سڪرنڊ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سڪرنڊ تعلقو
تعلقو سڪرنڊ
تعلقو
Talku Sakrand
سڪرنڊ تعلقو is located in Pakistan
سڪرنڊ تعلقو
سڪرنڊ تعلقو
سڪرنڊ تعلقو is located in سنڌ
سڪرنڊ تعلقو
سڪرنڊ تعلقو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°08′N 68°16′E / 26.133°N 68.267°E / 26.133; 68.267مڪانيت: 26°08′N 68°16′E / 26.133°N 68.267°E / 26.133; 68.267
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شھيد بينظيرآباد ضلعو
ڪل يونين ڪاؤنسلون 12
آبادي
 • ڪل 3,91,150


سڪرنڊ تعلقو(انگريزي: Taluka Sakrand ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام سڪرنڊ شھر آھي.

تاريخ[سنواريو]

تحقيق کان پوءِ ڄاڻ ملي ٿي تہ چھانيون ۽ بوهيون جو دڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ وڏا آثار قديم آهن. جيڪي جمال ڪيرئي ڀرسان 20 ايڪڙ ۽ اوچائي 50 سود آهي. وڌيڪ تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته قديم زماني جو وڏو شهر هو، جنهن ۾ واپار وڏي پيماني تي هلندو هو. جنهن کي دريائي وهڪرن ۽ ٻوڏ تباھ ڪيو. ڳوٺ دليل ديرو جي اولھ طرف ٻه دڙا لڌار جي نالن سان مشهور آهن، جيڪي سلطان علاوالدين جي لشڪر جي گهوڙن جي لڏن جي گڏ ٿيڻ وارا ٻڌايا وڃن ٿا ڏکڻ طرف شهيد جيو جنگ جو مقبرو آهي. جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته علاوالدين جي لشڪر جي طرفان هن بزرگ ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. محمد بن قاسم سيوهڻ ويندي ساوڙيءَ لڳ اچي ترسيو.

نالو[سنواريو]

سڪرنڊ جي لاءِ اهو به مشهور آهي ته هتي وڏي ڍنڍ هئي هتي مهاڻا رهندا هئا. هڪ مهاڻي سڪرنڊ نالي پويان هي شهر آباد ٿيو. ڍنڍ جو مٺو پاڻي ۽ لذيذ هو جنهن کي ”شڪر ڍنڍ “ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مير فتح علي خان ڍنڍ جي ڀرسان ترسيو کيس آبهوا ۽ نظارو ڏاڍو وڻيو اتر طرف قلعو فتح آباد ٺهرايو اڳتي هلي شڪر مان سڪرنڊ ۾ تبديل ٿي ويو.

تعلقي جا علائقا[سنواريو]

هتي لاءِ مشهور آهي هتي چنبيليءَ جا گل پيدا ٿين ٿا. ميرن جو ڍنڍ جي وچ تي محلات اڏيو ميرن جي دور حڪومت ۾ هڪ قلعو دليل ديرو تقسيم ڪرايو جيڪو اٺن ايڪڙن ۽ ٻٽن گهٽين تي مشتمل آهي. جنهن جي ويڪر 22 فٽ ۽ اوچائي 60 فٽ آهي 12 مورچا اٿس تاريخ جي حوالي سان چهانهون جو دڙو، دليل ديرو، لڏهار، فتح آباد قلعو، وينجهورو، ڪمب ليمان مسجد، جيو جنگ شهيد، حمل فقير درگاهه قائم آهي. سڪرنڊ ۾ 1935ع ۾ انگريزن ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي، جنهن سان هن شهر جي قسمت کلي روهڙي ڪئنال هن شهر مان وهي ٿو. تاريخ جي لحاظ سان سرسبز، شاداب ۽ خوشحال علائقو رھيو آهي.

ديھون[سنواريو]

سڪرنڊ تعلقي ۾ ڪل 64 ديھون واقع آهن.

