علامه اقبال

Wikipedia طرفان

ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 9 نومبر 1877 تي پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد هو. پاڻ ڪشميري خاندان سان تعلق رکندو هو.

اقبال شروعاتي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مشن هاءِ اسلول ۾ داخل ٿيو. مري ڪاليج مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين.

علامه اقبال کي پاڪستان جو ذهني باني يا مفڪر پاڪستان چيو ويندو آهي. پاڻ اعلى پايي جو شاعر هو. سندس شاعري جي ڪري پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو. پاڻ شاعري ذريعي ماڻهن کي بيدار ڪيو.

پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيا جن ۾ بانگ درا ، بال جبريل ، شڪوه ، جواب شڪوه ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن

علامه اقبال 23 سيپٽمبر 1938 تي لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بادشاهي مسجد لاهور جي ڀرسان واقع آهي.



Wiki letter w.svg هيءُ ڪَچو مضمون آهي. ان ۾ مناسب اضافو ۽ سڌارو ڪري توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا.