ابراهيم
| مضمونن جو سلسلو |
| عقيدا ۽ عمل |
| اهم هستيون |
|
محمد |
| ڪتاب ۽ قانون |
| مسلمان مڪتبه فڪر |
| معاشرتی ۽ سیاسی ڌڙ |
|
اسلامیات • فلسفو |
| پڻ ڏسندا |
اسلامي اعتقاد موجب ابراهيم کي مسلمانن جي پيغمبر محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي نبين جو پڙڏاڏو سمجھيو وڃي ٿو، تنهنڪري مسلمان کيس ابوالانبياء يعني نبين جو پيءُ چوندا آهن. سندس پيدائش جو سن 2160 قبل مسيح آهي. پاڻ عراق جي شهر اور ۾ ڄائو، جيڪو دريا فرات جي ڪناري تي قائم آهي. قرآن ۾ سندس نالو 68 دفعا آيل آهي. سندس لقب خليل الله ۽ ابوالانبياء هو. کيس ٽي گهر واريون هيون، جن جا نالا ساره، هاجره، ۽ قطورا هئا. هن پنهنجي قوم کي توحيد جي تعليم ڏني ۽ بتن جي عبادت کان روڪيو. مذهبي تاريخن مطابق سندس قوم کيس باهه ۾ ساڙڻ جو فيصلو ڪيو پر باهه مٿس ڪو به اثر نه ڪيو. ابراهيم کي اسماعيل ۽ اسحاق نالي ٻه پٽ هئا. اسلامي تاريخ ۾ ابراهيم جي پيدائش جي تاريخ 9 محرم 1985 قبل مسيح ٻڌائي وڃي ٿي.