مواد ڏانھن هلو

سنڌ جا ضلعا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪل 30 ضلعا آھن. انهن ضلعن ۾ مجموعي طور 150 ذيلي ضلعا (تعلقا) شامل آهن. سال 1998ع جي مردم شماري مطابق 1100 يونين ڪائونسلون ۽ 66,923 انساني آباديون ھیو. هر ضلعي جو هڪ هيڊ ڪوارٽر هوندو آهي، جنهن کي اڪثر ضلعي جي گاديءَ جو هنڌ چيو ويندو آهي.

سنڌ جو نقشو

ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني، سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهري ضلعو آهي، ان سان گڏو گڏ سڀ کان وڌيڪ گنجان آبادي آهي. اهو شروع ۾ هڪڙو ضلعو هو، هاڻي ان کي اوڀر/گلشن، اولهه/اورنگي، ڏکڻ/ڪراچي، سينٽرل/ناظمآباد، ملير، ڪياماڙي ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. سال 2023ع ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي ڊويزن ۾ چئن ضلعن جو نالو تبديل ڪري اوڀر ضلعي کي گلشن، اولهه ضلعي کي اورنگي، ڏکڻ ضلعي کي ڪراچي ۽ سينٽرل ضلعي کي ناظم آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻيا ٽي ضلعا ملير، ڪياماڙي ۽ ڪورنگي ساڳيا هوندا. هن وقت سنڌ حڪومت ملير ضلعي کي ملير ۽ بن قاسم ضلعي، ٿرپارڪر ضلعي کي ٿرپارڪر ۽ ڇاڇرو ضلعو، خيرپور ضلعي کي خيرپور ۽ ٺري ميرواهه، سانگهڙ ضلعي کي سانگهڙ ۽ شهدادپور ضلعي ۾ ورهائڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.

ضلعن جي فھرست ھيٺ ڏنل آھي.

نمبر شمار ڊويزن ضلعو ايراضي چورس ڪلوميٽر آبادي بمطابق 1998ع آبادي في چورس ڪلوميٽر آبادي بمطابق 2017ع[1] آبادي بمطابق 2023ع[2]
1 حيدرآباد بدين 6,726 1,136,044 169 1,804,958 1,947,081
2 دادو 7,866 1,688,811 197 1,550,390 1,742,320
4 حيدرآباد 993 2,891,488 2,215 2,199,928 2,432,540
6 ڄامشورو 11,204 - 89 993,908 1,117,308
10 مٽياري 1,417 494,244 543 770,040 849,383
18 ٽنڊو الھيار 1,554 493,526 540 838,527 922,012
19 ٽنڊومحمد خان 1,423 438,624 476 677,098 726,119
21 ٺٽو 8,570 1,113,194 115 982,138 1,083,191
22 سجاول 8,785 - 89 779,062 839,292
17 سکر سکر 5,165 908,373 176 1,488,372 1,639,897
8 خيرپور 15,910 1,546,587 97 2,405,190 2,597,545
3 گھوٽڪي 6,083 970,549 160 1,648,708 1,772,609
9 لاڙکاڻو لاڑڪاڻو 1,948 1,927,066 781 1,521,786 1,784,453
5 جيڪب آباد 2,698 1,425,572 373 1,007,009 1,174,097
7 ڪشمور 2,580 - 423 1,090,336 1,233,957
14 قمبر-شهدادڪوٽ 5,475 924,294 244 1,338,035 1,514,869
16 شڪارپور 2,512 880,438 350 1,233,760 1,386,330
13 نوابشاھ نوابشاھ 4,502 1,071,533 238 1,613,506 1,845,102
12 نوشهروفيروز 2,945 1,087,571 369 1,612,047 1,777,082
15 سانگھڙ 10,728 1,453,028 135 2,049,873 2,308,465
11 ميرپور خاص ميرپورخاص 2,925 1,569,030 536 1,504,440 1,681,386
20 ٿرپارڪر 19,638 914,291 84 1,647,036 1,778,407
23 عمرڪوٽ 5,608 - 191 1,073,469 1,159,831
24 ڪراچي گلشن (ڪراڇي اوڀر) 139 - 20,686 2,875,315 3,921,742
25 ڪراچي (ڪراچي دڪڻ) 122 - 14,502 1,769,230 2,329,764
26 ناظم آباد (ڪراڇي مرڪزي) 69 - 43,064 2,971,626 3,822,325
27 ملیر 2,160 - 891 2,008,901 2,432,248
28 ڪورنگي 108 - 23,866 2,577,556 3,128,971
29 اورنگي (ڪراڇي اولھ) 370 - 5,614 2,077,228 2,679,380
30 ڪیاماڙي 559 - 3,273 1,829,837 2,068,451
صوبو سنڌ 135,306 30,439,893 225 47,854,510 55,696,147