سڪرنڊ تعلقي جون ديھون[1]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 ڀورا 2 راھب شاھ 3 محراب پور 4 ماڙي
5 لڌو چانڊيو 6 فتحپور 7 ڄام جوڌو 8 فريد ڪيريو
9 سڪرنڊ 10 جلالاڻي 11 رئن بوبڪ 12 ڀٽا
13 ڊاڍ 14 ڏنوشاھ 15 ستپوري 16 دليل ڏيرو 1
17 دليل ڏيرو 2 18 بٺو 19 سکيو مناھجو 20 سمو راھو
21 بچل راھو 22 سوڀو لنڊ 23 ماروي 24 دڙي
25 اخراج 26 نور ڀورا 27 بھاول شاھ 28 بائو
29 ٻيلو لاکاٽ 30 ٻيلو مڏ 31 ٻيلو ماڙي 32 ٻيلو مھرابپور
33 ٻيلو ناصري 34 ڀراڙو 35 چن بئار 36 ڇتن شاھ
37 گھرام مري 38 گولو ڏاھري 39 ھالا واھر 40 جادو جوڻو
41 جمال ڪيريو 42 کاڌڙ 43 ڪوٽ ڌڱاڻو 44 ڪمب ليما
45 لاکا جاگير 46 لاکا 1 47 لاکا 2 48 لاکاٽ
49 لال محمد ڀيڻجو 50 مڏ 51 موريو لاکو 52 موڙي
53 منھار 54 ناقور 55 روميو 56 صابو راھو
57 سکپور 58 سٽيارو 59 ٽالي 60 ٺارو انڙ
61 ترچي 62 ترچي 2 63 ٽوڙي 64 يختيار خان

مشھور شخصيتون[سنواريو]

هن علائقي جي سياسي شخصيتن ۾ محرابپور جا سيد،

  • سيد پير شاھ،
  • سيد اسحاق شاھ،
  • سيد حسن بخش شاھ،
  • شبير احمدشاھ،
  • بشير احمد شاھ،
  • سيد غلام مصطفي شاھ عرف مير شاھ ۽
  • غلام علي شاھ،
  • حاجي امام علي انڙ،
  • غلام رسول انڙ،

ڳوٺ شهمير راهو جو

  • حاجي الهداد خان راهو،
  • سردار مشتاق راهو

حاجي غلام نبي راهوشامل آهن.

ان کان سواءِ

  • مشهور شاعر حمل فقير به ھن تعلقي جو رهاڪو هو.
  • سڪرنڊ تعلقي اندر ڳوٺ مجيد ڪيرئي جي سائين جي ايم سيد جو فرزند امداد محمد شاهه سياسي ۽ سماجي حوالي سان تمام گهڻي مشھور رھيو. سندس فرزند جلال محمود شاھ سنڌ اسميبلي جو ميمبر ۽ ڊپٽي اسپيڪر رهيو.
  • پنهل خان چانڊيو سندس ٻہ فرزند غلام عباس چانڊيو ۽ غلام قادر چانڊيو، ڳوٺ ڪرم علي جمالي جو مير مقبول جمالي، ڪيرين جو سردار عبدالستار ڪيريو،

