن قسمن جا رانديڪا به لڌا آهن، جن ماڻهن، ڍڳن ۽ گهوڙن جون شڪليون آهن. هڪ ڍڳي جو پڇ ڇڪجي ٿو ته ڪنڌ پيو لوڏي! هڪ هاٿي آهي، جو جهنجهڻو ٿي ڪم اچي ٿو. مهن جي دڙي مان هڪ ٺڪر جي ٺهيل گاڏي چيڪلن سان لڌي آهي. انهي قسم جون گاڏيون عيسوي سن کان ٻٽيهه سو ورهيه اڳي ميسوپوٽيميا طرف چالو هيون، جنهنڪري چئبو ته گاڏين جو هي جهوني ۾ جهونو نمونو آهي.[33]

طب ۽ دوائون

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان ٿورو سلاجيت لڌو آهي. سلاجيت ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو اڇو ۽ ٻيو ڪارو. هتان ڪارو سلاجيت لڌو آهي، جو بدهاضمي، ادرار، جيري ۽ هيانچي جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. هرڻ جا سڱ هتان لڌا آهن، جي پڻ شايد دوائن ۾ ڪم ايندا هئا. هندن جي ڌرمي پستڪن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو قديم زماني کان طب مان واقف هئا ۽ ڪيترين ڪارائتين ٻوٽين جي سڌ هين.[11]

گهرو جيوت

[سنواريو]

دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي شيون ماڻهن جي گهرن مان لڌيون آهن، تن مان سندن گهرو جيوت تي چڱي روشني پوي ٿي. سرجان مارشل چوي ٿو ته مهن جي دڙي جي سڀيتا اُن وقت جي مصر ملڪ ۽ ايشيا جي الهندي طرف جي سڀيتا جهڙي آهي؛ پر ڪن ڳالهين ۾ اتي جي سڀيتا کان به سرس آهي. انهن هنڌان ڪي اهڙيون عمديءَ طرح جڙيل سنان جون جايون ۽ اهڙا ڪشادا گهر ڪين لڌا آهن، جن جي مهن جي دڙي جي عمارتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي. انهن ملڪن ۾ ماڻهن پنهنجو تن، من، ڌن رڳو ديوتائن لاءِ مندرن، ۽ راجائن لاءِ عمدن محلاتن، ۽ مخروطي منارن جوڙڻ تي ٿي لڳايو؛ باقي رواجي ماڻهو مٽيءَ جي جڙيل جاين ۾ رهندا هئا. هرپا ۽ مهن جي دڙي ۾ قصوئي ٻيءَ طرح آهي. اتي به ماڻهن پنهنجي حاڪمن لاءِ عاليشان عمارتون جوڙيون هونديون، جي اڃان ڪين لڌيون آهن، پر پنهنجي رهڻ لاءِ ڪشاديون ۽ هوادار جايون جوڙيندا هئا. اهي هوادار جايون، سنان لاءِ تلاءَ، ڍڪيل موريون وغيره اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته هتي جي ماڻهن پنهنجو گهرو جيوت جهڙي فرحت ۾ ٿي گذاري، تهڙي اُن وقت دنيا ۾ ٻين هنڌ ڪنهن به ڪونه ٿي گذاري.[34]

مذھب

[سنواريو]

ديوي پوڄ

[سنواريو]

مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ديويءَ جا پتلا لڌا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌي ماڻهن ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئا. هن وقت ديويءَ کي امبا، درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا، پر حقيقت ۾ اها بنيادي طاقت يا شڪتي آهي. ڌڻي آهي ”پرش“ ۽ هيءَ آهي ”پر ”قدرت“ يا شڪتي، جنهن کي مجسم ڪري قديم سنڌي پوڄيندا هئا. قدرت تي ويچار ڪرڻ سان ئي دل اڏامي قادر ڏي وڃي ٿي ۽ روحاني معرفت حاصل ٿئي، تنهنڪري هن قسم جي پوڄا مان قديم سنڌين جي ڌرمي خيالن ۽ عقيدن جو پوريءَ ريت پتو پوي ٿو.[11]

