خلافت تحريڪ

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا

خلافت تحريڪ مسلمانن جي اهڙي تحريڪ هئي جنهن ننڍي کنڊ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ برطانيھ ۽ ان جي اتحادين ترڪيءَ جي خلافت سلطنت جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هندستان جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ ٿي چاهيو. ان مقصد جي حاصلات لاءِ هنن خلافت تحريڪ شروع ڪئي. ڪانگريس هن تحريڪ ۾ مسلمانن جي حمايت ڪئي، اهڙِي هندو مسلم ايڪي انگريز حڪومت لاءِ مشڪل پيدا ڪري وڌي. 23 نومبر 1929ع دهلي ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سنڌ مان مولانا تاج محمد امروٽي، پير تراب علي شاهه، جان محمد جوڻيجو ۽ سيٺ عبدالله هارون وغيره شرڪت ڪئي. هندستان جي مسلمانن دهليءَ ۾ مرڪزي خلافت ڪاميٽي جوڙي. سنڌ ۾ پڻ ان جو بنياد وڌو ويو.

16 مَي 1920ع تي ممبئيءَ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ”تحريڪ عدم تعاون“ لاءِ آخري فيصلو ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبدالله هارون، مولانا محمد صادق وغيره شريڪ ٿيا. خلافت ڪاميٽي سنڌ طرفان بيت المال جوڙي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ مهم هلائي وئي. جيڪي گهڻو تڻو مهاجر ۽ قيدين جي مدد لاءِ خرچ ڪيا ويا.

سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم خلافت تحريڪ جي مخالفت ۾ هڪ فتوا جاري ڪئي جنهن تي 95 مذهبي اڳواڻن، پيرن ۽ علمائن جون صحيحون هيون. ساڳيءَ ريت ان فتوا جي مخالفت ۽ خلافت تحريڪ جي حمايت ۾ پڻ فتوا جاري ڪئي وئي. اڳتي هلي هجرت تحريڪ شروع ڪئي وئي جنهن ۾ جان محمد جوڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ قافلو 7 جولاءِ 1920ع ۾ افغانستان روانو ٿيو.

1923ع تائين پوري هندستان ۾ ان تحريڪ جو زور تڏھن ختم ٿي ويو جڏهن ترڪيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ اتي ڪمال پاشا عطا ترڪ حڪومت سنڀالي ورتي. اهڙيءَ ريت هندستان ۾ خلافت تحريڪ پنهنجو موت پاڻ مري وئي.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”پاڪستان جي آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو“ ليکڪ: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري