سيد احمد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خانبھادر سيد احمد خان
پيدائش 17 آڪٽوبر 1817(1817-10-17)
دھلي، مغل ايمپائر
وفات 27 مارچ 1898 (عمر 80 سال)
علي ڳڙھ، برٽش انڊيا
قوميت برٽش رعيتي
ٻيا نالا سر سيد
مادر علمي ايڊن برگ يونيورسٽي
ڪمپني ڪاليج جا ادارا
مشھور ڪم The Mohammadan Commentary on the Holy Bible
Reasons for the Indian Revolt of 1857
اعزاز اسٽار آف انڊيا
عهد اڻويھين صدي
مڪتبه فڪر اسلامي ۽ جاڳرتا وارو فلسفو
شعبه عمل
پريگميٽزم مابعدالطبعيات, اسلام ۽ عيسائيت
اهم نظريا
لبرل ۽ ترقي پسند اسلام ۽ مغربي خيالن جي پيروي

سيد احمد خان 17 آڪٽوبر 1817 ۾ دهلي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مير تقي هو. سندس ماءُ عزيز النساء بيگم مشهور صوفي شاعر خواجه مير درد جي خاندان سان تعلق رکندي هئي. وقت موجب تعليم حاصل ڪيائين. دهلي ڪاليج ۾ به پڙهيو.

پاڻ علي ڳڙهه ۾ مسلم ڪاليج جو بنياد رکيائين، جنهن کي بعد ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو مليو. اهو ڪاليج هندستان جي مسلمانن ۾ اعليٰ تعليم عام ڪرڻ جي جذبي تحت کوليو ويو. پاڻ علي ڳڙهه ۾ ئي 27 مارچ 1898 تي وفات ڪئي.


سيد احمد خان

Syed Ahmed Khan

0

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ھن جي ابتدائي تعليم ديني ھئي ۽ 18 سالن جي عمر ۾ عربي ٻولي، علمطب ۽ رياضي ۾ مھارت حاصل ڪئي.1838 ۾ سندس والد وفات ڪري ويو جنھن ڪري مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيو ۽ ڪمشنر آگرو جي دفتر ۾ نائب منشي جي نوڪري حاصل ڪيائين. جنگ آزادي 1857 ۾ ھن انگريزن جون جانيون بچايون جنھن ڪري سندس 200 روپيا وظيفو شروع ڪيو ويو جيڪو ماھوار کيس ملندو رھيو. 1870 ۾ بنارس ۾ جج مقرر ٿيو.1859 ۾ ھن مسلمانن جي ٻارن لاءِ مرشد آباد، دھليءَ ۾ھڪ مدرسو قائم ڪيو. 1864 ۾ غازي پور ۾ ھڪ اسڪول قائم ڪيائين. ھن سائنٽيفڪ سوسائٽي پڻ قائم ڪئي تہ جيئن مسلمانن کي سائنسي تعليم ملي.1864 ۾ ھن جي بدلي عليڳڙھ ۾ ٿي جتي ھن سائنٽيفڪ سوسائٽي کي قائم رکندي ان جو رسالو جاري ڪيو.1869 ۾ انگلينڊ ويو جتي ٿامس مورس جي مدد سان ھڪ پمفليٽ ام العلماءُ شايع ڪيائين. 1869 ۾ ھن جي پٽ سيد محمود کي بہ لنڊن لاءِ وظيفو مليو جتي ٻنھي پيء ۽ پٽ گڏجي انگلينڊ جي تعليمي نظام جو جائزو ورتو ۽ ھندوستان ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ ھڪ معياري ادارو قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو. انگلينڊ مان واپسي تي 1875 ۾ مسلمانن لاءِ ايم.اي.او.ھاء اسڪول قائم ڪيو جنھن کي 1877 ۾ ڪاليج جو درجو مليو. 1898 ۾ ان ڪاليج کي علي ڳڙھ محمدن اينگلو اورينٽل نالو ڏنو ويو جيڪا بعد ۾ علي ڳڙھ يونيورسٽي سڏجڻ لڳي