شو جي پوڄا

[سنواريو]

ماتا جي مورتيءَ کان سواءِ هڪ مرد ديوتا جي به شڪل لڌي آهي. سرجان مارشل جي راءِ موجب اها مورتي شو ڀڳوان جي آهي، جو يوگ آسڻ ۾ ويٺو آهي. هتان شو جا لنگ به لڌا آهن، جنهنڪري هيڪاري يقين ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شو ۽ شڪتيءَ جي پوڄا جو رواج نهايت قديم آهي.[11]

وڻن جي پوڄا

[سنواريو]

ڪيترين مهرن تي جيڪي شڪليون نڪتل آهن، تن مان ظاهر آهي ته قديم سنڌي ماڻهو پپر ۽ ٻين وڻن جي به پوڄا ڪندا هئا. اها پوڄا ٻن قسمن جي هوندي هئي. هڪ قسم هيءُ هو ته خود وڻ کي پوڄيندا هئا، ٻيو قسم هيءُ هو ته وڻن ٽڻن جي ديوتا کي مجسم ڪري اُن جي پوڄا ڪندا هئا.[11]

جانورن جي پوڄا

[سنواريو]

مهن جي دڙي مان ڪيترن جانورن جهڙوڪ هڪ سڱي جانور ۽ ٿوهي سان ڍڳي جون تصويرون به هٿ آيون آهن. قديم زماني ۾ مصر ملڪ ۾ هڪ سڱي جانور (Unicorn) پوڄڻ جو رواج هو ۽ اهو هندستان جو جانور ليکيو ويندو هو. وشنو ڀڳوان کي ”ايک شرنگ“ يعني هڪ سڱ وارو سڏيندا آهن. ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا جو شو ڀڳوان جي پوڄا سان واسطو سمجهڻ ۾ اچي ٿو. شو ڀڳوان جي سواري ڍڳي تي چئي ويندي آهي، تنهنڪري شو جا پوڄاري اڄ تائين ڍڳي جي پوڄا ڪندا آهن.[11]

پاڻيءَ جي پوڄا

[سنواريو]

مهن جي دڙي ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن گهر مان کوهه لڌو آهي. انهن کوهن کانسواءِ عام خلق لاءِ ڌار کوهه هئا. سنان جي ڪوٺي به هرهڪ گهر ۾ آهي، ۽ هڪ وڏو تلاءُ به لڌو. هن مان سمجهجي ٿو ته قديم سنڌين کي جڳت مڳت جو خيال هو ۽ سنان پاڻي ڪرڻ هڪ ڌرمي ڳالهه ڪري ليکيندا هئا. اڄ به هندو سنان پاڻي ڪري پوءِ روٽي کائيندا آهن. آڳاٽي زماني کان وٺي هندن جو اهو نيم هليو اچي، درياهه جي پوڄا به شايد ڪن ڪسابن جي آهي.[11]

موهن جي دڙي تي عالمي ڪانفرنس

[سنواريو]

