ھٿرادو ذھانت
ھٿرادو ذھانت (artificial intelligence) يا مختصر طور تي AI، ذھانت، سمجهه، ولوڙ ۽ معلومات جي پرک؛ جيڪا مشينن پاران ڏيکاري ويندي آھي، اھا جانورن ۽ انسانن جي ذھانت کان مختلف ھوندي آھي. ان جي مثالي ڪمن ۾ ڳالھ سمجهڻ، ڪمپيوٽر جو ڏسڻ، قدرتي زبانن جي وچ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ ٻين انپٽ (Input) جو جواب ڏيڻ آھي.
هٿرادو ڏاهپ يا ذھانت جي ڪاريگري وڏي پيماني تي صنعتي ڪارونھوار، حڪومتي ۽ سائنسي تاڃي پيٽي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه اعليٰ ڳڻپيوڪري ايپيلڪشن يا ادارا جيڪي هٿرادو ذھانت جي مدد سان ڪم ڪري رهيون آهن مثلن گوگل ان ڪاريگري کي جديد ڄاڻ جي ڳولھا لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. يو ٽيوب، ايمازون ۽ نيٽ فلڪس جھڙا ادارا سفارشي سرشتي (ريڪيمينڊشن سسٽم) ۾ پڻ هٿرادو ذھانت (AI) کي استعمال ڪري رهيا آهن. انساني آوازن کي سمجھڻ لاءِ جهڙوڪ سِري (SIRI) يا اليڪزا يا گوگل هوم، يا پاڻ مرادو هلندڙ ڪارون، يا گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاريگري، مثال طور ويمو (Waymo)، تخليقي اوزار جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي (ChatGPT)، مِڊجرني يا ڊي.ايل.ايِ. جھڙن ايپليڪشنن ۾ پڻ هٿرادو ذهانت جي ڪاريگري استعمال ڪئي ويندي آهي, ان سان گڏ اعليٰ سطح تي راندين جھڙوڪ، شطرنج ۽ گو گيم جهڙين راندين لاءِ پڻ هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
هٿرادو ذهانت جو بنياد 1956ع ۾ هڪ تعليمي ضابطي جي طور تي رکيو ويو هو. هٿرادو ذهانت تعليمي نظامن ۾ ڦوڙي نه هجڻ جي ڪري ڪيترو ئي وقت نااميدي سان گذرندو رهيو. پر 2012 کان پوءِ، جڏهن ڳوڙهو علم سڀني هٿرادو ذهانت جي ڪاريگرين کان اڳتي وڌيو، اتي ڦوڙيءَ ۽ دلچسپي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو.
مقصد
[سنواريو]ٽيڪنڪس
[سنواريو]ايپليڪيشنون
[سنواريو]اخلاقيات
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]فلسفو
[سنواريو]مستقبل
[سنواريو]افسانن ۾
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]خارجي لنڪس
[سنواريو]ھٿرادو ذھانت بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
معني ڏسو وِڪِشنري تي | |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان |
- Artificial Intelligence. BBC Radio 4 discussion with John Agar, Alison Adam & Igor Aleksander (In Our Time, 8 December 2005).