سنڌ ۾ ضلعن جي تاريخ

[سنواريو]

سال 1843ع ۾ جڏھن سر چارلس نيپيئر ميرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ته ھن 57,532 چورس ميلن جي ايراضيءَ واري ھن ملڪ کي ٽن انتظامي حصن ۾ ورھائي ڇڏيو. ھن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور تي ٻڌل ٽي ڪليڪٽوريٽ ٺاھيون. شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ موجوده سکر ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن جا سمورا علائقا ۽ دادو ضلعي جا ڪجھه علائقا جھڙوڪ ڪڪڙ، ميھڙ، دادو، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقا شامل ھئا. حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ نوابشاھه (نوشھري ضلعي سميت)، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا سمورا علائقا شامل ھئا. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جون حدون ٺٽي ۽ محال ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي تعلقن تائين پکڙيل ھيون جن ۾ سن وارو علائقو به اچي ٿي ويو. سال 1847ع ۾ جڏھن چارلس نيپيئر ریٽائر ٿيو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائي ذيلي صوبي جي حيثيت ڏئي ھڪ ڪمشنر جي ماتحت ڪيو ويو پر ان ڪمشنر جا اختيار عام ڪمشنرن کان گھڻو وڌيڪ ھئا. تن ڏينھن ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعو (جيڪب آباد) ۽ ٿر ۽ پارڪر جي نالي سان نوان ضلعا ٺاھيا ويا. موجوده سانگھڙ ضلعو ان وقت ٿر ۽ پارڪر ضلعي جو حصو ھو. اھڙي طرح 19ھين صديءَ جي ختم ٿيڻ وقت سنڌ جا پنج ضلعا ڪراچي، حيدرآباد، ٿر ۽ پارڪر، شڪارپور ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعا ھئا جڏھن ته خيرپور جي الڳ رياست واري حيثيت ھئي. 20ھين صديءَ جي شروعات ٿيندي ئي سال 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي کي ورھائي سکر ۽ لاڙڪاڻي نالي سان ٻه نوان ضلعا وجود ۾ آندا ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جون حدون دادو ضلعي تائين پکڙيل ھيون جڏھن ته شڪارپور ضلعي کي سکر ضلعي ۾ شامل ڪري ضلعي ھيڊ ڪوارٽر به سکر ۾ آندو ويو. سال 1912ع ۾ حيدرآباد ضلعي جا ڪي علائقا ۽ ٿر ۽ پارڪر ضلعي جو سنجھورو ۽ ڪي ٻيا علائقا ڪڍي نوابشاھه جي نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. سال 1931ع ۾ ڪڪڙ، ميھڙ، دادو، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقن کي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري ۽ محال ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي تعلقن کي ڪراچي کان ڌار ڪري دادو ضلعي جي نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. سال 1843ع ۾ سنڌ جي جيڪا ايراضي ھئي اُن ۾ سال 1911ع کان 1921ع واري عرصي ۾ ڪجھه گھٽتائي آئي جو 551 چورس ميلن جو سر (سِير) ڪريڪ ۽ کوڙي ڪريڪ وارو علائقو ڪراچي ضلعي کان ڌار ڪري ھندستان جي ڪڇ رياست حوالي ڪيو ويو. سال 1936ع ۾ جڏھن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿيو ته ان وقت سنڌ جا اَٺ ضلعا ھئا جن ۾ ڪراچي، ٿر ۽ پارڪر، حيدرآباد، دادو، نوابشاھه، لاڙڪاڻو، سکر ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر شامل ھئا. خيرپور رياست الڳ ھئي. سال 1936ع ۾ الڳ صوبي واري حيثيت بحال ٿيڻ کان سال 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تائين سنڌ جي انتظامي يونٽن ۾ ڪي خاص تبديليون ڪونه آيون پر پاڪستان ٺھڻ جي ھڪ سال اندر 23 جولاءِ 1948ع تي 812 چورس ميل جو علائقو ڪراچيءَ واري ضلعي مان ڪپي پاڪستان جي مرڪزي انتظام ھيٺ ملڪ جي گاديءَ لاءِ مخصوص ڪيو ويو ۽ باقي علائقي کي ٺٽي ضلعي جو نالو ڏنو ويو. ڪراچي ساڳي وقت سنڌ جي گاديءَ وارو شھر به ھو. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت 3,079 چورس ميل جو علائقو جيڪو رڻ ڪڇ سان مليل ھو، سنڌ کي ملي ويو، پر ڪراچيءَ کي ڇڏي سنڌ جي ضلعن جو انگ وري به 8 ئي رھيو. سال 1953ع ۾ اھو انگ 9 ٿي ويو جڏھن نوابشاھه جا ٻه تعلقا شھدادپور ۽ سنجھورو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ٻه تعلقا سانگھڙ ۽ کپرو ڌار ڪري سانگھڙ نالي سان ضلعو وجود ۾ آندو ويو. سال 1955ع جو سال سنڌ لاءِ چڱو ثابت ڪو نه ٿيو جو پاڪستان جي حڪمرانن اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) کي اقتدار کان محروم رکڻ لاءِ اولھه پاڪستان جي سمورن صوبن کي ختم ڪري ھڪ صوبو ٺاھي ڇڏيو. ون يونٽ جو نزلو خيرپور رياست تي به ڪريو جو ان جي الڳ حيثيت کي ختم ڪري ھڪ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ان نئين انتظام ھيٺ سنڌ کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو. ھڪ ڊويزن ھئي خيرپور جنھن ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھه ۽ خيرپور ضلعا شامل ھئا ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر به خيرپور ۾ ھو ۽ ٻي ڊويزن حيدرآباد ھئي، جنھن ۾ دادو، حيدرآباد، ٺٽو، سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعا شامل ھئا. ان ساڳي زماني ۾ بلوچستان جي اوستا محمد ۽ جھٽ پٽ تعلقن تي مشتمل نصيرآباد سب ڊويزن جا علائقا سبي ضلعي کان الڳ ڪري اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو جنھن جو نالو ان کان اڳ مٽائي جيڪب آباد ضلعو رکيو ويو ھو. ھوڏانھن پھرين فبروري 1960ع تي ٺٽي ضلعي جا 37 ڳوٺ ڪڍي ڪراچيءَ ۾ شامل ڪيا ويا ھئا جڏھن ته 26 مارچ 1961ع تي ڪراچيءَ کي به ون يونٽ تحت اولھه پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سندس گاديءَ واري حيثيت ختم ٿي وئي. ان وقت لسٻيلي ۽ ڪراچيءَ تي مشتمل ڌار ڊويزن ٺاھي وئي. اھڙي طرح سال 1961ع ۾ سنڌ اندر ٽي ڊويزنون ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ھيون. سال 1968ع ۾ سنڌ کي وري نقصان ٿيو جو بين الاقوامي عدالت جي فيصلي ھيٺ رڻ ڪڇ واري سرحد جو نئين سر تعين ٿيو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ڪيترائي علائقا ھندستان کي ڏيڻا پيا. سال 1969ع ۾ ون يونٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ سال 1970ع ۾ ان فيصلي تي عمل ڪندي صوبن جي حيثيت بحال ڪئي وئي. ساڳي طرح بلوچستان جي سبي ضلعي جا جيڪب آباد ۾ شامل ڪيل علائقا ۽ لسٻيلو ضلعو واپس ڪيا ويا. ڊويزنن جو تعداد ساڳيو ٽي رھيو. ڪراچي ڊويزن ۾ ھڪ ئي ضلعو ھو جنھن ۾ 91 ڳوٺ ۽ پنج ٻيٽ به شامل ھئا. حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ پنج پنج ضلعا جاري رھيا. اھڙي طرح ان وقت سنڌ ۾ ڪل يارھن ضلعا ھئا. ڀُٽي صاحب جي حڪومت ۾ سال 1975ع ۾ حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن جا ڪي تعلقا ڪڍي بدين جو نئون ضلعو ٺاھيو ويو جڏھن ته سال 1977ع ۾ سکر ضلعي جا علائقا ڪڍي شڪارپور جو نئون ضلعو ٺاھيو ويو جنھن سان ضلعن جو تعداد وڌي تيرھن ٿي ويو. سال 1972ع ۾ سنڌ اندر ڊويزنل سيٽ اپ ختم ڪيو ويو پر سال 1974ع ۾ وري ان کي بحال ڪيو ويو. بھرحال خيرپور پنھنجي حيثيت وڃائي ويٺي جو سکر کي ڊويزن جو درجو ڏئي خيرپور مان ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽر به سکر منتقل ڪيو ويو. ان عرصي ۾ ڪراچي کي ٽن ضلعن اوڀر، اولھه ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ ورھايو ويو ھو. سال 1980ع واري ڏھاڪي تائين سنڌ ۾ اھي ٽي ڊويزنون ھيون جن ۾ ضلعن جو تعداد ۽ ورڇ ھن ريت ھئي:

• ڪراچي (اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ضلعا)،

• حيدرآباد (حيدرآباد، ٺٽو، سانگھڙ، ٿرپارڪر، دادو ۽ بدين) ۽

• سکر (جيڪب آباد، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوابشاھه ۽ شڪارپور).

اھڙي طرح ڪراچيءَ جي ٽن ضلعن کي ملائي ڪل تعداد پندرھن ٿي ويو. انھيءَ ڏھاڪي ۾ اڳتي ھلي گھوٽڪي ضلعو ٺاھيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ سينٽرل ضلعو ٺاھي شھري ضلعن جو تعداد چار ڪيو ويو. اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ ئي اڳتي ھلي ٿرپارڪر ضلعي جا ڪي تعلقا الڳ ڪري عمرڪوٽ ضلعو ٺاھيو ويو.

شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين حڪومت ۾ 1990ع ۾ نوابشاھه ضلعي جا ڪي علائقا ڌار ڪري نوشھرو فيروز نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. سال 1993ع ۾ وري ڪراچيءَ ۾ ملير ضلعو ٺاھي ڪراچيءَ جي ضلعن جو تعداد پنج ڪيو ويو. آگسٽ، 2000ع کان لاڳو مڪاني ادارن جي ناظمن واري نظام ھيٺ ڪراچيءَ جي ضلعن جي حيثيت ختم ٿي وئي ھئي پر 11 جولاءِ، 2011ع تي جڏھن اھو سرشتو ختم ٿيو ته ڪراچيءَ جا سمورا ضلعا وري بحال ٿي ويا. 13 ڊسمبر، 2004ع تي دادو ضلعي کي ڪٽي ڄامشورو ضلعو ۽ 24 ڊسمبر، 2004ع تي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڪٽي قمبر شھدادڪوٽ ضلعو ٺاھيو ويو جڏھن ته جُون، 2005ع ۾ ھڪ ئي ڌڪ سان حيدرآباد ضلعي کي ٽُڪر ڪري مٽياري، ٽنڊو الھيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا ٺاھي حيدرآباد ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو ويو. ناظمن واري نظام ھيٺ ڪمشنريءَ وارو سرشتو به آگسٽ، 2000ع ۾ ختم ڪيو ويو ھو تنھنڪري سنڌ ۾ ڪابه ڊويزن ڪانه رھي. نيٺ 11 جولاءِ، 2011ع تي پيپلز پارٽي حڪومت ان سرشتي کي بحال ڪيو ۽ پنج ڊويزنون ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص (پويون ٻئي ڊويزنون سال 1990ع واري ڏھاڪي ۾ سکر ۽ حيدرآباد ڊويزنن مان ڪجھه ضلع الڳ ڪري ٺاھيون ويون) ڪم ڪرڻ لڳيون.

ھاڻي جڏھن پيپلز پارٽي حڪومت ٻه نيون ڊويزنون ٺاھيون آھن ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي ضلعو ٺاھي ڪراچيءَ جي ضلعن جو تعداد ڇه 6 ڪيو ويو آھي ته سنڌ ۾ ڊويزنن جون انگ وڌي ست ٿي ويو آھي جڏھن ته ضلعن جو تعداد 30 ٿي چڪو آھي.[3]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "حتمی نتائج (مردم شماری-2017) - سندھ". pbs.gov.pk. پاکستان بیورو آف سٹیٹسٹکس. وقت 2013-07-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-06-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2023 Census of Pakistan (PDF), Pakistan Bureau of Statistics  (edited)
  3. 1843 کان 2014 ٽن کان 29 ضلعن تائين سنڌ جو انتظامي سفر ! | Affair - افيئر[مئل ڳنڍڻو]