دنيا جي پراڻين تهذيبن ۾ شامل سنڌو تهذيب جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙي تي ڌيان ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت 9 فيبروري کان 11 فيبروري 2017ع تائين عالمي ڪانفرنس گهرائي آهي. هن ڪانفرنس ۾ آمريڪا، جرمني، اڻلي، اسپين ۽ فرانس سميت پرڏيهه مان مختلف ماهرن ۽ وفدن حصو ورتو. هن عالمي ڪانفرنس کان پهرين پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي صدر ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ پڻ هن تاريخي ماڳ جي اهميت کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس سڏائي هئي.[35]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Mohenjo-Daro (archaeological site, Pakistan) on Encyclopedia Britannica website Retrieved 25 November 2019
  2. Gregory L. Possehl (11 November 2002). The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. Rowman Altamira. p. 80. ISBN 978-0-7591-1642-9. 
  3. Shea, Samantha. "Pakistan's lost city of 40,000 people". www.bbc.com. حاصل ڪيل 2022-11-18. 
  4. "Mohenjo-Daro: An Ancient Indus Valley Metropolis". 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named BBCLostMaybe
  6. Gregory L. Possehl (11 November 2002). The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. Rowman Altamira. p. 80. ISBN 978-0-7591-1642-9. 
  7. "Mohenjo-daro An Ancient Indus Valley Metropolis". www.harappa.com. 
  8. Chatterji, S.K, “Modern Review” December 1924
  9. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ص-82
  10. Fleet, I.F, “Seals from Harappa” J.R.A.S, 1912, P-699
  11. 11.00 11.01 11.02 11.03 11.04 11.05 11.06 11.07 11.08 11.09 11.10 11.11 11.12 11.13 11.14 11.15 11.16 11.17 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  12. says, Abdul Wahab Sahito. "ڇا موهن جي دڙي جو نالو ميلُوها هو؟......عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-11-05. 
  13. Marshall, Sir John, “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1-3, London 1931
  14. Mackay, E.J.H, “Further Excavation at Mohen jo Daro” 2 Volumes, Delhi, 1938
  15. رحيم داد خان مولائي شيدائي، ”تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1959ع
  16. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 118
  17. McIntosh (2008), p. 118. "More than seven hundred wells were sunk at Mohenjo-daro when the city was built. Over the centuries houses were rebuilt and street levels rose; new courses of bricks were therefore added to the wells to keep their tops at the same height with respect to the street. The removal of earth and debris during the excavation of the city has left many wells standing like towers high above the exposed remnants of earlier streets."
  18. 18.0 18.1 18.2 18.3 18.4 18.5 18.6 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  19. موهن جو دڙو، ماضيءَ جي مهڪ | Daily Sindh Hyderabad, وقت 2023-10-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-12-18 
  20. Gauhar, Altaf, “Twenty years of Pakistan” 1947 to 1967, Karachi, 1969
  21. Ibid, P-623
  22. محمد ادريس صديقي، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979
  23. 23.0 23.1 سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-03-12 
  24. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر ليکڪ: رڪ سنڌي
  25. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  26. {"In the Gaj beds of the Khirthar Range, near the top of the group, gypsum of tolerable purity is abundant and is not unfrequently found in beds three to four feet thick." Mr. W.T. Blanford: Geology of Western Sindh P. 195.}
  27. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)The construction of these buildings is far superior to anything of the kind in later India. "Sir John marshall: The illustrated London News, February 27. 1926.}
  28. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){{"The drainage system in particular is extraordinarily well developed. Every street and alley—way and passage—seems to have had its own covered conduit of finely chiseled brick, land with a precision which could hardly be improved upon." Sir John Marshall: The illustrated London News, Feb. 27.1926.}}سانچو:"Sewage and arrangement of drains are complicated and yet so perfect that any modern town will really be proud of having." Mr. A.S. Lyenger: The Hindustan Times, 21st February, 1932.سانچو:Mr. Brailsford: The Manchester Guardian, January 1932. }
  29. سندھ میں سنگ تراشی کا ہنر اور اس کی تاریخ - Pakistan - Dawn News
  30. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:"The gold ornaments are so well finished and so highly polished that they might have come out of a Bond Street Jeweller rather than from a prehistoric house of 5,000 years ago, "Sir John Marshall: The Illustrated London News, Feb 27.1926.}
  31. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Mohen-jo-Daro and the I.C Vol: I.P. 34سانچو:The modern Review, November 1927, P. 559.}
  32. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Mohan-jo-Daro and Indus Civilization Vol. I. PP. 36-37.}
  33. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Sir John Marshall: Mohan-jo-Daro and I.C. Vol. I. P. 395.}
  34. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:سر جان مارشل: موهن جو دڙو ديباچو، صفحو 6}
  35. موہن جودڑو : ماضی میں رقص کا مرکز - Pakistan - Dawn News