بحث:محمد

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي وڪيپيڊيا توڙي ٻي ڪنهن به وڪيپيڊيا تي ڪنهن به شخصيت جي نالي اڳيان اعتقادي لقب وغيره استعمال ڪرڻ منع آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي ته هيءُ ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا) ڪنهن به خاص مذهبي، نسلي، قومي ڌر سان تعلق نه ٿو رکي. تنهن ڪري هتي هر مضمون کي مذهبي لحاظ کان انتهائي غير جانبدار ۽ وسيع نظر رکڻو آهي. Aursani 12:14, 25 سيپٽمبر 2007 (UTC)

سلام[سنواريو]

آءُ وري لکي رهيو آهيان اعتقادي نالو ان اڳيان. ان ڪري جو آءُ اوهان کي پهريان ڏسي چڪو آهيان ته اردو جي وڪي ۾ اهو سڀ استعمال ٿيل آهن ته هتي ڇو نه ، توهان ان جي جواب ۾ لکيو هيو ته سنڏي پڙهڻ وارن ۾ غير مسلم به آهن ته اردو ۾ نه آهن ڇا؟

بلڪل آهن سنڏي کان وڌيڪ ته اردو ڄاڻيندڙ غير مسلم آهن --قدير مڱريو 07:23, 3 ڊسمبر 2007 (UTC)

اعتقادي لقب[سنواريو]

جيئن ته وڪيپيڊيا جي عمومي پاليسي اها ئي آهي ته ڪنهن به اعتقاد کان مٿانهون ٿي اڻ ڌري ڄاڻ ميسر ڪرڻي آهي، تنهن ڪري اعتقادي لقب استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي. ٻيو اهو ته اسان اردو وڪيپيڊيا سان هرگز به ٻڌل نه آهيون. جيڪڏهن ڪنهن مضمون ۾ هڪ ڌر جي اعتقاد موجب ئي احوال ڏنل هجي ته اهڙي صفحي يا مضمون کي اڻ ڌريو تصور نه ڪيو ويندو ۽ ان کي سٺو صفحو به تصور نه ڪيو ويندو. اعتقادي لقب استعمال ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي. Aursani 14:55, 3 ڊسمبر 2007 (UTC)