مٿيون ايوان
ڏيک
مٿيون ايوان ، ايوان بالا(انگريزي: upper house) ٻہ ايواني(انگريزي: bicameral) يا ٽي ايواني(انگريزي: tricameral) پارليامينٽٽ جو ھڪ ايوان جتي بحث ٿيندو آهي [1] ھي ايوان اختيارن ۾ ھيٺين ايوان کان گھٽ اختيار وارو يا محدود اختيارن وارو آھي. اھڙا قانون ساز ادارا جيڪي ھڪ ايوان وارا ھوندا آھن انھن ۾ مٿيون ايوان يا ھيٺيون ايوان ڪانہ ٿيندو آهي.پارلياماني نظام ۾ سينيٽ جا اختيار محدود ھوندا آھن ء ان جو ڪردار مشاورت ۽ نگراني وارو ھوندو آھي ۽ انتظاميہ تي ان جو ضابطو نہ ھوندو آھي
ايوان جا نالا
[سنواريو]ھن ايوان جا مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا آھن جن مان ڪجهه ھيٺ ڏنل آھن.
- سينيٽ: پاڪستان، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، آسٽريليا، فرانس، اٽلي
- راجيہ سڀا: انڊيا
- ھائوس آف لارڊز: يونائيٽيڊ ڪنگڊم
- فيڊريشن ڪائونسل:روس
- شيئانڊ(انگريزي: Seanad): آئرلينڊ
- ديوان نيگارا: ملائيشيا
- بنڊس راٽ(انگريزي: Bundesrat):جرمني
- ڪائونسل آف اسٽيٽس: سوئيٽزرلينڊ
مٿئين ايوان ۽ ھيٺين ايوان ۾ فرق
[سنواريو]مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان ھيٺين مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڳالھ جي ڪري مختلف ھوندو آهي
اختيار:
- پارلياماني نظام ۾ مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان اختيارن ۾ گھٽ ھوندو آھي، تنھنڪري اھڙن ملڪن ۾ مٿين ايوان ۾
- ووٽنگ جو عمل صرف محدود قانوني معاملن تي ٿيندو آهي يا
- امن ۾ مالياتي معاملن ۾ ووٽنگ نہ ٿيندي آهي.
- ھي ايوان حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ووٽنگ جو اختيار نہ رکندو آهي.
- صدارتي نظام ۾
- ھن ايوان جا اختيار ھيٿين ايوان جي اختيارن برابر ھوندا آھن
- ھن ايوان کي مخصوص اختيار بہ ھوندا آھن جيڪي ھيٺين ايوان کي نہ ھوندا آھن جھڙوڪ:
- ھي ايوان ڪابينہ جي وزيرن، ججن ، سفيرن جي مقرري جھڙن معاملن وارن انتظامي فيصلن ۾ مشورو ۽ مرضي ڏيندو آهي.
- ھيٺين ايوان طرفان قرارداد پاس ٿيڻ جي صورت ۾ ھي ايوان حڪومتي عھدن تي يا آفيسن تي مقرر ٿيلن جي خلاف مواخذي(انگريزي: impeachment) جون ڪاروائيون ڪندو آھي.
- ھن ايوان کي عھدنامن يا حڪومتي معاھدن جي توثيق ڪرڻ جو بہ اختيار ھوندو آھي.
رتبو
- ڪجهه ملڪن ۾ ھن ايوان جي ميمبرن جي چونڊ سڌي طرح يا اليڪشن ذريعي نہ ٿيندي آهي پر اڻ سڌي طرح، وراثت ، يا ايڪس آفيشو (مقرري) ذريعي ٿيندي آهي
- ھن اداري جي ميمبرن جي اليڪشن ۾ ووٽنگ جو طريقو ھيٺين ايوان جي طريقي کان مختلف ھوندو آھي. ھن ايوان ۾ متناسب نمائندگي ذريعي اليڪشن ٿيندي آھي.
- گھٽ آبادي واري رياستن ، صوبن ۽ انتظامي تقسيم ٿيل علائقن جي ھن ايوان ۾ نمائندگي بھتر طريقي سان ٿيندي آھي. جيئن پاڪستان ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جون سينيٽ ۾ سيٽون آبادي جي تمام وڏي فرق باوجود برابر آھن.
- ھن ايوان ۾ ميمبرن جو مدو ھيٺين ايوان جي ميمبرن جي مدي کان وڏو ھوندو آھي. ڪنھن ڪنھن ملڪ ۾ تہ ھن ايوان جي ميمبر تاحيات ميمبر رھندو آھي.
- ڪن ملڪن ۾ مٿئين ايوان جي تحليل نہ ٿيندي آهي
- اڪثر مٿئين ايوان جا ميمبر تعداد ۾ ھيٺين ايوان جي ميمبرن کان گھٽ ھوندا آھن.
- ھن ايوان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اميدوار جي عمر جي مقرر حد ھيٺين ايوان جي ميمبرن لاء گھربل حد کان وڏي ٿيندي آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Bicameralism (1997) by George Tsebelis