محمد
محمد دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهم شخصيت ٿي نمودار ٿيو. جنهن جون خصلتون مسلمانن توڙي غير مسلمانن به مڃيون آهن. محمد جي ڪنيت ابوالقاسم هئي. مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته محمد الله جي طرفان موڪليل نبين جو سردار ۽ آخري نبي آهي. جيڪي انسانن جي رهنمائيءَ لاءِ الله جي طرفان موڪليا ويندا هئا. انسائڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ محمد جي باري ۾ لکيل آهي ته پاڻ دنيا جي سڀني مذهبي اڳواڻن کان ڪامياب اڳواڻ هو.
570ع ۾ مڪي شريف ڄائو. سندس خاندان قريش قبيلي مان هو، جنهن جي وڏي ڌاڪ هئي. سندس والد جو نالو عبدالله هو والده جو نالو آمنه هو. پنهنجي چاچي سان گڏ تجارت جو ڪم شروع ڪيائين. پاڻ سچائي ۽ ديانتداري جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مشهور هو. اسلامي تاريخ موجب محمد تي پهرين وحي چاليهن سالن جي عمر ۾ نازل ٿي جيڪا هيءَ آهي:
اقْرَأْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِي خَلَقَ (1) خَلَقَ الإِنسَانَ مِنْ عَلَقٍ (2) -- القرآن
“ ترجمو: پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جو نالو وٺي جنهن پيدا ڪيو. (1) پيدا ڪيو انسان کي (نطفه) ڄميل رت مان (2) ” — سورت العلاق 96 - آيتون 1 کان 2
| مضمونن جو سلسلو |
| عقيدا ۽ عمل |
| اهم هستيون |
|
محمد |
| ڪتاب ۽ قانون |
| مسلمان مڪتبه فڪر |
| معاشرتی ۽ سیاسی ڌڙ |
|
اسلامیات • فلسفو |
| پڻ ڏسندا |
سندس پوئلڳ، يعني ته مٿس اعتقاد ڪرڻ وارن کي مسلمان سڏيو ويندو آهي، جيڪي اڄ دنيا جي ڪل آباديءَ جو پنجون حصو آهن. هن چاليهن سالن جي ڄمار ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي. ان کان اڳ محمد غار حرا ۾ عبادت ڪندو هو. مسلمان ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته محمد 27 رجب تي معراج، يعني ڪائنات جو سير ڪري آيو. ان وقت سندس ڄمار 53 سال هئي. هن 623ع ۾ مڪي کان مديني طرف حجرت ڪئي ۽ ڏهن سالن بعد مڪو فتح ڪيائين. محمد 12 ربيع الاول 11 هه مطابق 7 مئي 632ع ۾ هن دنيا مان پردو مٽائي ويو.