بشير احمد قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بشير احمد قريشي
 

معلومات شخصيت
ڄم 10 آگسٽ 1959  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
رتوديرو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 7 اپريل 2012 (53 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
سڪرنڊ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻار صعنان خان قريشي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي سنڌي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي،اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

بشير خان ولد غلام مرتضىٰ قريشي 10 آگسٽ 1959 تي رتو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ جو قومپرست نوجوان ليڊر ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ھو.[2]

شروعاتي جيون[سنواريو]

بشير خان جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري مان ئي حاصل ڪيائين. انٽر سي انڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين.

بشير خان قريشي 1976 ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي. جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1980 ۾ جساف زرعي يونيورسٽي جو صدر چونڊيو ويو. بشير خان قريشي جي ايم سيد جي تمام ويجهو رهيو.

قريشي صاحب طبيعت ۾ سڌو سنئون ۽ کري قسم جو ماڻهو ھو. منجهس روايتي سياستدانن واريون چالون ڪو نه ھيون. پاڻ ڏاڍو خوش اخلاق، خوش مزاج، رلڻو ملڻو ۽ کل مک انسان ھو. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيو. بشير قريشي ڪيترائي سال سنڌ جي حقن جو آواز اٿارڻ سبب قيد پڻ ڪاٽي.

سياسي جدوجھد[سنواريو]

بشير قريشي جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ھيو، ھن 23 مارچ تي ھر سال ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻھن کي گڏ ڪري دُنيا جي وڏن ملڪن سميت گڏيل قومن کان سنڌ جي آزاديءَ جي گُھر ڪندو رھيو. جنھن تي آمريڪا پڻ نوٽيس ورتو ھيو.[حوالو گھربل]

موت[سنواريو]

بشير احمد خان قريشي کي مبينا طور 7 اپريل 2012ع تي زھر ڏئي ماريو ويو، سندس جسم جو پوسٽ مارٽم نہ ڪيو ويو ۽ سندس کاڌي جا جُزا مُبينا طور مَٽايا ويا.[حوالو گھربل]

حوالا[سنواريو]