موراڻي جا لاکا جن ۾

  • حاجي الله بخش لاکو،
  • نور محمد لاکو،
  • شاعر حمل فقير،
  • ڇٽو فقير ،
  • حاجي محمد سمون ،
  • حافظ فيض محمد جمالي،
  • خليفو محمد خان جمالي،
  • درد علي حسن مري،
  • دوست محمد لکير ،
  • ڌڻي بخش ملاح،
  • سونو ملاح،
  • شير محمد لغاري،
  • تاج جويو،
  • خاڪي جويو،
  • ضيا خيانروي ،
  • پير الرحمان عالمگير،
  • مولوي عبدالعزيز چانڊيو،
  • مولوي عبدالله کڏهري،
  • علي بخش نوناري،
  • مولوي غلام رسول جمالي،
  • عبدالرسول قادري ،
  • قائم الدين خاصخيلي ،
  • ڪرام الاهي چنا
  • ڪرت پاڀاڻي
  • الطاف سومرو
  • لطيف پيرزادو
  • ماڻڪ ملاح ،
  • محمد جعفر سمون،
  • محمد صديق مڱيو،
  • محمد ملوڪ انڙ ،
  • مشتاق سومرو،
  • ڊاڪٽر مظهر سومرو،
  • حڪيم معين الدين خياروي،
  • منور ملاح ،
  • مير حسن لاکو،
  • مير محمد پيرزادو،
  • هدايت ڪيريو،
  • نبي بخش چانڊيو،
  • نواز ڏاهري،
  • هدايت الله قريشي،
  • مشهور ڊاڪٽر اسماعيل کوکر،
  • الاهي بخش سومرو،
  • اي.ڊي ڪيريو،
  • ڊاڪٽر محبوب الاهي،
  • ڊاڪٽر غلام نبي انڙ (آمريڪا)،
  • ڊاڪٽر نظام الدين لاشاري،
  • سيد حاجن شاهه،
  • ڊاڪٽر شفيق منگيو،
  • ڊاڪٽر مسعود خاصخيلي،
  • ڊاڪٽر رحيم جمالي،
  • ڊاڪٽر مسعود ميمڻ ،
  • ڊاڪٽر پريم چند،
  • ڊاڪٽر رحيم جمالي،
  • ڊاڪٽر شفقت گل،
  • مشهور صحافي عاجز جمالي،
  • غلام قادر چانڊيو،
  • رمضان چانڊيو،
  • آصف شيرازي،
  • قاضي جاويد،
  • مشهور لوڪ فنڪار پنهل فقير،
  • ڪڙيو فقير،
  • محمد عظيم ملاح،
  • مشهور سماجي ورڪر قربان شاهه،
  • حميد آرائين ،
  • خير محمد چنا،
  • مشهور ملهه حمزو حجم،
  • مينهون جلالاڻي،

مشهور تاريخي ماڳ[سنواريو]

  • دليل ديرو،
  • ونجهورو،
  • ڪنب ليمان
  • مسجد، شڪر ڍنڍ۽ فتح آباد آهن.

درگاهون[سنواريو]

  • خياري شريف،
  • درگاهه حمل فقير،
  • درگاهه پير ذاڪري،
  • پير شاهه جيلاني آهن.

جاگرافي[سنواريو]

تعلقي سڪرنڊ جي ڪل آبادي 3،91150 آهي ۽ 12 يونين ڪائونسل: سڪرنڊ1، سڪرنڊ2 ، پير ذاڪري، ماروي، ڀورا، گوهرام مري، محراب پور، حمل فقير، ڪنب ليمان، کڏهر، ڪرم علي جمالي،۽ دليل ديرو آهن. تعلقي جا مشهور ۽ وڏا ڳوٺ ماڙي جلباڻي، ماڙي سابڪي، دڙي مگسي، پنهل خان چانڊيو آهن. سڪرنڊ جي اولهه طرف مڏ وٽ سنڌو درياءَ بند سان ٽڪرائجي ٿو. سنڌو درياءَ تي ميڪارو بند وٽان پل زير تعمير آهي.

تعلیم[سنواريو]

تعلقي سڪرنڊ ۾ ڪيترائي پرائمري ،مڊل ۽ هاءِ اسڪول هڪ ڊگري ڪاليج، وٽرنري يونيورسٽي، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو تحقيقي ادارو، پوليس ڪمانڊو ٽريننگ سيٽر آهن.

صحت[سنواريو]

تعلقي سڪرنڊ ۾ هڪ تعلقه اسپتال، ٻه آر.ايڇ.سي.سينٽر، 10 بنيادي صحت مرڪز ۽ ڪيتريون ئي گورنمينٽ ڊسپينسريون صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن.

معيشت[سنواريو]

صنعتي لحاظ سان سڪرنڊ شگر مل، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن،۽ ڪيترائي ڦٽيون ٽاڻڻ جا ڪارخانا آهن.سڪرنڊ جي اولهه طرف مشهور شڪار گاهه پئي ٻيلو آهي.نانگ جي بچاءُ جي ويڪسين تيار ڪرڻ جو تحقيقي ادارو پڻ قائم ڪيو ويو آهي.

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

سڪرنڊ تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.

  1. ڪنب ليمان
  2. حمل فقير
  3. سڪرنڊ
  4. دليل ديرو
  5. پير ذاڪري
  6. ماروي
  7. محراب پور
  8. ڀورا
  9. گهرام مري
  10. کڏهر
  11. ڪرم جمالي

حوالہ جات[سنواريو]

  1. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]